تقريظ
حضرت مولانا عبيدالله سنڌي ؓ بنا ڪنهن ٻاهرئين دٻاءَ ۽ اثر جي، خالص خدائي توفيق سان، ذاتي مطالعي جي بنياد تي سک مذهب ڇڏي اسلام قبول ڪيو هو. سندس ڀاڳ ڀڙايو جو کيس شروع ۾ ئي قادري سلسلي جي مشهور سنڌي بزرگ حضرت حافظ محمد صديق (ڀرچونڊي ضلع سکر) جي سرپرستي نصيب ٿي ويئي جنهن کيس پنهنجو پٽيلو ڪري پاليو. •
حضرت حافظ صاحب کان پوءِ سندس ٻن ڀلوڙ روحاني فرزندن حضرت ميان غلام محمد دين پوري ۽ حضرت مولانا تاج محمود امروٽي جن پنهنجي مرشد وانگر مولانا جي ڀرپور نموني سرپرستي ڪئي. انهن ئي ڏينهن ۾ کيس ديوبند جي حاضري ۽ اتي تعليم پرائڻ جي سعادت نصيب ٿي جتي ان وقت حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن جن جي عظيم شخصيت موجود هئي ۽ وٽانئس هڪڙو پورو جڳ جهان لاڀ پرائي رهيو هو مولانا سنڌي حضرت شيخ الهند جي استاد ۽ مرشد مولانا رشيد احمد گنگوهي کان به گنگوهه وڃي ڪري ڪافي وقت تائين فيض پرايو هو.
قدرت کيس غيرمعمولي صلاحيتن سان نوازيو هو. ذهانت ۽ ذڪاوت ۾ سندس ڪو جواب نه هو ۽ وري سندس عملي جوش ۽ جذبو به اهڙو هو جو سندس همعصر عالمن مان ورلي ڪو سندس گرد راهه کي پهچي سگهيو هوندو. سندس استاد محترم ڪيترائي ذميواري وارا ڪم سندس حوالي ڪيا ۽ هو سدائين پنهنجي استاد جي اعتماد تي پورو پورو لٿو. جمعيت الانصار کي جوڙڻ ۽ وڌائڻ، دهلي ۾ نظارة المعارف قائم ڪرڻ ۽ آخر ۾ ڪابل ڪهي وڃڻ، اسان جي دعويٰ جو دليل آهن ڇو ته اهي پنهنجي نموني جون انتهائي اهم ذميواريون هيون جن لاءِ هيڏي سڄي خلق مان حضرت شيخ الهند جي نظرِ انتخاب وڃي مولانا سنڌي تي بيٺي. سندس اهائي دل جي روشني ۽ ڏاهپ ان لاءِ مصيبت بنجي ويئي. (الا! ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن) تنهن ڪري سندس ڪن ساٿين علمي مسئلن جي آڙ وٺي کيس تڪفير جي تيرن سان رتورت ڪري ڇڏيو. نيٺ کيس ديوبند ڇڏڻو پيو. ديوبند جي تاريخ جو هي تمام اونداهو باب آهي. ديوبند، جيڪو هڪ عظيم الشان علمي ادارو هو، جيڪو هڪ سگهاري علمي تحريڪ جو مرڪز هو. اهڙي علمي تحريڪ، جنهن جو مقصد مسلمانن جي علمي ورثي جي حفاظت سان گڏوگڏ اهڙن مجاهدن کي تيار ڪرڻ هو جيڪي انگريزي ڌاڪ ۽ دٻدٻي جو هن ملڪ مان جنازو ڪڍي سگهن. هر ديانتدار مؤرخ ان ڳالهه جو ضرور اقراري هوندو ته ان عظيم علمي تحريڪ سان لاڳاپيل ماڻهن مان هڪ وڏي حصي پنهنجي بنيادي مقصدن جي حاصلات لاءِ تمام مٿاهين درجي جون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. بس سمجهو ته هنن پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏيو. پر پوءِ به ڪي ڳڻ ڳڻيا ماڻهو اهڙا به هئا جيڪي پنهنجي ڪن مصلحتن سبب انهن عظيم مقصدن کي هضم نه ڪري سگهيا ۽ ان سلسلي ۾ تمام ڪڌو ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ ڪڌي ڪردار جو هڪڙو حصو مولانا سنڌي خلاف سندن رويو ۽ طرزعمل به آهي جنهن سان نه رڳو مولانا سنڌيءَ مصيبتون سر تي سٺيون پر حضرت شيخ الهند به گهڻو پريشان رهيو.
اڄ ان مامري جو ڪوبه ڪردار جيئرو نه آهي، سڀ پنهنجي پالڻهار وٽ پهچي چڪا آهن. پر ديوبند جي تاريخ کان ان دور کي ڌار نٿو ڪري سگهجي. ضرورت هئي ته ڪو ڏاهو ڏات ڌڻي ان سڄي مامري تي تحقيقي نظر وجهي ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري انهن پردن هيٺ پيل سڀني رازن کي عوام آڏو آڻي تان ته حقيقتون الم نشرح ٿي وڃن. سو اسان جي فاضل محقق ڊاڪٽر ابو سلمان صاحب جيئن ٻيا ڪيترائي علمي ۽ تاريخي ڪم ڪيا آهن، تيئن هن معاملي تي به ڌيان ڏيئي وڏي محنت سان سمورو مواد گڏ ڪري ان انڌاري باب کي روشن ۽ واضح ڪري نئين ٽهيءَ آڏو آڻي رکيو اٿس. هن تحرير مان ڪن ماڻهن جي ناراضگي يقيني آهي پر تاريخ بهرحال تاريخ آهي ان سان ناراض ٿيڻ مناسب نه آهي. هونئن به اسين ۽ اسان جا وڏا معصوم ڪونه هئا. شال الله انهن جي روحن کي سڪون نصيب ڪري ۽ اسان کي سنئين واٽ تي هلڻ جي هدايت ڏئي. آمين
محمد سعيدالرحمان علوي