(چوڏهين باب جو آخري حصو)
(ريشمي خطن وارا سازشي)
164- مجاهدن جا گهڻگهرا ٿورا آهن، انهن جو حال احوال ڏيڻ به هن خط ڪتابت واري سلسلي جي هڪ ضروري ڪڙي آهي. اُهي ماڻهو جن کي اڳتي اسان ”ريشمي خطن وارا سازشي“ لکنداسين سي هندستاني مسلمانن جي مدد سان انهن سازشن کي ڪامياب ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا آهن. آگسٽ (1916ع) ۾ ان سازش جو راز کليو جيڪا سرڪاري ڪاغذن ۾ ”ريشمي خطن واري سازش“ جي نالي سان سڏجي ٿي. هيءَ هڪ اهڙي رٿا هئي جيڪا هندستان ۾ ئي تيار ڪئي ويئي هئي. ان جو مقصد هي هو ته اتر اولهه سرحدن کان هندستان تي هڪ حملو ٿئي هوڏانهن ملڪ اندر وري مسلمان بغاوت ڪري اٿن ته جيئن برطانوي سلطنت کي تباهه ۽ برباد ڪيو وڃي. ان رٿا تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي سگهاري بنائڻ لاءِ هڪڙي شخص مولوي عبيدالله پنهنجن ٽن ساٿين عبدالله، فتح محمد ۽ محمد علي کي ساڻ ڪري آگسٽ (1915ع) ۾ اتر اولهائين سرحدن کي پار ڪيو. عبيدالله سک مان مسلمان ٿيو آهي ۽ گڏيل صوبن (يو- پي) جي ضلع سهارنپور ۾ مسلمانن جي مذهبي مدرسه ديوبند ۾ هن مولوي جي تعليم پرائي آهي. اتي هن پنهنجي جنگي ۽ برطانيه مخالف خيالن سان مدرسي جي عملي مان ڪن ماڻهن ۽ ڪجهه شاگردن کي متاثر ڪيو ۽ سڀني کان اهم شخصيت جنهن تي هن پنهنجو اثر وڌو سو مولانا محمود حسن صاحب آهي جيڪو مدرسي جو گهڻي وقت کان هيڊ مولوي ٿي رهيو آهي. عبيدالله گهريو ٿي ته ديوبند جي مشهور مدرسي جي فارغ التحصيل مولوين جي مدد سان سڄي هندستان ۾ برطانيه مخالف ۽ اسلامي جوش جذبي جي تحريڪ هلائي پر ان رٿا آڏو مدرسي جو مهتمم ۽ انجمن جا ڪجهه ماڻهو آڏ بنجي پيا. انهن هن کي سندس ڪجهه ساٿين سميت مدرسي جي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو. ان ڳالهه جو به ثبوت ملي ويو آهي ته هو ڪڏهن ڪڏهن مصيبتن ۾ ڦاٿو رهيو پر پوءِ به هو مولانا محمود الحسن وٽ ايندو ويندو رهيو. مولانا جي جاءِ تي لڪيل اجلاس ٿيندا رهيا ۽ اها به خبر ملي آهي ته سرحد پار کان به ڪي ماڻهو اتي ايندا هئا. (18 سيپٽمبر 1915ع) تي محمود الحسن به هڪ شخص محمد ميان ۽ ڪجهه دوستن سميت عبيدالله وانگر ملڪ ڇڏي ويو پر هو اترين علائقن ڏي وڃڻ بجاءِ عرب جي صوبه حجاز ۾ رهڻ لاءِ روانو ٿيو.
عبيدالله ملڪ مان نڪرڻ کان اڳ دهلي ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو ۽ ٻه اهڙا ڪتاب ڇپرايا جن ۾ هندستاني مسلمانن کي جنگي ۽ مذهبي جوش جذبي جو سبق ڏنل هو ۽ کين جهاد واري اتاهين فرض ادا ڪرڻ لاءِ اڀاريو ويو. ان شخص جو پنهنجن دوستن سميت جن ۾ مولانا محمودالحسن به آهي عام مقصد اهو هو ته هندستان تي مسلمان حڪومتن طرفان هڪ زوردار حملو ڪرايو وڃي ۽ ملڪ اندر موجود مسلمانن جي بغاوت سان ان حملي کي وڌيڪ طاقتور بنايو وڃي.
هاڻي اسان انهن ڪوششن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي انهن ماڻهن پنهنجي مقصدن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيون هيون. عبيدالله ۽ سندس دوست اڳ ۾ سرحد جي مذهبي جيالن وٽ ويا ۽ ان کان پوءِ ڪابل پهتا هو اتي ترڪ جرمن وفد جي ميمبرن سان مليا ۽ انهن سان ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي. ڪجهه وقت کان پوءِ سندن ديوبندي دوست محمد ميان انصاري به ساڻن اچي مليو. هي شخص مولانا محمود الحسن سان گڏجي عربستان ويو هو ۽ (1916ع) ۾ هو جهاد وارو فرمان کڻي واپس آيو. جيڪو حجاز جي ترڪي فوجي حاڪم غالب پاشا مولانا محمود الحسن کي ڏنو. رستي ۾ محمد ميان ان تحرير، ”جيڪا غالب نامي جي نالي سان مشهور آهي“ جا نقل هندستان ۽ سرحدي قومن ۾ ورهائيندو آيو هو.
عبيدالله ۽ سندس سازشي ساٿين هڪ رٿا اها به تيار ڪئي هئي ته جڏهن برطانوي راڄ کي ميساريو ويندو تڏهن هندستان ۾ هڪ عارضي حڪومت قائم ڪئي ويندي. هڪ شخص نالي مهندر پرتاب ان جو صدر ٿيو. هي شخص هڪ کاڌي پيتي هندو گهراڻي جو خود خيال وهمي طبيعت جو ماڻهو آهي. 1916ع ۾ کيس سوئيزرلينڊ ۽ فرانس ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ويزا ملي ته هو سڌو جنيوا ويو اتي هو هرديال سان مليو ۽ هرديال هن جي ڪونسل سان سڃاڻپ ڪرائي ان کان پوءِ هو برلن هليو ويو.
(عبيدالله جي هڪ سٺي دوست مهندر پرتاب لاءِ لکيو آهي ته رٿائن تيار ڪرڻ ۾ انتهائي تيز ۽ غيرمعمولي ماڻهو هو ايئن لڳندو هو ڄڻ ته هو ڪنهن وڏي بادشاهي جو ڌڻي هجي پر ڪم ڪرڻ وقت بالڪل موڳو هوندو هو، محنت ڪرڻ کان نٽائيندو هو.) اتان کان (برلن کان) هن کي ڪنهن خاص مشن لاءِ موڪليو ويو ڇو ته جرمن ماڻهن تي هن پنهنجي شخصيت جو وڌائي چڙهائي اثر وڌو. عارضي حڪومت ۾ عبيدالله پاڻ هندستان جو وزير ٿيڻ وارو هو ۽ وري ڪرشنا ورما جو دوست ۽ آمريڪن غدار پارٽي جو ميمبر برڪت الله جنهن برلن کان ڪابل جو سفر ڪيو هو، سو عارضي حڪومت ۾ وزيراعظم ٿيڻ وارو هو. هي شخص ڀوپال رياست جي هڪڙي ملازم جو پٽ هو. انگلستان، آمريڪا ۽ جاپان مان ٿي آيو هو. هي شخص ٽوڪيو ۾ هندستاني ٻولي جو پروفيسر مقرر ٿيو اتي هن برطانيه جي خلاف هڪ نهايت تکي اخبار ”اسلامڪ فريٽر نٽي“ ڪڍي هئي اڳتي هلي ان اخبار کي جاپاني حاڪمن بند ڪري ڇڏيو ۽ تنهن بعد کيس ان عهدي تان به هٽايو ويو. پوءِ هو آمريڪا هليو ويو جتي پنهنجي غداري دوستن سان وڃي مليو.
اهي جرمني مان جيڪي مقصد کڻي افغانستان ۾ آيا هئا، سي جڏهن انهن ۾ ناڪام رهيا ته (1916ع) ۾ واپس هليا ويا مگر هندستاني اتي ئي رهيا.
عارضي حڪومت وارن روسي ترڪستان جي حاڪم ۽ زار روس کي خط لکيا. جن ۾ هنن لکيو ته روس کي گهرجي ته عظيم برطانيه جي اتحاد تان هٿ کڻي وڃي ۽ هندستان مان برطانوي راڄ کي ختم ڪرڻ لاءِ هلندڙ تحريڪن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿئي. انهن خطن تي مهندر پرتاب جون صحيحون ٿيل هيون. نيٺ اهي خط برطانيه جي ورچڙهي ويا، روسي شهنشاهه جي نالي جيڪو خط هو سو سون جي پتري تي لکيل هو، جنهن جو عڪسي فوٽو اسان کي ڏيکاريو ويو آهي.
عارضي حڪومت، ترڪي حڪومت سان اتحاد ڪرڻ جي به صلاح ڪئي هئي ۽ ان مقصد لاءِ عبيدالله پنهنجي پراڻي دوست مولانا محمود الحسن کي خط لکيو. ان خط سان گڏوگڏ مولانا محمد ميان انصاري 8 رمضان مطابق 9 جولاءِ 1916ع تي به هڪ خط لکي ان سان گڏ بند ڪري حيدرآباد سنڌ جي شيخ عبدالرحيم ڏي هڪ نوٽ لکي موڪليو. اهو شخص اڄڪلهه روپوش آهي. شيخ عبدالرحيم کي ان نوٽ ذريعي هدايت ڪيل هئي ته هو اهي خط ڀروسي جوڳي حاجي هٿان مولانا محمود حسن کي پهچائي. اهي خط هيڊي ريشمي ڪپڙي تي تمام سٺن اکرن ۾ صفائي سان لکيل هئا. محمد ميان جي خط ۾ هي ڳالهيون لکيل هيون.
جرمن ۽ ترڪ وفد جو اچڻ ۽ جرمنين جو واپس هليو وڃڻ ۽ ترڪن جو بي فائدو رهي پوڻ، غالب نامي جي اشاعت، عارضي حڪومت جي رٿا ۽ خدائي فوج جي رٿيل ترتيب ۽ بيهڪ. ان فوج بابت اها تجويز هئي ته ان لاءِ هندستان مان رنگ روٽ ڀرتي ڪيا ويندا ۽ مسلمان حاڪمن ۾ ٻڌي ۽ ايڪو پيدا ڪيو ويندو. محمود حسن انهن سڀني مامرن کي عثماني سلطنت تائين پهچائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. عبيدالله جي خط ۾ خدائي فوج جو هڪ نقشو هو ان فوج جو هيڊڪوارٽر مدينو ۽ جنرل انچيف محمود الحسن ٿيڻ وارو هو. ٻيا هيڊڪوارٽر مقامي جرنيلن جي هٿ هيٺ قسطنطنيه، تهران ۽ ڪابل ۾ قائم ٿيڻا هئا. ڪابل ۾ خود عبيدالله جرنيل مقرر ٿيڻ وارو هو. ان نقشي ۾ 3- سرپرست 12 فيلڊ مارشلن ۽ ٻين کوڙسارن وڏن فوجي آفيسرن جا نالا هئا. لاهور جي ڀڳل شاگردن مان هڪ ميجر جنرل هڪ ڪرنل ۽ ڇهه ليفٽيننٽ ڪرنل ٿيڻا هئا. جيڪي ماڻهو انهن وڏن عهدن لاءِ چونڊيا ويا هئا تن مان گهڻا اهڙا هئا جن سان ان مقرري بابت صلاح مشورو ڪونه ڪيو ويو هو، پر ريشمي خطن مان جيڪي خبرون مليون آهن تن مان ڪن جو تدارڪ ضروري هو، سو ڪيو ويو.
ڊسمبر 1916ع ۾ محمود الحسن ۽ ان جا چار ساٿي حڪومت برطانيه کي هٿ اچي ويا. اهي هن وقت جنگي قيدي آهن ۽ سلطنت برطانيه جي ڪنهن علائقي ۾ نظربند آهن. غالب پاشا جنهن غالب نامي تي صحيح ڪئي هئي سو به اڄڪلهه جنگي قيدي آهي ۽ هن اها ڳالهه مڃي آهي ته برابر مون ان ڪاغذ تي صحيح ڪئي هئي جيڪو محمود الحسن واري ڌر منهنجي سامهون پيش ڪيو هو. ان جي ضروري حصن جو ترجمو هي آهي.
ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جا مسلمان هر قسم جي هٿيارن سان ليس ٿي ڪري الله جي راهه ۾ جهاد لاءِ اٿي پيا آهن. خدائي قادر قيوم جو شڪر آهي جو ترڪي فوج ۽ مجاهدين اسلام دشمنن تي زور ٿي ويا آهن. تنهن جي ڪري اي مسلمانو! ان ظالم عيسائي حڪومت تي حملو ڪري ڏيو، جنهن جي قيد ۾ توهان پيل آهيو. بلڪل تڪڙو پنهنجن پڪن ارادن سان پنهنجي مڙني ڪوششن کي دشمن جي ماري ڇڏڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ انهن سان نفرت ۽ دشمني ظاهر ڪريو! اوهان کي هي ڄاڻڻ گهرجي ته مولوي محمود الحسن (جيڪو پهرئين هندستان جي مدرسي ديوبند ۾ هو) اسان وٽ آيو ۽ اسان سان مشورو ڪيائين اسان ان خيال ۾ سندس تائيد ڪئي ۽ کيس ضروري هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. جيڪڏهن اهو توهان وٽ اچي ته اوهان ان تي ڀروسو ڪجو ۽ هڙان وڙان جيڪا به شيءِ هو گهري ان سان سندس مدد ڪجو.
(نتيجو)
165- هن باب ۾ جيڪي واقعا لکيا ويا آهن انهن مان صاف ظاهر آهي ته ڪي ڳڻ ڳڻيا مذهبي مجنون مسلمان، هندستان ۾ بغاوت پکيڙڻ لاءِ ڪيڏو نه آتا آهن ۽ پنهنجن مقصدن جي حاصلات لاءِ هنن برطانيه مخالف دشمنن سان اتحاد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن. جنگ ڀڙڪائڻ لاءِ سندن طريقو اهو آهي ته پهرئين ڳجهه ڳوهه ۾ سازشون ۽ رٿائون تيار ڪن ٿا ۽ پوءِ کلي ڪري ڏڦيڙ مچائن. ڪڏهن اهي رنگ روٽ ڀرتي پيا ڪن ته ڪڏهن چندا گڏ پيا ڪن ۽ ڪڏهن باغين ڏانهن پيسا پيا موڪلين ته ڪڏهن وري پاڻ پيا اتي وڃن سدائين بغاوت لاءِ نصيحتون پيا ڪن. انهن جي نقصان کان بچڻ لاءِ عام مسلمانن جي وفاداري ۽ سرڪار جي ڏهڪاءَ ۽ دٻدٻي جو اثر اهي ئي ٻه ذريعا ٿي سگهن ٿا.