(پندرهون باب)
انهن سڀني سازشن جي جوڙجڪ ۽ ناڪامي
166- هيستائين اسان انهن سڀني سازشن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڇڏي آهي جيڪي انقلابي تحريڪ سان لاڳاپيل هيون. بمبئي ۾ هي ماڻهو نج برهمڻ ۽ گهڻو تڻو چت پون آهن. بنگال ۾ سازشي ماڻهو وچولي ڪلاس جا نوجوان آهن. سندن صوبي ۾ انهن جي جوڙيل سازشن سبب خونريزي ۽ ڦرلٽ جو هڪڙو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. بهار اڙيسا گڏيل صوبا (يو-پي) وچ وارا صوبا (C. P) ۽ مدراس ۾ انهن سازشن اڃان پاڙون پختيون نه ڪيون آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن ڏوهه ۽ بدامني جو سبب بنبيون آهن. پنجاب ۾ آمريڪا کان واپس وريل ماڻهو بغاوت ۽ خونريزي ڪرڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺا آهن.
انهن ڪيترائي ڏوهه ڪيا آهن. 1915ع جي بغاوت واري سازش به انهن جي ڪري ٿي هئي. برهما ۾ به زورشور سان بغاوت جون تياريون ٿي رهيون هيون پر ان جا اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا آهن. پڇاڙي ۾ مسلمانن جي هڪڙي سازش جو راز کليو جيڪا ڪجهه مذهبي جيالن تائين محدود هئي ۽ سندن ارادو هي هو ته ٻاهرين ملڪن جي مدد سان برطانوي سلطنت کي ميساري ڇڏين. هي سڀ سازشون هڪڙي مقصد لاءِ ڪيون ويون هيون ته هندستان مان برطانوي راڄ جي تڏا ويڙهه ڪئي وڃي. ڪڏهن ته اهي پنهنجي مٿي ڪٿي ڌار ڌار رهيا ته ڪڏهن وري انهن کي هڪ ٻئي سان جوڙيو ويو. ڪڏهن جرمن اثر سان انهن کي سگهارو بنايو ويو، پر هندستان جي وفادارن جي مدد سان انهن سڀني مصيبتن جو ڪامياب مقابلو ڪيو ويو. پر اها ڳالهه حيرت يا اچرج جهڙي نه آهي ته اهڙيون سازشون جيڪي انتهائي حوصلي ۽ احتياط سان ڪيون ويون تن بابت حڪومت سخت ۽ غيرمعمولي قانون بنائڻ تي مجبور ٿي هجي. ايندڙ باب ۾ اسين ٻڌائينداسين ته امن واري وقت جا ٺاهيل قانون قاعدا سازش سبب پيدا ٿيل ههڙين سخت حالتن ۾ ناڪام ڇو رهندا آهن.
نوٽ:
پوين پنن ۾ جنهن سڊيشن ڪميشن جو ذڪر آيو آهي اها گورنمينٽ آف انڊيا جي هوم ڊيپارٽمينٽ جي هڪ ٺهراءَ نمبر 28810 بتاريخ 4 ڊسمبر 1917ع دهلي موجب قائم ڪئي ويئي هئي. ان جي قائم ڪرڻ جا ٻه مقصد بيان ڪيا ويا آهن:
(1) هي ڪميشن هندستان جي سياسي ۽ انقلابي تحريڪ سان لاڳاپيل ڏوهاري سازشن جي اصليت ۽ پکيڙ بابت ڇنڊڇاڻ ڪري هڪ رپورٽ ترتيب ڏيندي.
(2) اهڙين سازشن کي وائکي ڪرڻ لاءِ جيڪي ڏکايون سامهون اچن ٿيون تن تي ڳوڙهو ويچار ڪندي ۽ جي ضرورت پئي ته مناسب قانون جوڙڻ لاءِ پنهنجو رايو ڏيندي ته جيئن سرڪار اهڙين سازشن کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺي سگهي. ان ڪميٽي جي صدارت لاءِ سرڪار هز ميجسٽي جي هاءِ ڪورٽ آف جسٽس جي کنگز بينچ ڊويزن جي جسٽس ايس- اي- ٽي رولٽ جون خدمتون حاصل ڪيون آهن، ان ڪميٽي جا رڪن هي همراهه هئا.
(1) سرباسل اسڪاٽ ڪي- ٽي چيف جسٽس بمبئي
(2) ديوان بهادر سي- وي ڪمار سوامي شاستري جج هاءِ ڪورٽ مدراس
(3) سرور ني- لووٽ ڪي- سي- ايس- آئي ميمبر بورڊ آف ريوينيو
گڏيل صوبا يو- پي
(4) مسٽر پرواش چندر متر وڪيل هاءِ ڪورٽ ڪلڪته ۽ ايڊيشنل ليجس ليٽو ڪونسل بنگال
ان ڪميٽي جي سيڪريٽري جا فرض مسٽر جي- ڊي- وي. هاج آئي- سي- ايس بنگال ادا ڪيا.
جنوري 1918ع ۾ ان ڪميٽي پنهنجو ڪم شروع ڪيو ۽ چند مهينن ۾ ئي پنهنجو ڪم پورو ڪري رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. ڪميٽي جي سفارش موجب فروري 1919ع تي ليجسليٽو ڪونسل ۾ هڪ بل پيش ڪيو ويو جنهن کي پوءِ پاس ڪيو ويو. اهو بل ۽ قانون رولٽ ايڪٽ جي نالي سان مشهور ٿيو. مطالعي مان خبر پوي ٿي ته سڊيشن ڪميٽي قائم ڪرڻ، مليل حقيقتن مان نتيجا ڪڍڻ، قانون جوڙڻ ۽ لاڳو ڪرڻ وارن سڀني ڪمن جي پس منظر ۾ حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جي انقلابي ڪوششن جو وڏو هٿ هو ۽ هتان وطن جي آزادي واري تاريخ جو هڪ نئون دور شروع ٿئي ٿو ۽ ان دور جي رهنمائي ۾ به حضرت شيخ الهند جي انقلابي جماعت جو حصو سڀني کان وڌيڪ هو.