جمعيت الانصار جو قيام
تعليم ۽ تربيت واري مرحلي دوران ته ڪافي زماني تائين اها ڳالهه لڪيل رهي پر پوءِ آهستي آهستي سياسي نظرين کي پکيڙڻ ۽ جماعت کي منظم ڪرڻ دوران اهو راز کلندو ويو ته انهن سياسي ڪمن جو مرڪز ۽ انقلاب جو سرچشمو دارالعلوم ديوبند ۽ اهڙي قسم جي تعليم ۽ تربيت جو سڀني کان وڏو استاد ۽ اڳواڻ دارالعلوم جو صدر مدرس مولانا محمود الحسن آهي. ڪيتري زماني تائين ته سندس اهو ڪم ايڏي ته رازداريءَ سان سهڻي ريت هلندو رهيو جو خود دارالعلوم جي ڪارڪنن کي به ان جي خبر پئجي نه سگهي هئي. دارالعلوم جي مک باني مولانا محمد قاسم نانوتوي صاحب جو اهو قول ته، ”اسان دارالعلوم جي اصل مقصد تي پڙهڻ پڙهائڻ جو پردو وجهي ڇڏيو آهي.“ هر ماڻهوءَ جي زبان تي ته هو پر سو مقصد هو ڪهڙو؟ ڪٿي ۽ ڪهڙي نموني اڳتي وڌي رهيو هو؟ اها خبر ڪنهن کي ڪانه هئي. حالانڪ اهو ڪم ايتري حدتائين ٿي چڪو هو جو ڪيترن ئي باصلاحيت ماڻهن جي سياسي تربيت مڪمل ٿي چڪي هئي. ملڪ جي سياسي انقلابي شخصيتن ۽ جماعتن سان لاڳاپا قائم ٿي چڪا هئا ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي علمي، ديني ۽ انقلابي مرڪزن سان سياسي رابطا بحال ٿي چڪا هئا. دارالعلوم جا ڪيترائي فارغ التحصيل ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سياسي ڪم ڪري رهيا هئا. پر سال 1910ع ۾ جمعيت الانصار جي قائم ڪرڻ کان پوءِ جڏهن هي راز هوريان هوريان کلڻ لڳو ته، نه رڳو ٻاهرين خلق پر خود دارالعلوم جا به ڪي ماڻهو حيران ٿيڻ سان گڏوگڏ هارجي پڻ ويا. حضرت مولانا عبدالرحيم رائپوري جن جو حضرت شيخ الهند ۽ دارالعلوم سان تمام ويجهو تعلق هو، پر ان کي به اها خبر ڪانه هئي ته حضرت استاد پنهنجي خاص خاص شاگردن ۽ مريدن کان جهاد جي بيعت وٺن ٿا، سو جڏهن کيس خبر پئي ته کين ڏاڍي حيرت ٿي.