ادبي ۽ لساني خدمتون
اردو ٻولي جي حوالي سان به ديوبندي عالمن جي خدمتن جو قد ڪاٺ انتهائي اوچو رهيو آهي. اردو کي سليس بنائڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ واري ٻولي سان ٺهڪائڻ ۽ ان کي هڪ علمي ٻولي جي درجي ڏيڻ ۾ سر سيد جي خدمتن جو نغارو اهڙو ته وڏي ڌاڪ سان وڄايو ويو آهي جو ماڻهو اهوئي سمجهي ويهي رهيا آهن ته ان تحريڪ جو سرواڻ سر سيد ئي آهي. انهن اياڻن کي اها خبر ئي نه آهي ته تاريخ جي شاهدي ان جي ابتڙ آهي. سر سيد جي ڄمڻ جو سال 1817ع آهي، حضرت شاهه رفيع الدين جي وفات جو سال به اهوئي آهي. شاهه عبدالقادر جي وفات ان کان ٽي سال اڳ يعني 1814ع ۾ ٿي چڪي هئي.
قرآن پاڪ جي ترجمي جي حوالي سان حضرت شاهه ولي الله دهلوي جي انهن ٻنهي پٽن جون خدمتون انتهائي اهم جاءِ والارين ٿيون. شاهه رفيع الدين جي ترجمي جي سٺائي ۽ حضرت شاهه عبدالقادر جي ترجمي جي روانگي ۽ بامحاوره ٽڪسالي زبان ۾ هجڻ جي شاهدي سرسيد پاڻ به ڏني آهي. سڀني تاريخدانن ويندي باباءِ اردو مولوي عبدالحق به انهن ٻنهي بزرگن جي ترجمي جي ادبي ۽ لسانياتي خوبين جو اقرار ڪيو آهي. بيشڪ هي ٻئي بزرگ دارالعلوم کان اڳ جا آهن تنهن ڪري انهن جي خدمتن کي دارالعلوم جي خدمتن ۾ نٿو ڳڻي سگهجي. پر هي اهي اڪابر هئا جن جي علمي ورثي جو سڀ کان وڏو حصو دارالعلوم جي بزرگن کي نصيب ٿيو هو.
انهن صاحبن کان پوءِ مولانا عبدالحي ۽ شاهه اسماعيل جن جو دور اچي ٿو. هي زمانو سرسيد جي ٻالڪپڻ جو هو، انهن ٻنهي بزرگن جي خدمتن جو چرچو عام هو ۽ دهلي جي ٽڪسالي ۽ بامحاوره اردو ۾ شاهه اسماعيل شهيد جو شاندار ڪتاب تقوية الايمان منظرعام تي اچي چڪو هو. سر سيد به حضرت شاهه صاحب جي تقريري نڪتن مان پنهنجو خالي جهول ڀريو آهي. بيشڪ حضرت شاهه صاحب به دارالعلوم جي بانين مان ڪونه هو پر پوءِ به سندس ميراث ۽ سيرتي ڪردار جا ڌڻي ته دارالعلوم ديوبند جا شاهڪار هئا نه ڪي سر سيد احمد خان ان جو وارث ٿيو هو. هيءَ پڌري پٽ ڳالهه آهي ته حضرت قاسم العلوم مولانا محمد قاسم نانوتوي، وقت جو قطب حضرت حاجي امداد الله مهاجر مڪي ۽ حضرت مولانا رشيد احمد گنگوهي جن ته دارالعلوم ديوبند جي بانين مان آهن. جڏهن انهن بزرگن وقت جي چالو بامحاوره ۽ آسان عام فهم اردو ۾ پنهنجا ڪيترائي ڪتاب لکي ڇڏيا هئا، تڏهن علي ڳڙهه ڪاليج جو بانيڪار سر سيد احمد خان اڃان صهبائي مرحوم وٽ مقفيٰ ۽ مسجع ٻولي لکڻ جي سکيا وٺي رهيو هو.
حضرت قاسم العلوم جي تصنيف؛ ”رساله حجة الاسلام“، ”تقرير دلپذير“، ”مجموعه رسائل قاسم العلوم“ (مجموعه رسائل) وغيره، حضرت حاجي امدادالله جون تصنيفون؛ ”غذائي روح“، ”ضياء القلوب“، ”تحفة العشاق“، ”فيصله هفت مسائل“ ۽ مولانا رشيد احمد گنگوهي جون سڀئي تصنيفون خاص ڪري سر سيد جي وقت جون آهن. اهي ئي بزرگ دارالعلوم ديوبند جا اڏڻهار هئا. سندن تصنيفن ۾ ادبي خوبين ۽ لسانياتي خاصيتن ڏي گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. پر سندن اهميت ان حيثيت کان گهڻي اڳتي آهي. جيڪا عام طور سمجهي وڃي ٿي. دارالعلوم ديوبند جي اڪابرن جي ادبي ۽ لساني خدمتن جو دور تڏهن کان شروع ٿيو هو جڏهن سر سيد اڃان عدم جي پردي پويان هو. انهن جي خدمتن جو سلسلو ان وقت به جاري هو جنهن وقت سر سيد جا اڃان کِيرا ڏند به ڪونه ڀڳا هئا. هو ان وقت به پنهنجي قلم وسيلي علم ۽ ادب جون خدمتون ڪري رهيا هئا جڏهن سر سيد اڃان صهبائي مرحوم جي رحم ڪرم تي هو ۽ هي مٿير مرد ان وقت به انهن خدمتن ۾ لڳا رهيا جڏهن سر سيد انگريزي حڪومت جون برڪتون ۽ برٽش حڪومت کي سگهاري بنائڻ لاءِ ”پنهنجي مدد پاڻ“ جهڙا مضمون لکي هٿ پير هڻي رهيو هو ۽ ديوبند جي اها خدمت ان وقت به جاري ساري هئي جڏهن اردو ادب جي پنجن ئي پاين ۾ ڏڦيڙ پيو ۽ پوءِ هوريان هوريان ٽڙ پکڙ ٿي ويا هئا. سر سيد ويچارو هي دنيا ڇڏي ويو ۽ ان جو ڪوبه جانشين پيدا نه ٿي سگهيو.
نذير احمد شبلي، محمد حسين آزاد وغيره جو پنهنجو پنهنجو دائرو هو. انهن سر سيد جي تحريڪ ڏي منهن ورائي ڏٺو به ڪونه ته ڪهڙي حال ۾ آهي. حالي برابر پنهنجي وفاداري ۾ پڪو پختو رهيو پر سندن پوين ادب ۾ پنهنجون پنهنجون واٽون ورتيون. بهرحال سرسيد اردو ٻولي ۽ ادب جي جيڪا وڏي خدمت ڪئي ان کان بلڪل انڪار نه آهي پر سچي ڳالهه اها آهي ته ان ميدان ۾ به اڳواڻي جي پڳ دارالعلوم ديوبند ۽ ان جي بزرگن جي سر تي سونهي ٿي.
فقط
ڊاڪٽر ابو سلمان شاهه جهانپوري
باب پهريون