هڪ سوچيل سمجهيل رٿا
دارالعلوم جي مانجهي مردن سياسي زندگي جي مقصدن ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمتن واري ميدان کي رڳو اتفاقي يا حادثي طور اختيار نه ڪيو هو، پر جيئن ملڪ جي ڪن ٻين ادارن جا ماڻهو حالتن جي وهڪري يا ڪنهن سياسي تحريڪ يا شخصيت کان متاثر ٿي ڪري سياسي ميدان ۾ آيا هئا، تنهن ڪري سياسي، سماجي خدمت ۽ برطانوي سامراج کان آزادي دارالعلوم جي بنيادي مقصدن ۾ شامل هئي. دارالعلوم جي بنيادي مقصدن جو اهو رخ ايترو ته واضح ۽ روشن آهي جو ان تي لکڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي، پر پوءِ به هن موضوع تي اهميت ان ڳالهه جي گهر ٿي ڪري ته ان مقصد کي خصوصي طور تي نمايان ۽ پڌرو ڪيو وڃي. مولانا مناظر احسن گيلاني دارالعلوم جي قيام جو پسمنظر بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”جنهن وقت شاملي جي ميدان کان هو پاڻ يعني حضرت نانوتوي ۽ ان جا ٻيا ساٿي بظاهر ناڪام واپس ٿيا هئا ته يقيناً سندن واپسي قرآن پاڪ جي آيت ”متحرفا لقتال او متحيزا الي فئة“ يعني جنگ جي لاءِ ئي پاسيرو ٿي وڃڻ يا ڪنهن ٽولي سان ملڻ وڃڻ لاءِ ٿي سگهي ٿي ۽ يقيناً ان لاءِ ئي هئي.“
(سوانح قاسمي ج2، ص 23-222)
اڳتي هلي ڪري دارالعلوم جي قيام کي ”جنگ جون نئون محاذ ۽ نئين ميدان جي تياري“ جو عنوان ڏيئي مولانا لکي ٿو ته:
”1857ع واري هلچل جي ناڪامي کانپوءِ جنگ جي نون محاذن ۽ ميدانن جي تياري ۾ سندن ”حضرت نانوتوي جو) دماغ مصروف ٿي ويو ۽ دارالعلوم جو تعليمي نظام ان لائحه عمل جو سڀ کان وڌيڪ نمايان مرڪزي ۽ بنيادي عنصر هو.“
(حوالو ساڳيو ص 223)
مولانا محمد ميان صاحب هڪ روايت نقل ڪئي آهي ته دارالعلوم جي قيام کان پوءِ ان ئي جماعت جي هڪ بزرگ حاجي رفيع الدين صاحب جيڪو دارالعلوم جو ٻيو مهتمم ۽ حضرت شاهه عبدالغني ؓ جو خليفو هو، تنهن حضرت حاجي امداد الله مهاجر مڪي کي عرض ڪيو ته اسان ديوبند ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو آهي ان لاءِ دعا فرمايو. تنهن تي حضرت مهاجر مڪي فرمايو ته:
”سبحان الله! اوهان چئو ٿا ته مدرسو اسان قائم ڪيو آهي. اها خبر ڪونه اَٿوَ ته ڪيتريون پيشانيون اسر ويلي سربسجود ٿي ٻاڏائينديون رهيون آهن ته... اي الله! هندستان ۾ اسلام جي بقا ۽ دين جي حفاظت جو ڪو ذريعو پيدا فرماءِ.“
(علماء حق اور ان کے مجاھدانہ کارنامے، حصھ اول ص 71(
مولانا گيلاني ”سوانح قاسمي“ ۾ ان تي لکي ٿو ته:
”ان جو مطلب ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته شاملي جي ميدان کان موٽڻ بعد سوچڻ وارن نه ته مايوس ٿي ڪري سوچڻ ڇڏي ڏنو نڪوئي هٿ تي هٿ رکي ويهي رهيا، بلڪ اسلام جي بقا ۽ علم دين جي حفاظت واري نصب العين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ انهن جا دماغ ته فڪرمند رهيا ئي ٿي پر سندن دليون به ڪائنات جي مرڪزي طاقت سان لنئون لڳايو ڪنهن ”غيبي لطيفي“ جي پڌري ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيون هيون.“ (سوانح تاسي ج 2 ص 224)
ان نئين محاذ جي قائم ٿيڻ جي ڪهاڻي ۾ مولانا گيلاني مرحوم لاءِ الله ڄاڻي ڪهڙي لذت ۽ مٺاس رکيل هئي جو هو ”سوانح قاسمي“ جي وڏي سائز وارن صفحن ۾ صفحي 222 کان 235 تائين بلڪ ان کان به اڳتي ان موضوع کي کنيو هليو ويو آهي. ان بيان جا چونڊ ٽڪرا هتي نقل ڪيا وڃن ٿا ته جيئن دارالعلم جي قائم ڪرڻ جي سببن يا مقصدن جو اهو پهلو پڙهندڙن جي ذهنن ۾ خصوصي طورتي پڪو ۽ پختو ٿي بيهي ته دارالعلوم جو قيام رڳو هڪ درسگاهه قائم ڪرڻ جو مامرو نه هو بلڪ ملڪ جي آزادي، ملت اسلاميه کي قائم ڪرڻ واري تحريڪ ۽ هندستاني تاريخ جي نئين دور جو هڪ عظيم الشان واقعو هو. مولانا لکي ٿو ته:
1- مطلب ته واپس ورڻ وارو جڏهن وريو هو ته ڪنهن نئين محاذ جي ئي قائم ڪرڻ ۽ ان جماعت سان پنهنجن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ئي وريو هو، جنهن جي گڏيل اتحاد کي درهم برهم ڪري اها تمنا رکي ويئي هئي ته ان ريت انهيءَ جماعت کي هميشه لاءِ برباد ڪيو ويندو. (ايضاً ص 225)
2- سچ اهوئي آهي ته 1857ع جي ڦڙڦوٽ واري هنگامي دٻجي وڃڻ کان پوءِ ڏسڻ وارن ان (حضرت نانوتوي) کي جيڪي ڪجهه ڪندي پئي ڏٺو سو سڀ ان لاءِ ۽ سندس ورندڙ ساٿين لاءِ ڏٺل وائٺل ۽ طئي ٿيل طريقه ڪار هو. پنهنجي پنهنجي وقت تي ان جا فيصلا عملي شڪل وٺندا پئي ويا. جيڪڏهن الله جو موت وارو اٽل قانون هندستاني مسلمانن ۾ ان بزرگ جي وجود کي ڪجهه وڌيڪ وقت لاءِ مهلت ڏئي ها ته ڪر ڏسڻ وارا پاڻهي ڏسي وٺن ها ته اهو شخص ڇا ڇا نه ڪري ٿو ڏيکاري.
(ايضاً ص 26-225)
3- مدرسي جي قائم ڪرڻ جي حدتائين هو پاڻ ۽ سندس سنگت پنهنجي رٿيل منصوبي سان گڏوگڏ نئين محاذ جي کولڻ لاءِ رڳو صالح ۽ سڄاڻ ذهنن جي ڳولا ۾ لڳي رهي. ديني تعليم جو جامع سرشتو جنهن ۾ عصري گهرجن جي پورائي جو به بندوبست ٿيل هجي ان رٿيل منصوبي جو بنيادي جزو هو، پر بيهڪ جي حساب سان هڙ موڙي اهائي ڳالهه هئي ته ان نئين محاذ جو اهڙو نئون ڍانچو ڪٿي قائم ڪيو وڃي. (ايضاً ص)
4- ان نئين محاذ جي باني حضرت نانوتوي جا ديوبند وارن سان ويجهي رشتيداري وارا مائٽاڻا لاڳاپا ابن ڏاڏن کان قائم هئا.
5- اهو نئون محاذ جيڪو حضرت نانوتوي شاملي جي ميدان کان واپس ورڻ بعد کولڻ گهريو ٿي ان جا اندروني راز و نياز ۽ مقصد کڻي ڪهڙا به هجن پر ان جو ظاهري ڍانچو اهوئي هو ته مسلمانن جي ديني زندگيءَ جي حفاظت لاءِ ديني تعليم جو هڪ اهڙو نظام قائم ڪيو وڃي جنهن وسيلي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ممڪن حدتائين ديني علم جا علمبردار پکيڙي ڇڏجن. ان نئين تعليمي نظام بابت عرض ڪري چڪو آهيان ته اسان جي پراڻن عالمن جو آزاد ۽ ڇڙوڇڙ طريقو سيدنا الامام الڪبير وٽ بلڪل ناڪافي هو. پنهنجي ان اصولي نقطه نظر سبب پاڻ ديني تعليم جو هڪ اهڙو اجتماعي نظام قائم ڪرڻ گهريو ٿي جيڪو وس آهر تعليم جي عصري گهرجن کي پاڻ ۾ سموئڻ ۽ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي. (ايضاً ص223)
۽ هاڻ ان حقيقت کي خود شمس العلماء حافظ محمد احمد جي فرزند مرحوم قاري محمد طيب صاحب به مڃي ورتو آهي ته دارالعلوم جي مقصدن جو دائرو پڙهڻ پڙهائڻ جهڙن عام مقصدن کان مٿاهون به هو ته گهڻو وسيع پڻ. قاري صاحب جو پنهنجو بيان آهي ته ان تي وڌيڪ ڪنهن تبصري جي ضرورت نه آهي جيئن قاري صاحب لکي ٿو:
”عام خلق ايئن سمجهندي رهي آهي ته مدرسي جي باني بزرگن جو تصور رڳو پڙهڻ پڙهائڻ تائين محدود هو تانجو مدرسي جي عمارت جي سنگ بنياد رکڻ تائين به اهائي سوچ هئي. جڏهن ته مدرسي کي قائم ٿئي اٺ نو سال گذري چڪا هئا. اهو وسيع ۽ عالمگير نصب العين عام ماڻهن جي ذهنن ۾ نه هو جيڪو حضرت قاسم العلوم نانوتوي ۽ سندس جهادي ساٿين جي دلين ۾ ولي اللهي ۽ امداد اللهي فيضن ۽ غيبي اشارن سان موجزن هو. شاملي واري جهاد کان پوءِ ته اهي مقصد اڃان به وڌيڪ طاقت ۽ عزيمت سان اُڀري آيا هئا جن جوسرچشمو حاجي امداد الله ۽ سرواڻ حضرت قاسم العلوم و الخيرات هو. ان ولي اللهي ۽ امداد اللهي تصور ۾ ٻاهران تعليم جو پردو هو پر اندر ئي اندر ان تعليمي لائن وسيلي دين جي سربلندي ۽ مسلمانن جي عالمگير عزت ۽ مان کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جهڙا اجتماعي جذبات لڪيل هئا. ان حقيقت کي پڌرو ڪندي مولانا مناظر احسن گيلاني پنهنجي هڪ مضمون ”دارالعلوم میں بیتے ہوئے دن“ جيڪو ماهوار ”دارالعلوم“ ۾ ڇپيل آهي. تنهن ۾ حضرت شيخ الهند جو هي قول نقل ڪيو آهي:
”ڇا حضرت الاستاذ (حضرت نانوتوي) هن مدرسي کي رڳو پڙهڻ پڙهائڻ لاءِ قائم ڪيو هو؟ مدرسو منهنجي سامهون قائم ٿيو هو. جيتري قدر مون کي ڄاڻ آهي ته 1857ع واري هلچل ناڪام ٿيڻ بعد هي ادارو ان لاءِ قائم ڪيو ويو هو ته ڪو اهڙو مرڪز ٺاهجي جنهن وسيلي ماڻهن کي ايترو تيار ڪيو وڃي جو 1857ع واري ناڪامي جو تدارڪ ۽ پورائو ڪري سگهجي.“
مولانا گيلاني حضرت شيخ الهند جي ان قول تي پنهنجي طرفان هي معلوماتي واڌارو ڪري ٿو:
• تنهن ڪري استاد صاحب مدرسي جي ميدان ۾ سپاهه گري جي فن سيکارڻ جو پڻ بندوبست ڪيو هو ته جيئن شاگردن ۾ علم سان گڏوگڏ فوجي روح پڻ پيدا ٿئي.
• قضا جو شعبو به قائم ڪيو هئائون ته جيئن منجهن شرعي حڪمن جاري ڪرڻ جي عادت به پوي.
• ترڪن جي مدد لاءِ ڪوششن ڪرڻ سان گڏوگڏ ترڪي بادشاهه لاءِ قصيدا به لکيائون ته جيئن اسلامي خلافت جي مرڪز سان مدرسي جي شاگردن جو لاڳاپو قائم رهي.
• انگريزي راڄ کان پوءِ اهڙين اجتماعي پارٽين جي تائيد ۽ پٺڀرائي به ڪيائون ٿي جيڪي انگريزن کان ملڪي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ قائم ڪيون ويون هيون.
حضرت استاد جي وفات کان پوءِ سندس علمي جاءِ نشين حضرت شيخ الهند انهن قومي مقصدن کي اڳتي وڌايو ۽ پوءِ سندس شاگردن هن تعليمي سرشتي کي مضبوط ڪيو پر اجتماعي خدمتن کان ڪڏهن به غافل نه رهيا بلڪ آزاديءَ وارين تحريڪن جي اڳواڻي ڪندا رهيا. انهن جا وڏڙا جيڪڏهن شاملي جي ميدان ۾ انگريزن سان منهن مقابل ٿي وڙهيا هئا ته سندن علمي اولاد انهن ئي انگريزن جو قيد و بند ۽ جيل خانن ۾ مقابلو ڪري رهيو هو ۽ اڄ به حق جي ڳالهه چوڻ ۾ اڳيان اڳيان ئي آهن.
(بحواله مقدمه تاريخ دارالعلوم ديوبند ص 43 کان 45 اشاعت ڪراچي)