ديوبند مان نيڪالي
(1) جيتري قدر تبليغ واري مسئلي جو تعلق آهي ته مٿي معلوم ٿي چڪو ته هي ايڏو وڏو مسئلو نه هو جو دارالعلوم جي هڪ نامياري ۽ باصلاحيت فرزند کي سندس مادر علمي کان ڌار ڪيو وڃي ۽ ان تي ڪفر جي فتويٰ به لڳائي وڃي. جڏهن ته حضرت شيخ الهند جو موقف به اهوئي هو پاڻ ان مسئلي بابت جيڪي ڪجهه فرمايو هو ان سان ڪنهن کي به اختلاف نه هو. مولانا مناظر احسن گيلاني ته ان کي ان باب ۾ حرف آخر قرار ڏنو آهي ۽ مولانا انور شاهه ڪشميريءَ، مولانا سنڌي جي خيالن بابت جيڪو رويو اپنايو هو ان کي غلط فهمي تسليم ڪري کانئس معافي ورتي هئي.
(2) هندو مسلم اتحاد واري مسئلي ۾ به قومي مفادن جي بنياد تي ان جي ڪنهن خاص رخ سان، طريقه ڪار سان، اتحاد جي دائري سان يا انداز فڪر ۾ ڪنهن خامي جي بنياد تي اختلاف ته ڪري سگهجي ٿو پر ان جي بنياد تي ديوبند مان مولانا سنڌيءَ جي نيڪالي ۽ تضليل ۽ تڪفير جي فتويٰ جو ڪوبه جواز نه هو.
(3) نئين تعليم پڙهيل همراهن سان ميل جول جو مسئلو به ايترو اهم ڪونه هو جو مولانا سنڌي کي ديوبند مان ڪڍيو وڃي ۽ سندس ان عمل کي ضلالت ۽ ڪفر چيو وڃي، جڏهن ته ساڳئي مڪتبه فڪر جا ماڻهو نئين تعليم پرايل ماڻهن جي پاڻ ڏانهن رجوع کي پنهنجي بزرگي جو دليل سمجهندا رهيا آهن. هاڻي ته انهن جي بي ديني ۽ نيچريت جي افسانن جو چوٻول ختم ٿي ويو آهي. اڄڪلهه ته دين دنيا جي ڪنهن به مسئلي ۾ نئين تعليم پرايل همراهن کي واٽ وڃايل، گس تان ٿڙيل ته چئي سگهجي ٿو پر انهن کي ڪافر ڪوٺي نٿو سگهجي پوءِ ان ماڻهو جي ڪفر جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جيڪو رڳو ان باب ۾ سياسي، سماجي يا اجتماعي مسئلي ۾ اختلاف رکندو هجي.
(4) حضرت شيخ الهند طرفان پنهنجي پڳ مولانا محمد علي جي مٿي تي رکڻ وارو معاملو کڻي ڪيترو ئي نامناسب ۽ بي محل مڃيو وڃي ۽ کڻي ان عمل کي ديوبند جي عزت کي مٽي ۾ ملائڻ برابر ڇو نه مڃيو وڃي ۽ کڻي ان عمل جو سبب مولانا سنڌي کي ئي سمجهيو وڃي پر پوءِ به ان بنياد تي کيس ڪافر ڪوٺڻ ته بلڪل عقل جي ابتڙ آهي، نه ئي ان جي نيڪالي لاءِ معقول سبب ٿي سگهي ٿو. انهن سڀني مسئلن ۾ وڏو مسئلو تبليغ وارو هو پر پوءِ به ان جي حيثيت اهڙي نه هئي جو ان بنياد تي ڪفر ته پري رهيو پر رڳو فسق ۽ ضلالت جو الزام به لڳايو وڃي. ٻين مسئلن جو تعلق ته اجتماعي، سياسي ۽ سماجي زندگي سان هو، انهن جو ڪرڻ، نه ڪرڻ ملي مفادن تي مدار رکي ٿو. اسلامي عقيدن سان انهن جو ڪوبه واسطو نه هو۽ نه انهن جي ايتري اهميت هئي جو ان سان مولانا سنڌي جي ڪفر ۽ ايمان جو فيصلو ڪيو وڃي. وري به ته هي سڀ ڪم حضرت جن جي اشاري ۽ صلاح سان ٿي رهيا هئا انهن جو اصل ذميوار به حضرت شيخ الهند هو نه مولانا سنڌي.
مفتي عزيزالرحمان صاحب انهن ڏانهن اشارو ڪندي لکي ٿو ته:
”پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هي سڀ علمي اختلاف هئا ته به ڇا اهي اختلاف اهڙا هئا جن جي ڪري هڪڙي سرگرم ڪارڪن کي وڃائي ڇڏجي؟ ڇا اهي حالتون رڳو مولانا سنڌي جون پيدا ڪيل هيون؟ جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته اصل ۾ تحريڪ جو وڏو پرچارڪ ته حضرت شيخ الهند هو پر حضرت شيخ الهند سان ٽڪر ڪير کائي؟“
جيئن ته پهرئين عرض ڪيو ويو آهي ته مولانا عبيدالله سنڌي جي مخالفت ۽ ان جي تضليل ۽ تڪفير ۽ ديوبند مان نيڪالي جا اصل سبب ٻيا هئا. ان سلسلي ۾ هاڻي ڪنهن وڌيڪ بحث جي ضرورت نه آهي رڳو انهن بيانن نقل ڪرڻ تي بس ڪئي وڃي ٿي جيڪي سڌي سنئين تحقيقي معلومات ۽ سي آءِ ڊي گورنمينٽ جي لڪيل رپورٽن تي ٻڌل آهن.
(1) سڊيشن ڪميٽي جي رپورٽ ۾ آهي ته: عبيدالله سک مان مسلمان ٿيو آهي. گڏيل قومن (يو پي) جي ضلع سهارنپور جي مذهبي مدرسي (درالعلوم) ديوبند ۾ ان مولوي جي تعليم ورتي. اتي هن پنهنجي جنگي (انقلابي) ۽ برطانيه دشمن خيالن سان مدرسي جي عملي جي خاص ماڻهن ۽ ڪجهه شاگردن کي متاثر ڪيو. سڀني کان اهم شخصيت جنهن تي هن پنهنجو اثر وڌو سو محمود حسن هو جيڪو ان مدرسي ۾ گهڻي وقت کان هيڊ مولوي (صدر مدرس) رهي چڪو آهي. عبيدالله گهريو ٿي ته ديوبند جي مشهور مدرسي جي پڙهيل مولوين جي سهڪار سان پوري هندستان ۾ هڪ عام اسلامي جوش ۽ مسلمانن ۾ برطانيه مخالف هڪ تحريڪ برپا ڪري ڇڏي. پر ان جي تجويزن آڏو مدرسي جو مهتمم ۽ انجمن جا ماڻهو رڪاوٽ بنجي ويا انهن هن کي ۽ سندس ڪجهه ساٿين کي مدرسي جي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو.
(بحواله علماء حق اور ان کے مجاھدانھ کارنامے حصھ اول ص 165 مراد آباد 1946)
ان رپورٽ ۾ مولانا سنڌي جو ڏوهه برطانيه دشمني ۽ انقلاب پکيڙڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن ۽ شاگردن کي متاثر ڪرڻ، پوءِ مدرسه جي پڙهيل مولوين (جمعيت الانصار) جي سهڪار سان پوري هندستان ۾ عام انقلابي هلچل ۽ مسلمانن ۾ برطانيه دشمن تحريڪ هلائڻ بيان ڪيو ويو آهي ۽ مدرسه (دارالعلوم) جي مهتمم ۽ انجمن (جمعيت الانصار) جي ڪجهه ماڻهن (مولانا شبير احمد عثماني وغيرهم) جو ڪارنامو ان تحريڪ ۾ (رڪاوٽ بنجڻ) ۽ مولانا سنڌي کي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏڻ بيان ڪيو ويو آهي. هتي هي وضاحت ڪرڻ به ضروري آهي ته مولانا سنڌي مدرسي جو ملازم نه هو جمعيت الانصار جي ڪم ڪار ڪرڻ جي سلسلي ۾ کيس وظيفو ملندو هو جيڪو سندس نظامت تان استعفا ڏيڻ کان پوءِ بند ٿي ويو. هتي ان طرف اشارو آهي.
(2) نقش حيات از مولانا سيد حسين احمد مدني اشاعت ڪراچي. نقش حيات حضرت مدني عليه الرحمة جو پنهنجو لکيل آهي. 1953ع ۾ هندستان مان ڇپيو هو منهنجي اڳيان ڪراچي واري اشاعت آهي ان ۾ ڪيترين جاين تي ان مسئلي بابت اشارا ملن ٿا. هڪ جڳهه تي فرمائين ٿا ته:
(الف) هنن ”مهتممن“ مولانا سنڌيءَ جي سرگرمين کي نه رڳو دارالعلوم لاءِ پر عام مسلمانن لاءِ به هاڃيڪار سمجهو ٿي ۽ پنهنجي خيال موجب ضروري سمجهيائون ته مولانا سنڌيءَ جو تعلق ان مرڪز سان نه رهي. اتفاق سان ان زماني ۾ ڪجهه علمي مسئلن ۾ مولانا سنڌي ۽ دارالعلوم جي ٻين عالمن ۾ ”اختلاف پيدا ڪرايو ويو،“ انهيءَ اختلاف کي بنياد بنائي مولانا سنڌيءَ کي دارالعلوم مان ڪڍيو ويو جيئن رولٽ ڪميٽي ۾ ان طرف اشارو موجود آهي. ان اختلاف توڙي جو دارالعلوم جي استادن ۽ عام شاگردن کي مولانا سنڌي کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو هو پر حضرت شيخ الهند قدس الله سره العزيز سان لاڳاپن ۾ ڪوبه فرق نه آيو هو ۽ لڪ ڇپ ۾ اچ وڃ ٿيندي رهي. رات جي اونداهين ۾ ديوبند کان ٻاهر ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ ضروري ڳالهيون طئي ٿينديون رهيون.
(حصه 2 ص 150)
حضرت شيخ الاسلام جي ان بيان ۾ هي جملو خاص ڌيان جو حقدار آهي ته ”اختلاف پيدا ڪرايو ويو“ ان جو سبب اهي ئي مولانا سنڌيءَ جو سامراج دشمن ۽ انقلابي سرگرميون هيون.
(ب) ٻئي جڳهه تي لکن ٿا ته: بهرحال اصل سبب اهو مامرو آهي جنهن جي بنياد تي يوپي جو گورنر سر جيمز مسٽن ديوبند آيو ۽ دارالعلوم ۾ وڃي ڪري مهتمم صاحب کي شمس العلماء جو خطاب ڏنائين.
ان بيان مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته مولانا سنڌيءَ کي دارالعلوم کان ڌار ڪرڻ وارو عمل خود برطانوي حڪومت جي اشاري تي ٿيو هو. (بحواله ایک خود ساختھ داستان حقائق کے آئینے میں ص 7)
(3) ”تذڪره شيخ الهند“ از مفتي عزيزالرحمان بجنوري 1965ع، هي هڪ اهم تصنيف آهي جنهن ۾ مفتي صاحب تفصيل سان بحث ڪيو آهي.
(الف) جمعيت الانصار جي هيءَ تنظيم جيتوڻيڪ بلڪل مذهبي تحريڪ هئي پر جيئن ته حضرت شيخ الهند ملڪ ۾ هڪ سنجيده ۽ سهڻو سماج تيار ڪري رهيو هو، خاص ان مقصد لاءِ ته اڳتي هلي ڪري جڏهن هندستان تي ٻاهران ڪا چڙهائي ڪئي وڃي ته ملڪ اندر هڪ اهڙي جماعت جو هجڻ ضروري آهي جيڪا ان انقلاب کي مقامي سهڪار ڏيئي ڪامياب بنائي ۽ هڪڙي اشاري سان آمريڪا وانگر راتو رات حڪومت جو ڍانچو بدلائي ڇڏي. ان لاءِ ضروري هو ته ملڪ ۾ صالح ۽ لائق ماڻهن جي گهڻائي هجي پر افسوس جو اهڙي نموني جي پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جو هي منصوبو ڪامياب نه ٿي سگهيو. مرڳو حڪومت جي بدظني ۽ پنهنجن جي خوشامدي ۽ چاپلوسي واري پاليسي سان گڏوگڏ ٻين حرام پاين ۾ به واڌارو ايندو ويو.
(ص 173)
(ب) دارالعلوم جي مهتممن مولانا سنڌي جي انهن سرگرمين کي پاڻ لاءِ ۽ دارالعلوم لاءِ خطري جي گهنٽي سمجهيو ٿي ۽ هو پنهنجي سر ان خطري کي سر تي کڻڻ لاءِ بلڪل تيار نه هئا تنهن ڪري هنن مولانا سنڌيءَ خلاف ڪجهه مسئلا اٿاريا تانته کيس دارالعلوم مان اهو چئي ڪري ڪڍيو وڃي ته هو بزرگن جي مسلڪ کان ڦري ويو آهي يا گمراهه ٿي ويو آهي يا سندس نظريا گمراهه ڪندڙ آهن، تنهن ڪري اهڙي ماڻهو کي دارالعلوم جي چوديواري ۾ رکڻ شاگردن لاءِ هاڃيڪار آهي.
(ج) اهڙيءَ طرح مهتممن ڪجهه مسئلا اٿاريا ۽ مولانا ڪشميري (انورشاهه) ۽ علامه عثماني (شبير احمد) کي مولانا سنڌيءَ سان ٽڪرائي وڌائون ۽ ديوبند ۾ انهن ٽنهي بزرگن وچ ۾ مناظرو ٿيو، جيڪو حقيقت ۾ مولانا سنڌي کي ڪڍڻ لاءِ رڳو هڪ بهانو هو. چنانچه مولانا سنڌي خلاف هڪڙو دمچر مچائي سندس ساک کي ملڪ ۾ مجروح ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويئي.
(ص 174)
(د) جمعيت الانصار جي پروگرام ۽ تجويزن سان جتي انگريز هنگ ترڪان ۾ اچي ويا هئا اتي دارالعلوم جي مهتممن جي اقتدار واري ڪرسي کي به زورائتي ٺوڪر پئي لڳي جنهن لاءِ هنن اهو طريقو اپنايو ته علامه سنڌي تي علمي ۽ مذهبي الزام مڙهي کيس ڌار ڪيو وڃي. (ص176)
انهن چند حوالن مان مولانا سنڌي جي ڏوهه ۽ ديوبند مان سندس نيڪالي جو حقيقي ۽ سچو پسمنظر ۽ مهتممن جي ڪارنامن ۽ ڪرتون جا سڀ پهلو سامهون اچي وڃن ٿا.
(4) ”تحريڪ شيخ الهند“ از مولانا محمد ميان دهلوي 1975ع
هي ڪتاب اصل ۾ ”ريشمي خطوط سازش ڪيس“ جا اهي دستاويز آهن جيڪي انڊيا آفيس لائبريري لنڊن ۾ محفوظ آهن انهن کي حاصل ڪري ترتيب ڏيئي ڇپايو ويو آهي. ان ۾ تمام تفصيل سان جمعيت الانصار ۽ ان جا مول متا ۽ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ حضرت شيخ الهند جي ڪمن ڪارين جو تذڪرو آيل آهي. حقيقت ۾ هي سڄو ڪتاب ۽ ان جا سمورا دستاويز حضرت شيخ الهند ۽ مولانا سنڌي جي سياسي انقلابي تحريڪ جي وضاحتن تي ٻڌل آهن.
(الف) ان ۾ جمعيت الانصار ۽ ان جي جوڙجڪ بابت لکيل آهي. عبيدالله سنڌيءَ جي نظامت هيٺ ڇهن ستن ممبرن تي ٻڌل ورڪنگ ڪميٽي واري هي انجمن 1910ع ۾ قائم ٿي. اها انجمن مدرسه ديوبند ۾ پڙهيل مولوين ”طلباء قديم“ جي انجمن طور قائم ڪئي ويئي، ان جو مقصد هي هو ته:
• مدرسي ديوبند جو انتظام سنڀالي ۽ ان کي بهتر بنائي.
• مدرسي جي لاءِ رقم جو انتظام ڪري.
• ديوبند ۾ جن عقيدن جي تعليم ڏني وڃي ٿي انهن جي تبليغ ڪري ۽ انهن جي واڌويجهه ڪري.
• ٻين جاين تي پڻ اهڙا مدرسا قائم ڪري.
تجويز اها هئي ته سمورن اسلامي مدرسن کي جمعيت الانصار جي ماتحت ڪيو وڃي ۽ ديوبند جي فارغ التحصيل مولوين کي انهن مدرسن ۾ مقرر ڪري ان جا قائدا قانون باقاعدي مرتب ڪيا ويا هئا. ان جا ساليانه جلسا مراد آباد ۽ ميرٺ ۾ ٿيا هئا ته جيئن جمعيت الانصار جي مقصدن جي تبليغ ۾ ترقي ۽ واڌارو ڪري سگهجي. لاهور جي صوفي مسجد جي مولوي ابو احمد نائب ناظم جي حيثيت سان 1911ع ۾ ڪجهه مهينا ڪم ڪيو هو.
(ص 232)
(ب) جمعيت الانصار ۾ پيدا ٿيل اختلاف ۽ مولانا عبيدالله سنڌي ءَ جي دارالعلوم ديوبند مان نيڪالي بابت ان ۾ هي وضاحتون آهن:
• شروع ۾ ديوبند واري مدرسي جي سڄي انتظامي مجلس جمعيت الانصار جي حق ۾ هئي.
• تڪڙو ئي ”مولوي“ عبيدالله انگريزي پڙهيل نوجوانن کي طالب علم جي حيثيت ۾ وٺڻ شروع ڪيو ۽ ان سان جمعيت جي حيثيت سياسي نموني واري ٿي ويئي.
• جڏهن بلقان جي جنگ لڳي ۽ ديوبند جي ذميوار ماڻهن ترڪي جي مدد ڪرڻ جي فتويٰ ڏني ته اوچتو ئي اوچتو جمعيت الانصار پنهنجي اصلي رنگ ۾ اچي ويئي ۽ حد درجي جي ڪٽر ۽ متعصب جماعت بنجي ويئي.
• مولوي، شاگرد ۽ ٻيا عام ماڻهو مبلغ بنائي ڪري موڪليا ويا ۽ ترڪي جي مدد لاءِ هلال احمر جي فنڊ ۾ وڏيون وڏيون رقمون گڏ ٿيڻ لڳيون.
• غيرملڪي سامان جي بائيڪاٽ جي تبليغ وڏي زور شور سان ڪئي ويئي.
• ان جي ڪلڪتي واري شاخ ”قاسم المعارف“ چندي گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ تمام گهڻي سرگرمي ڏيکاري.
• ان تي مدرسي جي عملي جا سنجيده ماڻهو هوشيار ٿي ويا ۽ اهڙا اختلاف پيدا ٿيا جو عبيدالله کي 1913ع ۾ استعيفا ڏيڻي پئي.
• پوءِ تڪڙو ئي ان انجمن جو وجود ختم ٿي ويو.
(ج) هڪڙي ٻئي جاءِ تي لکيل آهي ته:
• مدرسي جي ساک کي باقي رکڻ لاءِ مجلس منتظمه فيصلو ڪيو ته عبيدالله کي انيس احمد ۽ ٻين ساٿين سميت مدرسي مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي.
• مولانا محمودالحسن ان فيصلي کي پسند نه ڪيو.
(5) ”ایک خودساختھ داستان حقائق کے آئینے میں“ مولانا اسعد مدني
مولانا قاري محمد طيب صاحب، مولانا اسعد مدني جي هڪ تقرير جي وضاحتن سان اختلاف ڪندي اٺن پنن وارو هڪ ڪتابڙو ”ایک خودساختھ داستان کی حقیقت“ جي نالي سان ڇپرايو هو. ان ۾ مولانا سنڌيءَ مرحوم جي دارالعلوم مان نيڪالي واري معاملي ۾ پنهنجي پيءُ مرحوم شمس العلماء مولانا محمد احمد جو نه رڳو بچاءُ ڪيو آهي پر آزادي واري جنگ ۾ سندس رهنمائي جو پڻ تذڪرو ڪيو آهي. ان جي جواب ۾ مولانا اسعد مدني ديوبند مان مولانا سنڌي جي نيڪالي واري سوال تي بحث ڪيو آهي ۽ حقيقتن جي روشني ۾ قاري طيب صاحب جي مغالطات کي ختم ڪيو آهي. ان ڪتابڙي جا ڪجهه حوالا هن مضمون ۾ مٿي نقل ٿي چڪا آهن ان ڪري تڪرار جي ضرورت نه آهي باقي رڳو هڪڙو ٽڪڙو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. مولانا سيد اسعد مدني لکي ٿو ته:
حضرت شيخ الاسلام (مولانا حسين احمد مدني) مولانا مناظر احسن گيلاني ۽ انگريز حڪومت جي سي آءِ ڊي سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته مولانا عبيدالله سنڌي جي ديوبند مان نيڪالي ۽ جمعيت الانصار جي توڙ ڦوڙ رڳو ان بنياد تي ٿي ته مولانا سنڌيءَ مهمتمن جي خيال جي ابتڙ ان جو رخ انگريز سرڪار جي مخالفت ڏي موڙي ڇڏيو ۽ سچ پچ به حضرت شيخ الهند وٽ جمعيت الانصار جي قائم ڪرڻ جو مقصد به اهوئي هو.
(بحواله ”ایک خود ساختھ داستان حقائق کے آئینے میں“ ص 9 از مولانا اسعد مدني ديوبند 1401هه)