شخصيتون ۽ خاڪا

مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر

مولانا عبيدالله سنڌي هڪ عظيم انقلابي عالم ۽ مفڪر جي حثيت ۾ عالمي مڃتا رکي ٿو، هِي ڪتاب ”مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر” سندس شخصيت تي متعلق هڪ بهترين ڪتاب آهي. ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر ابوسليمان شاهه جهانپوري ۽ سنڌيڪار حافظ ابوالاديب سنڌي صاحب آهن.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌي  ۽ سندس ڪجهه همعصر

هندستان ۾ اسلامي عظمت جو جيئرو جاڳندو يادگار

جڏهن دارالعلوم ديوبند جو نالو زبان تي اچي ٿو ته خيال جو دائرو رڳو هڪ مدرسي تائين محدود نٿو رهي. دارالعلوم، معقول ۽ منقول جي رڳو هڪ رسمي ۽ روايتي درسگاهه ناهي بلڪ اهو ڪيترن ئي علمي، سياسي ۽ ثقافتي ادارن ۽ تحريڪن جو مجموعو آهي. هي هندستان جي ڌرتيءَ تي پوکيل اهو ڀلارو وڻ آهي، جنهن جون پاڙون پاتال ۾ آهن ته ٽار فضا ۾ پري پري تائين پکڙيل آهن. جنهن جي ڇانو، واٽ ويندڙن لاءِ سک ۽ سڪون جو وسيلو بنجي ٿي ۽ ان جو مٺو ميوو ملت اسلاميه جي معنوي ذوق کي تسڪين ڏئي ٿو. هي تاريخ جي ڪيترين ئي لاهين چاڙهين مان لنگهيو آهي. کيس زندگيءَ ۾ ڪئين ڪٺن مرحلا پڻ پيش آيا. دشمن ته ٿيا دشمن، تن ته هن جي وجود کي ميسارڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي، پر پنهنجن جي نادانين به هن جي خصوصيتن کي ختم ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو. پر پوءِ به ان ڀلاري وڻ جي گهاٽي ڇانو نه نادانن کي ڌڪاريو نه پراون کي پري ڪيو. ان جي تعليم ۽ تربيت جي ميون مان سڀني وات مٺو ڪيو. ان جي اڳيئن توڙي پوين عالمن جي خدمت واري خوبي بنان ڪنهن مذهبي متڀيد جي عام پالوٽ هئي. ان جا پهريان اڳواڻ اعليٰ انساني ڳڻن ۽ اسلامي ڪردار جو نمونو هئا. ان جا وچ وارا ۽ پويان عالم به هر ميدان ۾ پنهنجي وڏڙن جي ريت کي ڀليءَ ڀت نڀاهيندا پئي آيا ۽ ان جا وڏڙا ته هر ميدان ۾ مرد مٿيرئي هيا پر ان جي پوين جي سيرتن جي سونهن، سندرتا ۽ قرباني وارن جذبن به قوم کي ڪٺن مرحلن ۾ عزم ۽ حوصلو بخشيو ۽ همت کي بلند رکڻ ۾ مدد ڪئي. الله پاڪ کين ايمان ۾ پختگي، عقيدن ۾ صحت، نظر ۾ بلندي، علم ۾ ڪمال، دل ۽ دماغ ۾ ڪشادگي، سيرت ۾ اعتدال ۽ استقامت ۽ دين ۽ دنيا ۾ توازن جهڙن کوڙسارين خوبين سان نوازي ڇڏيو هو. منجهائن هر هڪ سهڻي سيرت جو نمونو، سراپا اخلاق جو پيڪر ۽ ايثار جو نمونو هو. اهي ملائڪ ته ڪونه هئا، پر اهڙا نيڪ طبيعت هئا جو ملائڪ به انهن تي رشڪ ڪن. منجهائن ڪوبه معصوم ته ڪونه هو، پر نيڪ نفسي، وچٿرائي، پرهيزگاري، دينداري ۽ تقويٰ جهڙين خوبين ۽ خاصيتن سان سندن زندگيون اهڙيون ته سينگاريل هيون جو اهي پنهنجو مثال پاڻ هئا. علم ۽ فن جي انيڪ ميدانن ۾ قومي ۽ ديني خدمتن جي مختلف دائرن ۾ ٻين ڌرمن ۽ فرقن ۾ به ڪيئي يادگار ماڻهو پيدا ٿيا پر مجموعي حيثيت سان ڪنهن هڪ جماعت جي مڪتب فڪر ۾ هر زماني ۾ علم ۽ عمل وارين خوبين جي ايڏي اتاهين درجي تي ايترو وڏو انقلاب ڪٿي به نه لڀندو. هي هڪ شاندار سوني زنجير آهي جنهن جي هر ڪڙي اڳئين ڪڙي کان وڌيڪ مانائتي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهو تعليم ۽ تربيت جو هڪ اهڙو سانچو هو جنهن جا کوٽا به ٻين جي کرن کان اتم نڪتا. ان جي اڏاوت ۽ بيهڪ به اهڙي هئي جنهن ڪيترن کي سرور سان سرشار ڪري ڇڏيو. هندستان جي ڌرتيءَ تي ان جو وجود اسلامي عظمت جو جيئرو جاڳندو هڪ مقدس يادگار آهي. اهو هڪ عظيم ڪَڪَرُ آهي جنهن نه رڳو مسلمانن جي روحاني فصلن کي ريج ڪيو پر پنهنجي پنهنجي پهچ آهر غيرمسلم سماج به ان مان لاڀ پرايو آهي ۽ ان جي پالوٽ هندستان جي حدن کي پار ڪري ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ جي ڏورانهن ملڪن ۽ سندن شهرن ڳوٺن کي مالامال ڪري ڇڏيو. هي هڪ اهڙو وهڪرو ۽ واهڙ هو جنهن جي ساڃاهه ۽ پروڙ ڪنهن کي هئي يا نه پر هن جو فيض سڀني لاءِ عام هيو. ان ملت جي مڙني فصلن کي جهومائي ڇڏيو. ان جي وجود جو خمير، صبر و توڪل، سچائي، خداپرستي واري مٽي مان کنيو ويو هو. تنهن ڪري الله وٽ هو مقبول رهيو ۽ ماڻهن وٽ سدائين محترم ۽ مرڪزي مقام وارو رهيو. تاريخ جا سال، مهينا ٿا ڳڻجن ته ان کي 130 سالن کان به وڌيڪ گذري ويا آهن. ان جو پايو 1866ع ۾ پيو هو. تڏهن کان وٺي اڄ تائين هندو پاڪ جي مذهبي ۽ سياسي تاريخ ۾ هو مسلمانن جي شان ۽ عظمت جي اهڃاڻ طور ڳاٽ اوچو ڪري بيٺو آهي. ان هيڏي عرصي ۾ مٿس ڪئين واچوڙا آيا، پر ان جي اجگر جيڏي جسم سان ٽڪرائجي ڇيهون ڇيهون ٿي ويا. زماني جي ڀڃ ڊاهه دنيا جو نقشو بدلائي ڇڏيو. انقلاب جي لهرن هندستان کي ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو. ان پس منظر ۾ ڪن اياڻن اهو سمجهيو هو ته اسلامي عظمت جو اهو مينار انهن حالتن ۾ پنهنجو وجود سنڀالي نه سگهندو، پر دنيا ڏٺو ته حادثن وقت سر پنهنجو رستو بدلائي ڇڏيو، خطرا ۽ خدشا ٺلها وهم ثابت ٿيا، سندس هستي وڌيڪ اتاهين ٿيندي ويئي ۽ ان جي اهميت هيڪاري وڌي ويئي. سندس زندگيءَ جي هر نئين ڦٽندڙ باک اڳي کان وڌيڪ روشن ثابت ٿي. 1947ع جي ڌماڪي کان پوءِ به جيڪڏهن ايشيا ۾ مسلمانن جي تهذيب، ثقافت جو ٻهڪندڙ نقش يا ڪو يادگار اهڙو مرڪز جنهن جو هر ذرو شاندار، جنهن جو هر فيصلو وقتائتو ۽ جنهن جو خود وجود فخر جوڳو هجي سو فقط دارالعلوم ديوبند آهي. سندس وجود خدائي مرضي جو اظهار آهي. تنهن ڪري تبديلين ۽ سماجن جي ڀڃ ڊاهه جو مٿس ڪوئي اثر نه ٿيو. دارالعلوم، نه رڳو تاريخ جو هڪ جرڪڻو باب آهي، پر براعظم جي مسلمانن جي ديني، علمي، سياسي ۽ تهذيبي، تاريخ جي هڪ چمڪڻي چٽ جو پڻ نالو آهي. جيڪڏهن دارالعلوم ديوبند جي تاريخ کي نظرانداز ڪري ڇڏجي ته جيڪر براعظم جي مسلمانن جي ثقافتي ۽ سياسي تاريخ جو بي بها خزانو اکين کان اوجهل ٿي وڃي، ديني خدمتون نه هجڻ جي برابر وڃي ٿين ۽ ملڪ جي آزادي، ملت جي سربلندي، اسلامي ثقافت جي بحالي واري جاکوڙ جي تاريخ ۾ هڪ طبقي جي گداگري ۽ هڪ جماعت جي منٿ ميڙ واري پاليسي ۽ هڪڙي ٽولي جي غدارين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو بچي. مطلب ته دارالعلوم ديوبند هڪ اهڙو چشمو هو، جنهن ملت جي اميدن جي آبياري ڪري ان کي سر سبز بنائي ڇڏيو. هن علم و عمل جي هر ميدان ۾ اسلامي ملت جي دماغن کي صحيح سوچ ۽ فڪر ڏنو ۽ ان جي دلين کي جذبن سان ٽمٽار ڪري ڇڏيو. ان مسلمانن آڏو زندگي جي هر واٽ وائکي ڪئي ۽ پنهنجي تابناڪ سيرت جي سوجهري سان مڙئي اوندها پيچرا پڌرا ڪري ڏنا. جي ڪنهن مسلمان گهرن ته اڄ جي نين حالتن ۾ به بنا ڪنهن هٻڪ ۽ هُڊ کُڊ جي پوري اعتماد سان زندگي جو سفر طئي ڪري منزل ماڻي سگهن ٿا.