ملڪي ۽ غير ملڪي تحريڪون
دارالعلوم جا بزرگ فڪر ۽ عقيدي، علم ۽ تهذيب جي روايتن ۾ جن درويشن سان لاڳاپيل هئا ۽ پوءِ پنهنجي تعليم ۽ تربيت سان جيڪي ساڃهه وند ۽ سياڻا انسان پنهنجي علمي ۽ عملي روايتن جا وارث ۽ امين ڇڏي ويا آهن، انهن وٽ هڪ دردمند دل ۽ سچو روح هو، جو جڏهن سندن وطن ۾ يا ٻاهر ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪنهن جي ڦرلٽ ٿي يا ڪنهن جا حق ڦٻايا ويا يا ڪنهن جي آزادي تي راتاهو لڳو ٿي ته اهي تڙپي ٿي پيا. سندن ڪارنامن تي تاريخ شاهد آهي. دارالعلوم جي بزرگن جي خدمتن جو دائرو وطني تحريڪن کان وٺي غيرملڪي تحريڪن تائين پکڙيل آهي. وطن جي جنگِ آزاديءَ واري شروعاتي زماني کان وٺي ڪري اڄ تائين جيڪي به ملي ۽ قومي تحريڪون برپا ٿيون، دارالعلوم جي اڳين کان وٺي پوئين تائين سڀني ان ۾ حصو ورتو. تحريڪ اصلاح و جهاد (1831ع)، جنگ آزادي (1857ع)، ريشمي رومال تحريڪ (1917ع)، ستيه گر جي تحريڪ (1919ع)، تحريڪ خلافت ۽ ترڪ موالات (24-1919ع)، تحريڪ هجرت (1920ع)، نمڪ سازي تحريڪ ۽ تحريڪ سول نافرماني (1930ع)، انفرادي ستيه گر جي تحريڪ (41-1940ع) ۽ هندستان خالي ڪريو تحريڪ (1942ع) وغيره ۾ وقت، جان ۽ مال جي قرباني سان هنن مثال قائم ڪري ڏيکاريا.
ملڪ جي آزادي کان پوءِ هندستان جا مسلمان زورائتي امتحان ۾ ڦاٿل هئا. سندن زندگي جو پورو ڪاروهنوار ڊانواڊول ٿي ويو ۽ معيشت تباهه ٿي وئي. کين سخت فرقه وارانه تعصب اچي وڪوڙيو هو. اغوا، قتل ۽ ڦرمار جي بازار گرم ٿي وئي هئي ۽ هو چوڌاري خطرن جي گهيري ۾ هئا پر دارالعلوم جي بزرگن عوام، حڪومت ۽ دستور مخالف دشمنن قوتن جو هر مورچي تي مقابلو ڪيو. نيٺ مسلمانن جي وچ سفر ۾ ڦاٿل ٻيڙي کي ڪنڌي ڪناري پهچايو. ان وقت هندستان ۾ مسلمان جن مسئلن ۾ ڦاٿل هئا اهڙائي مسئلا پاڪستان ۾ به اقليتن سان اٽڪيل هئا. ديوبند جي بزرگن ٻنهي جاين تي حالتن جو مقابلو ڪيو. سورن سٽيل انسانن جي خدمت جو ڪو به موقعو هٿان نه وڃايو. هندستان ۾مسلمانن کي تعليمي نظام، مقبرن، مسجدن ۽ ٻين مقدس جاين ۽ تاريخي آثارن جي حفاظت، اوقاف واري سرشتي کي بچائڻ لاءِ دستور سازي، ڇڏيل ۽ اڻ ڇڏيل ملڪيتن تي ڪسٽوڊين ۽ ٻيا ناجائز قبضا ڪرڻ وارا، پاڪستان مان واپس ويندڙن جي مسئلن جي منجهيل صورتحال، تهذيب، ثقافت ۽ ٻولي جي بچاءَ حفاظت جهڙن مسئلن سان منهن ڏيڻو پيو هو ته پاڪستان ۾ به فرقه پرستي، تنگ نظري، عداوت ۽ دشمني جا لڳ ڀڳ ساڳئي نموني جا مسئلا ماڻهن آڏو هئا. هتي به ڦرمار چوٽ چڙهيل هئي، اغوا خونريزي جي واقعن ماڻهن جو سک ڦٽائي ڇڏيو هو. تنهن کان سواءِ جمهوريت جي بقا، دستور سازي، اسلامي نظام جي قيام لاءِ جاکوڙ، مسلمانن جي سڌاري لاءِ سٺن ڳڻن جي آبياري، باطل فرقن جي هٿ چراند ۽ غير اسلامي تحريڪن جو منهن ڪڍڻ جهڙا مسئلا ڪر کنيو بيٺا هئا. دارالعلوم ديوبند واري مڪتبه فڪر جي عالمن ۽ عوام حالتن جي سڌاري لاءِ هر محاذ تي جنگ جوٽي.
ديوبند جي اڪابرن دنيا جي ٻين ملڪن جي آزادي ۽ انهن جي حفاظت لاءِ چالو تحريڪن ۾ به حصو ورتو. افغانستان، ترڪي، بلقان، حجاز، فلسطين، قبرص، مراڪش ۽ طرابلس مطلب ته ايشيا آفريڪا ۽ يورپ کان وٺي ڏور اوڀر وارن ملڪن تائين آزادي جي جنگين ۽ اتي جي عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ استحصال خلاف جڏهن به ڪا جنگ ڇڙي يا تحريڪ هلي ته ديوبند جي ننڍن توڙي وڏن هڙان ۽ وڙان ان ۾ حصو ورتو ۽ هر ظلم ۽ ڏاڍ خلاف اٿندڙ آواز ۽ مظلومن جي مدد ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي ۽ وقتي حالتن جي حساب سان انهن سڀني تحريڪن ۽ مسئلن ۾ سچي دين جي هدايتن موجب ماڻهن جي رهنمائي ڪئي ۽ گس ڏيکاريو.
1237هه- 1909ع ۾ جمعيت الانصار ۽ 1919ع ۾ جمعيت علماءِ هند جي قائم ڪرڻ سان علماءِ ديوبند جي هڪ جماعت ملڪ جي آزادي لاءِ هلندڙ جاکوڙ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو. ان آزادي جي راهه ۾ هر طرح جون قربانيون ڏنيون، قيد و بند جون سختيون سٺائون، مال ملڪيت جو جوکو کنيائون ۽ گذر سفر جي ٻين اهم وسيلن، نوڪري ۽ واپار کي ان راهه ۾ قربان ڪيائون.
ان جماعت جي رڳو هڪ هڪ ماڻهوءَ ايترو وقت قيد ڪاٽيو ۽ نقصان سر تي کنيو آهي جو مسلم ليگ جي سڀني اڳواڻن گڏجي به نه ايترو قيد ڪاٽيو هوندو ۽ نه وري ايترو نقصان سٺو هوندو. رڳو هڪ شخص مولانا عبيدالله سنڌي لڳ ڀڳ 24 سال جلاوطني واري زندگي جا سور سٺا آهن. هن ننڍڙي مضمون ۾ سڄي ديوبندي جماعت جي جنگ آزادي ۾ ڪٽيل قيد جو تفصيل ته نٿو سمائجي سگهجي، البته وقت جي عظيم مجاهد ۽ جماعت جي اڳواڻ شيخ الهند مولانا سيد حسين احمد مدني کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. پاڻ مالٽا ۾ تقريباً ساڍا ٽي سال (ڊسمبر 1916ع کان جون 1920ع) تائين، بغاوت واري مقدمي ۾ تقريباً ٻه سال (سيپٽمبر 1921ع کان سيپٽمبر 1923ع) تائين، سول نافرماني دوران ڏيڍ هفتو، (1932ع) ۽ هندستان خالي ڪريو تحريڪ ۾ تقريباً سوا ٻه سال (جون 1942ع کان اگسٽ 1944ع) تائين سراسري طور تقريباً اٺ سال قيد جي زندگي گذاري ڇڏي. سائين جن کان سواءِ مفتي ڪفايت الله، مولانا احمد سعيد دهلوي، مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي، مولانا سيد محمد ميان ۽ جمعيت علماءِ هند سان لاڳاپيل سوين اڳواڻن هزارين ڪارڪنن پنهنجي زندگي جا ڪيترا سال قيد بند جي ڪوٺين ۾ ڪٽيا هئا، سو بيان حد حساب کان ٻاهر آهي. حقيقت اها آهي ته جمعيت علماءِ هند ۽ دارالعلوم ديوبند جي اڄ تائين ڪابه اهڙي تاريخ مرتب ناهي ٿي جنهن مان خبر پوي ته انهن ٻنهي ادارن سان لاڳاپيل صوبائي سطح کان وٺي ڳوٺن تائين ڪٿي ڪٿي، ڪيترن ماڻهن، ڪن ڪن تحريڪن جي سلسلي ۾ ڪيتريون سزائون ڪٽيون آهن ۽ جان مال جون ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن. گڏوگڏ واپار نوڪري ۽ معيشت وغيره جي تباهي جي ڪهڙين ڪهڙين آزمائشن مان گذريا هئا.
دارالعلوم ديوبند پنهنجي آڪهه مان آزادي پسند مجاهدن جي هڪ اهڙي جماعت پيدا ڪئي جنهن جو گذريل ٻن صدين جي تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. ان جماعت ۾ حاجي امدادالله مهاجر مڪي آهي. مولانا رشيد احمد گنگوهي ۽ حجة الاسلام مولانا محمد قاسم نانوتوي آهي. ان جماعت ۾ حضرت شيخ الهند جي سدا ملوڪ شخصيت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني جن جهڙا مرد مجاهد ۽ اسلام جو فدائي مولانا عزير گل به نمايان آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جن آهن، فقيهه الامت مولانا ڪفايت الله جن آهن، مجاهد في سبيل الله مولانا محمد ميان منصور انصاري جن آهن ۽ سچ جي ساٿاري مولانا محمد صادق کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي عزيمت جا ڌڻي آهن.
ان زنجير جون پويون ڪڙيون به پهرين ڪڙين کان ڪجهه گهٽ شاندار نه هيون. انهن مان هڪ ڪڙي مجاهد ملت مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي جن جي سيرت ۾ سمائجي سدا امر بنجي وئي آهي. حضرت سيوهاروي جن جي سدابهار شخصيت ڄڻ مينهن جو آخري قطرو هئي، جنهن ملت جي اميد واري ٻوٽي کي باغ بهار بنائي ڇڏيو. ان هندستان ۾ مسلمانن جي جيڪا خدمت ڪئي ۽ انهن جي حقن جي حفاظت لاءِ جهڙيءَ طرح جاکوڙيو سو هميشه يادگار رهندو. حضرت مولانا محمد ميان صاحب جن جو اصل ميدان ته تصنيف ۽ تاليف هو، پر هو عملي سياست ۾ به ڪنهن کان پوئتي نه رهيو ۽ ڪيترائي ڀيرا قيد و بند جا درد ڏٺائين. انهن بزرگن پڄاڻان به جيڪڏهن مسلمان ملت جو وجود باقي ۽ انهن جي رهنمائي جي ضرورت پوي ٿي ته اسان کي يقين ڪرڻ کپي ته دارالعلوم جي پونئيرن ۾ اهڙيون اڻ لڀ ۽ صاحب عزيمت شخصيتون ضرور پيدا ٿينديون جيڪي ملت جي ٻيڙي کي جهالت ۽ غلاميءَ ڪن مان ڪڍنديون ۽ ان جا مسافر من گهري مراد ماڻيندا. موجوده دور ۾ حضرت اميرالهند مولانا سيد اسعد مدني جي ذات اونداهين ۾ روشني ۽ مايوسين ۾ اميد جو هڪ ڪرڻو آهي. هندستاني مسلمانن جي اميدن جو اجهو سائين جن جي ئي ذات آهي. گذريل چوٿائي صدي جي تاريخ اسان جي آڏو آهي. حضرت موصوف جن جي سوچ ۽ لوچ فڪر ۽ فراصت ۽ حوصله مند اڳواڻي مسلمانن کي ڪن ڏکين لڪن ۽ مشڪل حالتن مان اُڪاري پار ڪيو آهي ۽ نه رڳو مسلمانن جي رهنمائي ڪئي آهي پر پوري هندستاني قوم کي اتحاد ۽ ترقي عزت ۽ وقار سان جيئڻ جو ڍنگ سيکاري ڇڏيو آهي.