شخصيتون ۽ خاڪا

مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر

مولانا عبيدالله سنڌي هڪ عظيم انقلابي عالم ۽ مفڪر جي حثيت ۾ عالمي مڃتا رکي ٿو، هِي ڪتاب ”مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر” سندس شخصيت تي متعلق هڪ بهترين ڪتاب آهي. ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر ابوسليمان شاهه جهانپوري ۽ سنڌيڪار حافظ ابوالاديب سنڌي صاحب آهن.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌي  ۽ سندس ڪجهه همعصر

٢. هندو مسلم اتحاد

٢. هندو مسلم اتحاد
ٻيو مسئلو جيڪو مولانا سنڌي تي لڳايل الزامن ۾ سرفهرست آهي ۽ جنهن جي ڪري مولانا خلاف ڌمچر مچايو ويو ۽ ان جي تضليل، تڪفير ۽ ديوبند مان نيڪالي جو سبب بنيو سو هندو مسلم اتحاد جي باري ۾ آهي. هندو مسلم اتحاد لاءِ مولانا جون وڏيون ڪوششون رهيون آهن. هندستان ۾ هندو مسلم اتحاد هڪ اهم مسئلو رهيو آهي. ان مسئلي جا ٻه پهلو آهن:
(1) 1947ع کان اڳ ملڪ جي آزادي لاءِ ۽ 1947ع کان پوءِ ملڪ جي عام ترقي لاءِ هندو مسلم اتحاد جي اهميت ۽ ضرورت
(2) عام سماجي ۽ تمدني زندگي لاءِ هندو مسلم اتحاد جي اهميت
انگريزن پنهنجي اقتدار جي شاهي محلات جو بنياد ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي اصول تي رکيو هو تنهن ڪري هنن هندن ۽ مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهايو. ان لاءِ هنن تاريخي، سماجي، تهذيبي ۽ مذهبي اختلافن کي هوا ڏيئي جهڳڙن کي وڌايو ۽ هندستان ۾ ٻن حليف قومن بجاءِ ٻن ويڙهاڪ ۽ مخالف قومن جي واڌويجهه لاءِ هنن هر حربو استعمال ڪيو. هندن کي هندن سان مسلمانن کي مسلمانن سان ويڙهايو، هلڪي ۽ ڪمزور طبيعت وارن عالمن کي استعمال ڪري ڪجهه علمي ۽ فڪري مسئلن کي اڀاري عوام ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪيو، هڪڙي فرقي کي ٻئي فرقي خلاف منظم ۽ مضبوط ڪيو، مختلف فرقن ۽ سماجي طبقن جو پاڻ ۾ ٽڪرائي وڌو. انهن چالن سان جيڪي حالتون پيدا ٿيون تن جي مدد سان هنن پنهنجي حڪومت کي سگهارو بنايو. اسان جي بزرگن شروع کان ئي انگريزن جي ڊپلوميسي کي سمجهي ورتو هو ۽ اهي گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هن نتيجي تي پهتا هئا ته انگريزي راڄ کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ عوام ۾ هر لحاظ کان هر سطح تي اتفاق ۽ اتحاد جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ هنن ڪوششون به ڪيون.
اوڻهين صدي جي شروع ۾ جڏهن شاهه اسماعيل شهيد اسلامي حڪومت کي نئين سر جيارڻ لاءِ جدوجهد واري تحريڪ شروع ڪئي هئي ته ان ۾ هندن جي سهڪار جي ضرورت جو احساس ان سوچيل سمجهيل فيصلي جو نتيجو هو ۽ 1857ع ۾ هندن سان گڏجي آزادي جي جنگ جوٽڻ ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي هئي پوءِ شيخ الهند جڏهن ان وادي ۾ پير پاتو ته کيس پهرئين ڏينهن کان ئي خبر هئي ته انگريزي راڄ کان آزادي وارو خواب تيستائين پورو نه ٿي سگهندو جيستائين ملڪ جون سڀ قومون اختلاف بجاءِ اتحاد پيدا نٿيون ڪن. حضرت شيخ الهند کان پوءِ حضرت شيخ الاسلام مولانا سيد حسين احمد مدني ۽ ديوبند جي انقلابين ۽ ملڪ جي سڀني آزادي پسند مسلمانن مولانا محمد علي جوهر، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبيدالله سنڌي جي سياست جو بنياد به ان اصول تي ٻڌل هو ته هندو مسلم اختلاف پيدا ڪري ڪنهن ٽئين طاقت ”انگريز سامراج“ کي مضبوط ۽ سگهاري ٿيڻ جو وجهه نه ڏنو وڃي.
حقيقت هي آهي ته سياست جي ان اصول جو بنياد حڪيم الهند حضرت شاهه ولي الله دهلويءَ ئي وڌو هو. اسلام جي هن عظيم فلسفي پهريون ڀيرو معاشري جي تشڪيل ۾ مسلم غيرمسلم واري نقطه نظر بجاءِ عام انساني نقطه نظر سان بحث ڪيو آهي ۽ ٻڌايو اٿس ته هڪ سٺي سماجي زندگي، جنهن ۾ ماڻهن کي سندن بنيادي ضرورتن جي پورائي کان پوءِ به ايترو وقت ملي جو هو پنهنجي ٻارن ٻچن جي سٺي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ پنهنجي روحاني ترقي لاءِ به وقت ڪڍي سگهن، اهو هر انسان جو بنيادي حق آهي نه ڪه ڪنهن خاص قوم مسلمان يا غيرمسلمان جو. انسانيت جي مڪمل ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته، ”رفاهيت ناقصه“ ۽ ”رفاهيت بالغه“ جي جاءِ تي ”رفاهيت متوسطه“ کي پيدا ڪيو وڃي. هيءَ ڳالهه به ان ئي ٻڌائي آهي ته جهڙي نموني ”رفاهيت ناقصه“ حيواني زندگي کي پيدا ڪري ٿي ساڳئي نموني ”رفاهيت بالغه“ غير اخلاقي زندگي جو بنياد بنبي آهي ۽ اها نه رڳو مسلمانن جي اخلاقي تباهي جو ڪارڻ هوندي آهي پر ان سان سڄو سماج انساني قدرن کان محروم ٿي ڪري اهڙو ته تباهه ٿي ويندو آهي جو ان کان وڌيڪ ڪنهن ٻي تباهي جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.
هندستان ۾ صدين کان جاري مسلمانن جي شاهاڻي ۽ جاگيرداري نظام مسلمانن جي سيرت ۽ اخلاق ۾ خرابيون پيدا ڪري ڇڏيون هيون. وري غيرمسلمن جي اميرن کي ڇڏي باقي خلق ”رفاهيت ناقصه“ ۾ ڦاسي ڪري حيواني زندگي جي اهڙي حدتائين ڪري چڪي هئي جو منجهن اخلاق ۽ مهذب زندگي جي ڪا نشاني ئي ڪانه بچي هئي. اها عوام توڙي جو پاڻ هڪ طاقت هئي پر سندن سردار کين ڪنهن اوزار وانگر پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪندا رهندا هئا، خود انهن کي ڪا پروڙ ئي ڪانه هئي ته کين ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، غلط صحيح، سٺي بڇڙي سان هنن جو ڪو واسطو ئي ڪونه هو. ساڳئين نموني مسلمانن ۾ به هڪ اهڙو طبقو پيدا ٿي پيو هو جنهن کي سندن اڳواڻ پهرئين پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪري پوءِ پڇندا به ڪونه هئا. نيٺ سندن ضرورتون کين مجبور ڪنديون هيون هو ٻيهر وري پنهنجي پهرئين فتح ڪيل بادشاهه جي جهنڊي هيٺ بيهي ڪري پوئين فاتح خلاف جنگ ڪن ۽ ان کي سوڀارو بنائين. جنگ جي جائز يا ناجائز، حق يا ناحق واري سوال سان سندن ڪوبه واسطو ڪونه هوندو هو. عام انساني مفادن جو خيال ته پري رهيو پر انهن کي رڳو مسلمانن جي اجتماعي مفاد جو اونو به ڪونه هوندو هو. پنهنجي سوچ سمجهه ۽ فيصلي ڪرڻ واري حق تان ڄڻڪ هٿ کڻي ويا هئا.
انهن حالتن کي پرکڻ کان پوءِ شاهه ولي الله دهلوي ان نتيجي تي پهتو هو ته هاڻي هندستان ۾ هڪ سياسي انقلاب ضروري ٿي پيو آهي ۽ انقلاب جو هڪ اصول اهو به آهي ته سياسي انقلاب سان گڏوگڏ سماجي انقلاب به اڻٽر هوندو آهي. تنهن ڪري سياسي انقلاب اچڻ کان پوءِ ضروري ٿي پوندو ته امير ۽ جاگيردار طبقو ذليل ۽ خوار ٿي ڪري ”اذله“ ۾ ڳڻجڻ لڳي ۽ سماج جا پيڙهيل طبقا اڳتي اچي ڪري عزت وارا يعني ”اعزه“ بنجي وڃن. شاهه ولي الله دهلوي جي سياسي بصيرت کيس اهو به ٻڌائي ڇڏيو هو ته ملڪ جي هن چالو سماج جي تباهي اڻٽر آهي، هاڻ رڳو تجديد ۽ نواڻ واريون ڪوششون ڪارگر نه ٿينديون، تنهن ڪري هن ”فڪ کل نظام“ جي دعوت ڏني. بيشڪ انساني قدرن کي قائم ڪرڻ يا نئين سماج ۽ نئين هندستان جي تعمير ڏي سندس مومناڻي فراست ۽ اسلامي تعليمات ۾ سندس (مجتهدانه بصيرت) ان جي رهنمائي ڪئي هئي ۽ ان جي جوڙيل اصولن ۽ اسلامي فلسفي ۽ اخلاقيات ۾ ڪو ٽڪراءُ به ڪونه هو پر ان جي تدبر ۽ بصيرت مٿس اها ڳالهه به چٽي ڪري ڇڏي هئي ته ملڪ ۾ ايندڙ سياسي سماجي نظام جو ڍانچو شايد اهو نه هجي جيڪو اڳ ۾ هو جنهن کي مسلمانن جون نظرون ”اسلامي“ سمجهڻ جو دوکو کائينديون رهيون آهن.
شاهه ولي الله دهلوي هندستان جو اهو پهريون فلسفي ۽ ڏاهو هو جنهن سماج جي اهڙي انساني اخلاقي جوڙجڪ ڏي ڌيان ڇڪرايو جنهن ۾ فرد انسان هجن، نه ڪه مسلمان يا غيرمسلمان. ديوبند جا بزرگ ان حقيقت جا سڀني کان وڌيڪ واقف هئا تنهن ڪري انهن شروع کان ئي ملڪ جي سياسي ۽ سماجي زندگي ۾ مسلمان ۽ غيرمسلمان واري متڀيد کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اهي مسلمانن جي ديني، اجتماعي ۽ تهذيبي زندگي ۽ مفادن جي ننڍڙي حصي کي به ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا پر ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي زندگي ۾ ڪنهن اهڙي رويي کي اپنائڻ لاءِ به تيار نه ٿيا جنهن جو نقصان ملڪ جي سماجي زندگي کي ۽ فائدو ملڪ جي ٽئين ڦورو طاقت کي پهچي ٿي سگهيو. ٿي سگهي ٿو ته سندن انداز فڪر ۾ ڪنهن جاءِ تي ڪا گهٽتائي ۽ جهول به رهجي ويو هجي پر نه رڳو انهن جو پر سندن بزرگن جو به اهوئي طريقو رهيو هو ته هو پنهنجي انداز فڪر ۾ مخلص ۽ سچا هئا.
هندستان ۾ غيرمسلمن سان اتحاد نه رڳو هڪڙي سياسي ضرورت هئي پر مسلمانن جي بهترين اجتماعي ۽ اقتصادي مفادن جي گهرج به اهائي هئي ۽ اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت لاءِ ته ضروري هو ته غيرمسلمن سان ويڙهه ۽ جهيڙي بجاءِ اتحاد ۽ ملڪ ۾ ڏڦيڙ بجاءِ هر طرح امن امان هجي. اتحاد ۽ امن امان جي صورت ۾ ئي مسلمان پنهنجو ڪاروبار به وڌائي سگهيا ٿي ته ٻني ٻاري کي به ترقي ڏيئي ٿي سگهيا ۽ معاشي وسيلن جي ڊوڙ ڊڪ ۾ حصو وٺي پنهنجي اقتصاديات کي ٺيڪ ٺاڪ ڪري ٿي سگهيا ۽ ان تي ئي سندن ملي، معاشرتي، تهذيبي، تعليمي سرگرمين جو دارومدار هو. امن ۽ اتحاد کان سواءِ تمدني زندگي جي آرام ۽ سکن ڀريل گهريلو زندگي جي خوشين جا فائدا وٺي نٿي سگهيا ۽ اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت جا بهترين موقعا ۽ وجهه به ان صورت ۾ ئي حاصل ٿي سگهيا ٿي. هن ملڪ ۾ هندو مسلمان صدين کان گڏ رهندا پئي آيا. انهن ۾ هزارين اختلاف ٿيا ۽ جهيڙا جهٽا به ٿيندا رهيا آهن، اڳتي به ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. پر سدائين لاءِ ڏڦيڙ ۽ ويڙهه جهيڙي واري صورت جو هجڻ نه مسلمانن جي فائدي ۾ هو نه هندن جي فائدي ۾. ملڪ ۾ رهندڙ قومن سان ايڪو ۽ امن ماضيءَ ۾ به مسلمانن جي ضرورت هئي ته حال ۾ به سندن ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته مستقبل ۾ به هوندي. هو امن ۽ اتحاد جي ضرورت کان ڪن لاٽار نٿا ڪري سگهن. اڄ جڏهن هو اخلاقي، دينداري، علم ۽ پرهيزگاري جهڙن اعليٰ انساني ڳڻن کان پرڀرا ٿي ويا آهن تڏهن به سندن ديني توڙي دنيوي ڪاميابي ۽ ڀلائي جو رستو امن ۽ ايڪي جي فضا ۾ ئي مقرر ڪري سگهجي ٿو. هندستان ۾ مسلمان پنهنجي دنياوي زندگي جي ٻئي ڪنهن به پهلوءَ کي نظرانداز ڪري سگهن ٿا پر امن ۽ ايڪي جي ضرورت جا هو ڪڏهن به انڪاري نٿا ٿي سگهن. پر ان ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ويهين صديءَ جي هندستان ۾ ڪجهه اهڙا به هندو آهن جيڪي سمجهن ٿا ته مسلمانن کي طاقت وسيلي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙا مسلمان به کوڙ ملندا جيڪي سمجهن ٿا ته کين غلام بنائي سگهجي ٿو. حالانڪ هاڻي وٽن نه حڪومت آهي نه ڪرسي، نه ئي اقتصادي ۽ معاشي خوشحالي کين حاصل آهي. انهن جي اجتماعي ملي زندگي جي طاقت ڀورا ڀورا ٿي ويئي آهي. تان جو هاڻي هو اخلاقي، دينداري، علم ۽ پرهيزگاري جهڙن انساني قدرن کان اوپرا ٿي ويا آهن. تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪو مسلمان يا مسلمانن جي ڪا جماعت سمجهي ٿي ته هو ايئن ڪري سگهي ٿي ته ان جي ارادن جي پرواز ۽ بلندي کي سلام ته ڪري سگهجي ٿو پر عملي دنيا ۾ سندن اهڙين سڌن جي ڇا حيثيت آهي؟ اها سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي.
بهرحال ان وقت حالتون اهي هيون جو مسلمانن ۽ هندن ۾ هڪ اهڙي ڌر پيدا ٿي چڪي هئي جيڪا پنهنجي ڀورڙائي ۽ مذهبي جوش سبب ٻنهي قومن جي اختلافن کي هٿي ڏيئي ڪري فتنو ۽ ڏڦيڙ پکيڙي رهي هئي ۽ انگريز ڊپلوميسي وٽ هڪ پتلو بنجي ويئي هئي. وڏي شرم جي ڳالهه ته اها هئي جو ان ڌنڌي لاءِ مذهب جو نالو استعمال ڪيو ويو هو. مولانا عبيدالله سنڌي، حضرت شيخ الهند جي هدايتن موجب مولانا محمد علي جوهر جي مدد سان هندو مسلم اتحاد جي تحريڪ شروع ڪئي هئي. اها ڳالهه دارالعلوم ديوبند جي مهتممن ۽ عثماني خاندان جي صاحبزادن کي ڏاڍي ڏکي لڳي هئي پر ان جو سڀ کان وڌيڪ ڏکارو پاسو اهو آهي جو اهي همراهه ان ميدان ۾ پنهنجي سوچ سمجهه وارا ۽ صاحب فڪر نه هئا ته هونئن ئي ڪونه هئا جو کڻي ان کي نظرياتي اختلاف چئجي پر اهي سنئون سڌو انگريزن جا ايجنٽ بنجي ويا هئا.