شخصيتون ۽ خاڪا

مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر

مولانا عبيدالله سنڌي هڪ عظيم انقلابي عالم ۽ مفڪر جي حثيت ۾ عالمي مڃتا رکي ٿو، هِي ڪتاب ”مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر” سندس شخصيت تي متعلق هڪ بهترين ڪتاب آهي. ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر ابوسليمان شاهه جهانپوري ۽ سنڌيڪار حافظ ابوالاديب سنڌي صاحب آهن.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌي  ۽ سندس ڪجهه همعصر

ضميمو ٽيون

ضميمو ٽيون

ديوبند واري واقعي جي وضاحت
۽ مليل اعزاز جي پيرائتي حقيقت

حڪومت هندستان جي سيڪريٽري ڏانهن يو پي سرڪار جي سيڪريٽري پاران 28 آڪٽوبر 1915 تي مولانا محمودالحسن بابت لکيل خط ۾ مولانا محمد احمد مرحوم جي ان سپاسنامي جو ذڪر آهي جيڪو سندس طرفان ۽ سندس اڳواڻي ۾ ئي هڪ پنج رڪني وفد کيس شمس العلماء جي خطاب ملڻ واري خوشيءَ جي موقعي تي شڪراني طور پيش ڪيو هو. ان خط جي ٻئي پيراگراف ۾ چيو ويو آهي ته سپاسنامي سان گڏ (سپاسنامي پڙهڻ واري مولوي) هڪڙو پمفليٽ به هز آنر جي خدمت ۾ پيش ڪيو هو جنهن ۾ اخبار زميندار (لاهور) جا ڪجهه ٽڪرا به نقل ڪيل هئا. ان پمفليٽ ۾ مولوي محمد احمد مهتمم دارالعلوم کي حڪومت پاران مليل شمس العلماء واري دنياوي اعزاز قبول ڪرڻ تي (پيسي جو پوڄاري) چئي ڪري جهڙوڪر گار ڏني ويئي هئي. ان جو جواب مولوي شبير احمد عثماني طرفان ڏنو ويو هو. اهو به هز آنر جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو هو. انهن سڀني جو خيال آهي ته اهو پمفليٽ ”الهلال“ ڪلڪته جي ايڊيٽر مولوي ابوالڪلام آزاد جو لکيل آهي. جيئن ته ان جي طرفان ڪوبه جواب الجواب نه آيو تنهن ڪري هنن سمجهيو ته کائنس ان جو جواب پهچي نه سگهيو آهي. ان پيراگراف ۾ زميندار جي جنهن مضمون ۽ ان تي ٻڌل جنهن پمفليٽ جو ذڪر آيو آهي سو مضمون يا پمفليٽ ته ملي نه سگهيو آهي. البته مولانا شبير احمد عثماني جيڪو جوابي مضمون لکيو هو اهو حاضر آهي. اهو مضمون ”القاسم“ ديوبند بابت 10 رمضان 1333هه مطابق آگسٽ 1915ع ۾ ڇپيو هو. (صفحي 1 کان 17 تائين) ان مان زميندار جي بيان ڪيل مضمون جي مطلب ۽ مفهوم جو اندازو ٿي وڃي ٿو ۽ پڻ ان مان هي به خبر پوي ٿي ته:
(1) اخبار زميندار جو بيان ڪيل مضمون اصل ۾ (همدرد دهلي) جي هڪ ليڊنگ آرٽيڪل کي بنياد بنائي ڪري لکيو ويو هو ۽ زميندار جي 13 جولائي 1915ع واري اشاعت ۾ ڇپيو هو.
(2) هي مضمون حقيقت نگار جي قلمي نالي سان ڇپيو هو. همراهن جو خيال آهي ته ان جو ليکڪ مولانا ابوالڪلام آزاد آهي اها ڳالهه صحيح به ٿي سگهي ٿي پر اهو رڳو هڪ انومان آهي.
(3) وفد جي ميمبرن جي خيال ۾ مولانا شبير احمد عثماني جو مضمون ان جو مسڪت جواب آهي. ابوالڪلام آزاد ان جو جواب ڏيئي نه سگهيو آهي. پر اهو رڳو سندن وهم آهي. مون کي ته ان مضمون ۾ ڪابه سگهه ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. مولانا محمد احمد جي بچاءَ ۾ قلم کي گهڻو ڊوڙايو ويو آهي پر اصل اعتراض جو اهو بنيادي نڪتو ته هي اعزاز کيس سرڪار لاءِ لڪيل خدمتن (جاسوسي) جي بدلي ۾ ڏنو ويو آهي، ان جي جواب ۾ هڪ لفظ به نه لکيو ويو آهي.
(4) مضمون جو اهو پاسو ته هيڪاري ڪسو آهي ته مولانا محمد احمد ڪو اهڙو ڪم ڪونه ڪيو آهي جيڪو ان کان اڳ ۾ ڪيو نه ويو هجي ۽ ان جا ڪجهه مثال به ڏنا ويا آهن.
(5) مولانا محمد قاسم نانوتوي واري وقت کان وٺي ڪري مولانا رشيد احمد گنگوهي جي وقت 1905ع تائين وارين حالتن جي سختي ۽ 1915ع جي حالتن واري فرق کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي. ڪٿي 1905ع تائين حالتن جو ڏهڪاءُ ۽ جبر ۽ ڪٿي 1916ع کان پوءِ واريون حالتون. جڏهن آزادي جي تحريڪ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ويئي هئي ۽ قاسمي تحريڪ پنهنجي شروعاتي مرحلي مان نڪري چڪي هئي. هاڻي ان جي لوڪ کان لڪائي پالنا ڪرڻ جي ضرورت نه هئي بلڪ وقت اچي ويو هو ته ان کي زماني سان دوبدو نظرون ملائڻ سيکاريو وڃي. پر قاسمي ۽ عثماني خاندان جا شهزادا آجپي لاءِ مچندڙ ان مچ جي گرميءَ کي محسوس ئي ڪونه ڪري رهيا هئا جيڪو حضرت قاسم العلوم والخيرات جي لائق شاگرد مولانا محمود حسن جي سيني ۾ ڀڙڪي رهيو هو ۽ جنهن مچ سندس ڪن خاص شاگردن ۽ دهلي، ڪلڪتي جي ڪجهه ڏاهن جي دلين کي به دکائي ڇڏيو هو.
هاءِ! افسوس جو اهي صاحبزادا 1915ع ۾ به بديسي سرڪار لاءِ جاسوسي ۽ لڪ ڇپ وارا ڌنڌا ڪري رهيا هئا. تانجو اهي حضرت قاسم العلوم جي لائق شاگرد ۽ علمي فڪري جانشين سان گڏوگڏ انقلابي تحريڪن ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳائيندڙ ڪارڪنن کي سندن فڪري ۽ انقلابي مرڪز کان پاسيرو ڪري کين دشمنن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ هٿ ڌوئي پٺيان پيل هئا.
(6) انگريز سرڪار جي ڇاڙتن ۽ مسلمان اميرن يا والي رياست ڀوپال جي خدمت ۾ سپاسنامي پيش ڪرڻ کي پاڻ ۾ ڀيٽ ڏيڻ ته بلڪل غلط آهي.
(7) دفاعي تحرير ۾ تنقيد ڪندڙ يا مضمون لکندڙ کي ڪنهن مشهور داستان ساز يا ڪوڙي مؤرخ سان تشبيهه ڏيڻ ۽ ان طرف آڱر کڻڻ اعتراض جو ڪو معقول جواب نه هوندو آهي. اهڙين لکڻين کي علمي ڏاهپ جي ابتڙ سمجهيو ويندو آهي.
(8) زميندار (لاهور) جي حقيقت نگار جو اشارو هن طرف هو ته مولانا محمد احمد کي جيڪو خطاب مليو آهي سو سندس علمي خدمتن جي مڃتا ۾ نه، پر سندس سرڪاري خدمتن جي عيوض ۾ ڏنو ويو آهي. اها ڳالهه ان وقت ته رڳو مهتمم صاحب جي ڌنڌن ڏسڻ وارن ڪن خاص واسطيدار ماڻهن جي علم ۾ هئي. مهتمم صاحب جون اهي خدمتون جيڪي هن جمعيت الانصار جي انقلابي تحريڪ کي ختم ڪري انگريز سرڪار جي خدمت ۾ پيش ڪيون هيون تن لڪيل ڌنڌن جا تفصل سي آءِ- ڊي جي فائلن ۾ لڪيل هئا. پر هاڻي ته سڀئي راز ۽ سڀني جا وکا پڌرا ٿي چڪا آهن. تن مان چڱي پر پروڙي سگهجي ٿو ته اصل ۾ شمس العلماء جو خطاب کيس انهن ئي خدمتن جي ڪري ڏنو ويو هو ۽ جڏهن مولانا محمد احمد کان پوءِ 1925ع ۾ مولانا حبيب الرحمان عثماني کي حيدرآباد دکن ۾ مفتي واري عهدي تي فائز ڪيو ويو ته اهو به سندس انهن خدمتن جو بدلو هو جيڪي هن حضرت مهتمم صاحب سان ٻانهن ٻيلي ٿي ڪري سر انجام ڏنيون هيون.
هن درديلي داستان کي ڪيترو ڊگهو ڪجي ۽ ان جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي ان جي پرک لاءِ هي ڪتاب ۽ منجهس آيل سرڪاري رپورٽون، ضميما، تحريڪ شيخ الهند ۽ ان جا دستاويز (ترتيب مولانا محمد ميان) دي انڊين مسلمز اي ڊاڪيومينٽري ريڪارڊ (ترتيب شان محمد) تحريڪ ريشمي رومال اور سندهه (ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهان پوري) وغيره. انهن صاحبزادن ۽ شهزادن جي بي بصيرتي ۽ ان کان به گهڻو ڪجهه وڌيڪ تي سچار شاهد آهن. هاڻي توهان مولانا شبير احمد عثماني جو مضمون پڙهو. (ا. س. ش)

اعزاز ڏيڻ جي حقيقت
هن تحرير ۾ اسان جي ڳالهه جو منهن مهاڙ ان نالي لڪيل حقيقت نگار ڏانهن آهي جنهن پنهنجي دل ۾ دکندڙ باهه کان يا اڄڪلهه جي هٿ ٺوڪي ۽ ڏيکاءَ واري سياسي حريت پروري هٿان مجبور ٿي ڪري اخبار زميندار جي صفحن ۾ مٿيئن عنوان سان اخبار همدرد جي هڪڙي ليڊنگ آرٽيڪل جو رد ڏيندي پنهنجو عقلي ۽ اخلاقي فرض نباهيو آهي. کڻي ظاهري نموني هو خاص طور تي اسان سان مخاطب نه آهي پر جيئن ته حقيقت نگار جي اخلاقي ۽ عقلي فرضن موجب هر ڳالهه کي ڇنڊي ڇاڻي سندس اصلي حقيقت موجب مڃڻ گهرجي ۽ اسان جي وري مذهبي فرضن موجب (النصح لڪل مسلم) واري قاعدي موجب ڪنهن به ڳالهه جي اصلي ۽ صحيح حقيقت کي چٽو ڪرڻ گهرجي تانته جيڪي ماڻهو سچ جا ڳولائو آهن (جن جو وجود بدقسمتي سان اڄڪلهه نه هجڻ جي برابر آهي) تن کي سندن پاڪ مقصد ۾ مدد ڏيڻ گهرجي. بس انهيءَ جي ڪري اسان هنن ڪجهه سٽن لکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي ۽ اڃان به جي مناسب لڳو ته انهن ۾ ڪجهه واڌارو ڪري سگهجي ٿو. زميندار جو اهو پرچو گهڻو ڳولا کان پوءِ ملي سگهيو آهي. پر پوءِ غنيمت آهي جو 12 جون واري ”همدرد“ جي تصحيح ته زميندار جي 13 جولاءِ واري پرچي ۾ ڇپي آهي. پر اسان ان جي ڀيٽ ۾ رڳو اڌ مهيني جي وقفي سان زميندار جي مضمون تي هڪ سچائي واري تنقيد لکي ڪري پريس حوالي ڪري رهيا آهيون.
توڙي جون ضرورتون ۽ مجبوريون ڪيترن ئي اڻوڻندڙ ڪمن کي به مباح (جائز) بنائي ڇڏينديون آهن. جيئن اسان جو هي مضمون به انهن مان هڪ آهي. جيڪو آءٌ ڇپجڻ لاءِ موڪلي رهيو آهيان پر هڪڙو اسان کي ڏاڍو ڏک آهي جو اسان کي پنهنجا ڪيترائي سٺا ۽ ضروري ڪم ڇڏي ڪري هڪ اهڙي اڻوڻندڙ ۽ بي فائدي بحث ۾ اچڻو پيو آهي جيڪو هيڪاري هن اسلامي ڀائپي واري رسي کي سوگهي جهلڻ لاءِ اٿندڙ ڇولي وقت وڌيڪ گهٽيا درجي جو ٿي پيو آهي. پر پوءِ به حقيقت نگار واري قلم جي تيک ۽ تيزي اسان کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هيءَ به حقيقت آهي ته هڪڙي قسم جي سوال جواب ۾ ڳالهيون وڌي وڏيون ٿي وينديون آهن. جيئن همدرد جي 15-20 سٽن جي مقابلي ۾ زميندار کي چئن کان به وڌيڪ پنهنجا اداراتي ڪالم ڦٽائڻا پيا آهن. تنهن هوندي به آءٌ ان خيال سان مسلم جماعت ۾ اهڙيون کوٽيون ۽ ڪسيون ڳالهيون جيترو ٿي سگهي گهٽ ٿين، پنهنجي هن مضمون کي مختصر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. سڀ کان پهريائين مناسب آهي ته اسين همدرد ۾ ڇپيل ليک جو تت ۽ نچوڙ خود حقيقت نگار جي لفظن ۾ بيان ڪري ڇڏيون جيڪو هن ريت آهي.
(1) جهڙي نموني هندستاني خادمن جي سرموڙ، آزادي پسندن جي استاد ۽ وقت جي جوڌن جيالن جي اڳواڻ مسٽر گانڌيءَ کي پنهنجي پوري قومپرستي ۽ آزادي پسند هوندي به خطاب ملڻ اچرج جهڙي ڳالهه آهي. بنهه ايئن اها ڳالهه به عجب جهڙي آهي جو مولانا محمد احمد (مهتمم دارالعلوم ديوبند) کي شمس العلماء جو خطاب مليو.
(2) گهڻو ڪري خطاب يا منصب ڏيڻ ۾ هيستائين جيڪو طريقو رهيو آهي. (يعني عام طور تي انهن ماڻهن کي خطاب ڏنو ويندو آهي جيڪي وڏن مقصدن لاءِ ظاهر ظهور يا لڪ ڇپ ۾ خدمتون سرانجام ڏيئي چڪا هجن يا منجهائن اهڙين خدمتن جي اميد هجي.) ان حوالي سان مولانا موصوف کي جيڪو شمس العلماء جو خطاب مليو آهي اهو حيرت وارو يا گهٽ ۾ گهٽ اميد جي ابتڙ آهي.
(3) ان ڪري جو مولانا جي آزاد شخصيت ۽ بي ڊپي سچائي جو ڏيک سهارنپوري واري جلسي ۾ پڌرو ٿي چڪو آهي.
(4) مولانا صاحب جي اتاهين شخصيت کي نه ڪڏهن اڳ ۾ خطاب جي ضرورت هئي (نه خدانخواسته) وري ڪڏهن ٿيندي.
باب ورنگ و خال و خط۔ چھ حاجت روئے زیبارا۔
انهن مٿين ڳالهين مان پهرئين ڳالهه تي جيئن ئي حقيقت نگار جي نظر پيئي ته کيس اندر ۾ آنڌ مانڌ اچي وڪوڙيو ۽ ڪاوڙ ۾ صفا سيٽجي همدرد جي ايڊيٽر تي ڇوهه ڇنڊڻ شروع ڪري ڏنا ته مشهور وطن پرست مسٽر گانڌي ۽ مدرسه ديوبند جي پگهاردار مهتمم ٻنهي کي ساڳين قطار ۾ بيهارڻ جو آخر توکي حق ڪهڙو هو. ڇو ته پوئين همراهه ڪڏهن به قومي ايثار ۽ فداڪاري واري جذبي جو مظاهرو نه ڪيو آهي، ان جي ابتڙ مسٽر گانڌي جيڪي ڪجهه ڪيو آهي سو سچائي ۽ وطن پرستي جي تاريخ ۾ امر ٿي ويو آهي.
بيشڪ حقيقت نگار وانگر اسان کي به اهوئي احساس ڏنگيندو رهيو آهي ته هڪڙي مذهبي ٻيلي جي شينهن ۽ هڪ آزاد سياسي پهلوان کي هڪڙي ئي آکاڙي ۾ ڇو لاٿو ويو آهي؟ يا وري ڪنهن سنئين سڌي روشن ضمير خدا پرست انسان کي هڪڙي اصطلاحي وطن پرست سان ساڳي صف ۾ بيهارڻ غلط آهي.
صلاح کار کجا ومن خراب کجا - بہ بین تفاوت رہ از کجا ست تابکجا
چہ نسبت است برندے صلاح وتقوی را- سماع وعظ کجا نغمہ رباب کجا
پر اسين ڄاڻون ٿا ته همدرد جي معزز ايڊيٽر تي اهڙي ڪنهن به صف بندي جو الزام ڏيڻ اجايو آهي. جنهن ۾ هن مسٽر گانڌي ۽ مولانا کي آمهون سامهون بيهاريو هجي. همدرد جي هيٺين لفظن مان ته (ديوبند جي هڪ ڪنڊائتي بزرگ ”مهتمم دارالعلوم الاسلاميه“ کي اڻ گهريو ”شمس العلماءَ“ جو خطاب ڏيڻ ايئن اميد جي ابتڙ ۽ تعجب وارو پرائز آهي جيئن مسٽر گانڌي کي جنوبي آفريڪا ۾ ڪيل خدمتن جي عيوض هندستان ۾ خطاب ڏيڻ) آءٌ نٿو سمجهان ته ڪهڙي بڻ بڻياد تي ٻنهي جي ڪارنامن جي ڀيٽا ۽ سندن درجن کي برابر سمجهڻ جو نتيجو ڪڍيو ويو آهي. خود همدرد ٻنهي جي خدمتن ڏي اشارو ڪندي هر هڪ جي نوعيت کي پنهنجي مختصر لفظن ۾ چٽو ڪري رهيو آهي پر توهان آهيو جو نڪي ٻڌو ٿا نڪي سمجهو ٿا.
اوهان کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته دارالعلوم ديوبند جي اهتمام جي ذميواري مولانا محمد احمد کي ماڻهن ۾ مٿڀرو بنائي ٿي، سو ڪو معمولي مڪتب يا انجمن ڪونهي. هو هندستان جي مسلمانن جي سڀ کان وڏي درسگاهه ۽ سڀني کان وڏو مذهبي يادگار آهي. جنهن جا بانيڪار، جنهن جا شاگرد، جنهن جا استاد، جنهن جو تعليمي نصاب، جنهن جو سمورو عملو پنهنجي اندر نج مذهبي روح رکي ٿو. هن هميشه ماٺ ميٺ ۾ امن امان واري اڻ بدلجندڙ ۽ انتهائي ٺوس رفتار سان مذهبي تعليم کي عام ڪيو آهي ۽ سچن اسلامي جذبن کي عام توڙي خاص ماڻهن تائين چؤطرف پکيڙي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي آواز تي ڪن ڏيندڙن کي ان وقت به جڏهن هندستان ۾ مسلمانن جا نامي گرامي اڳواڻ ڪانگريس جي مقصدن ۾ شريڪ ٿيڻ کي گمراهي ۽ چريائپ پڻ چوندا هئا ۽ جڏهن قرآن پاڪ مان کوڙسارين سخت مفهوم وارين آيتن کي لفظي ۽ معنوي نموني ڪڍي ڇڏڻ لاءِ قراردادون پيش ڪيون پئي ويون، تڏهن به هي ادارو انهيءَ قرآن ۽ انهيءَ حديث جي سڀني حصن جي بنان ڪنهن گهٽ وڌاءَ جي آزاداڻي نموني تعليم ڏيئي رهيو هو ۽ اڄ جي هن زماني ۾ به اهائي ساڳي تعليم ڏيئي رهيو آهي. جڏهن مسلم ليگ ۽ ڪانگريس کي گڏائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن ۽ اڄ جڏهن اهي ڀڙڪيلا تقرير باز مولوي جن کي ڏهه ويهه سال اڳ مذهبي مجنون، چريا ۽ تنگ نظر چيو ويندو هو، تن کي هاڻي وري ڪمزور، ڀاڙيا، خوشامدي ۽ مصلحت پسند مشهور ڪيو پيو وڃي. رات ڏينهن جي ڦيرين گهيرين کي ڏسو ۽ تمام غور سان ڏسو ته هڪ اها حالت هئي جڏهن دارالعلوم کي بغاوت پسند ۽ امن امان ۾ ڏڦيڙ وجهڻ وارو ۽ ملڪ و ملت لاءِ هاڃيڪار سمجهيو ويندو هو. تانجو هڪڙي ڇپيل اشتهار ۾ ته ”گورنمينٽ ڌيان ڏي“ جي عنوان سان هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي ته سرحد، ڪابل ۽ ٻين جاين تي جتي مسلمان عيسائين سان جنگ ڪن ٿا انهن سڀني لاءِ رسد ۽ توانائي ديوبند وارو مدرسو تيار ڪري رهيو آهي ۽ اڄ وري هي حالت آهي جو انهن ئي اسٽيم تيار ڪرڻ وارن کي (اسين ثابت ڪنداسين ته هو اڄ به پنهنجي وڏڙن جي واٽ تي هلي رهيا آهن.) خوشامدي، دين ويڪائو ۽ اهڙا ٻيا لقب ڏنا پيا وڃن، پر توهان ياد رکو ته جهڙي نموني دارالعلوم وارن جا پير پهرئين حملن ۾ ڪونه ٿڙيا هئا تهڙي نموني هن ٻئي مرحلي وارا حملا ۽ جهٽڪا به کين ڌوڏي نٿا سگهن.
(عنقا شکار کس نھ شود دام باز چین کھ آنجا ہمیشھ بار بدستست دام را)
جيڪي ماڻهو دارالعلوم جي تاريخ جي ڪجهه ڳوڙهي ڄاڻ رکن ٿا تن کي چڱي ريت خبر آهي ته ڌار ڌار طبيعت جي ماڻهن ڪهڙي ڪهڙي نموني دارالعلوم کي قوم ۾ خوار ڪرڻ يا حڪومت کي ان کان بدظن ڪرڻ وارين هاڃيڪار سرگرمين جو ڄار پکيڙيو ۽ باوجود هن جي ته مولانا محمد احمد صاحب جهڙي قدآور شخصيت دارالعلوم جي پراڻي پاليسي کي هٿيڪو ڪري رکڻ لاءِ (جيڪو هڪ ذميوار ۽ بهادر مهتمم جو سڀ کان وڏو فرض آهي) پنهنجي بلند خياليءَ سبب ڏک ڏاکڙا سهي به ڪهڙي نه صبر ۽ سهپ جو ثبوت ڏنو آهي ۽ ڪيڏي نه ڏاهپ ۽ سمجهداريءَ سان مدرسي جي مڙني ماڻهن کي پاڻ ۾ سلهاڙي ڳنڍي ان تعليمي فيض ۽ دين کي عام ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ جاکوڙ ڪئي جيڪو مدرسي جي بانيڪارن جو ارادو ۽ منصوبو هو. جن جو بيان هن اخباري ڪالمن ۾ سمائجي نٿو سگهي، جيڪڏهن توهان کي انهن حقيقتن جي پرک ۽ پروڙ پئجي وڃي ته ڪر اوهان آڏو اها حقيقت به کلي وڃي ته اوهان دارالعلوم يا مولانا محمد احمد بابت جيڪي ڪجهه ٺلهي دٻ ڌڪي سان لکي رهيا آهيو ان ۾ اصل سچائي جو ڪيترو حصو آهي.
(خواہی کہ روشنت شود احوال سرعشق۔ از شمع پرس قصھ زباد صبام پرس۔)
آءٌ مڃان ٿو ته مولانا محمد احمد صاحب مسٽر گانڌيءَ جهڙي فداڪاري، وطن پرستي ۽ قرباني جو ڪو ثبوت ڪونهي ڏنو پر منهنجي خيال ۾ اها مولانا جي گهٽتائي نه، بلڪ ساراهه آهي. جو هو به مدرسي جي پراڻن اڳواڻن جيان انهن لفظن جي نئين اصطلاحي معنيٰ کان بي خبر آهي. مدرسي جو مهتمم هوندي به پگهار نه وٺڻ (جيڪو شايد اوهان وٽ قرباني جو وڏو درجو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اسلامي تاريخ ۾ پگهار وٺڻ وارن خلفاءِ راشدين کي به اوهان ان درجي کان محروم ڪري ڇڏيو.) بيشڪ مدرسي جي پنجاهه ساله برڪت ڀري تاريخ ان سلسلي ۾ مولانا محمد احمد جي ڪابه رهنمائي نه ڪئي آهي. پر شايد اوهان کي اها خبر ناهي ته ڪجهه مهينن کان حضرت مولانا محمود الحسن صاحب پگهار ڇڏي ڪري مسلمانن لاءِ جنهن سهڻي روايت جو بڻ بڻياد وڌو آهي سا مولانا محمد احمد جي ستن اٺن سالن جي صلاح مشوري سان ئي قائم ٿي آهي. جنهن جي پهرئين ڪڙي حضرت قبله محمود الحسن صاحب پاران 35 سالن جي لڳاتار ارادي ڪرڻ کان پوءِ آخرڪار پگهار ڇڏي ڏيڻ آهي ۽ ان جو ٻيو مثال اهو هوندو جنهن تي عمل ڪرڻ جي فڪر ۾ مولانا محمد احمد لڳو پيو آهي. (توڙي جو مون کي خبر نه آهي ته ايئن ڪرڻ جي صورت ۾ مولانا محمد احمد صاحب مدرسي جي مهمان خانه جو خرچ جيڪو لڳ ڀڳ چاليهه روپيا ماهوار ٿيندو ۽ جنهن لاءِ مولانا کي مريدن وٽان نذرانه ڪونه ٿا ملن، سو پنهنجي ذمي رهڻ ڏيندو يا نه.)
ان موقعي تي اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته حيدرآباد واري عهدي جو مدرسي جي مهتمميءَ سان ڪوبه تعلق نه آهي ۽ حقيقت نگار جي غلط فهمي پيدا ڪندڙ هيٺين لفظن جي جواب ۾ ته ”هن کي مدرسي جي صدقي حيدرآباد مان وظيفو ٿو ملي“ رڳو هن حقيقت کي بيان ڪرڻ ئي ڪافي آهي ته هندستان جي عظيم شخصيت جو وارث ۽ لائقي پٽ حافظ محمد احمد 1308هه کان وٺي حيدرآباد جو عهديدار آهي. جڏهن ته هن کي مهتمم 1313هه ۾ بنايو ويو هو، سو جيڪڏهن هاڻ کيس ڪا ترقي ملي آهي ته اها به انهن ئي بنياد تي ملي هوندي جنهن بنياد تي اڳ ۾ کيس اهو عهدو مليو هو.
ها! باقي ايترو فرق ضرور پيو آهي جو مولانا صاحب جي سٺن ڪوششن سان مدرسي جو چندو جيڪو اڳي رڳو هڪ سؤ روپيا هو سو هاڻي پنج سو روپيا ٿي ويو آهي. ”وَسَیَصِیۡرُ مُضَاعَفاً اِنۡشَاءَاللھُ الۡعَزِیزُ“
حقيقت نگار جي ان اڻڄاڻائي تي جيئن اسان کي ڏک آهي، تيئن سندس ان هلڪڙائي تي به هزار ڀيرا عجب ٿو ٿئي ته ”جيڪڏهن مولانا محمد احمد پگهار وٺڻ ڇڏي ڏي ها ته پوءِ گانڌي ۽ گوڪلي جي جاءِ تي حضرت جنيد ۽ شبلي قطار ۾ آڻي بيهاريو ها ته به اسان کي ڪو اعتراض نه هجي ها.“ آءٌ پڇان ٿو ته ڇا سچ پڇ به تو وٽ گانڌي ۽ گوکلي جو درجو ايڏو اتاهون آهي جو مولانا محمد احمد کي انهن جي قطار ۾ بيهارڻ سان تون تپي باهه ٿيو وڃين. پر جنيد ۽ شبليءَ جي درجن ۽ سڀني ڪمالن جي تو وٽ قدر ۽ قيمت رڳو ايتري ئي آهي جو پنجاهه سٺ روپيا ماهوار پگهار ڇڏي ڏيڻ وارو سندن بزرگيءَ ۽ پرهيزگاري واري مسند تي ويهڻ جهڙو ٿيو وڃي، سچي ڳالهه ته اها آهي جو،
مشکل عشق نھ در حوصلھ دانش ما است
حل این نکتھ بدیں فکر خطا نتوان کرد
اصل ڳالهه اها آهي ته فضيلتن ۽ درجن جي صف بندي توهان پوريءَ ريت سمجهي ئي ناهي. نه ته ڪو اوهين هر هڪ کي سندس ئي جنس ڪمال جي قطار ۾ بيهارڻ گهرو ها. ڏسو نه صحابه ڪرام ۾ الحمدلله هڪ ٻئي کان مٿي ۽ اتم انسان موجود هئا پر زهد ۽ فقر ۾ ابوذر کي، امانت ۾ ابو عبيده کي، اتباع سنت ۾ ابن عمر کي، ديني سمجهه ۽ سڃاهه ۾ ابن مسعود کي، تاويل ۽ تفسير ۾ ابن عباس کي، ٻاجهه ۽ پاٻوهه ۾ ابوبڪر کي، ديني حميت ۽ سختي ۾ فاروق اعظم کي، حيا ۽ حلم ۾ عثمان غني کي ۽ فيصلن نبيرڻ ۾ حضرت علي کي جماعت جو امام سمجهيو ويو آهي. هاڻي فرض ڪريو ته مولانا محمد احمد صاحب ۾ اوهان جو مقرر ڪيل ايثار ۽ وطن پرستيءَ وارو جذبو موجود هجي ها ته ڇا سندس انهن ٻين فضيلتن کان اکٻوٽ ڪجي جن ۾ هو مٿڀرو ۽ نشانبر آهي ۽ جن جا اهڃاڻ هندستان جي سموري اسلامي برادري جي اڪيلي مرڪز دارالعلوم ديوبند جي گذريل ويهه ساله تاريخ ۾ محفوظ ٿي چڪا آهن.
ٻئي مامري بابت اسان حقيقت نگار کان رڳو ايترو پڇڻ ٿا گهرون ته خطاب ڏيڻ جي سلسلي ۾ حڪومت جو طريقه ڪار اوهان ٻڌايو آهي ته (عام طور انهن ماڻهن کي خطاب ڏنو ويندو آهي جن ڪن وڏن مقصدن لاءِ کلي يا لڪي ڪري خدمتون ڪيون هجن يا منجهائن اهڙين خدمتن جي اميد هجي.) توڙي جو اوهان وڏن مقصدن کي چٽو نه ڪيو آهي شايد ان مهل اوهان جي حريت ۽ سرفروشيءَ واري جذبي تي مصلحت ڇانئجي ويئي هئي، پر ڪهڙي به نموني جيڪڏهن واقعي اها حقيقت آهي ته پوءِ حضرت عبدالحي ؓ ۽ مولانا عبدالحق صاحب خيرآبادي مرحوم (جن کي خطاب ملڻ جا اوهان به اقراري آهيو.) ان عام قانون ۾ داخل هئا يا نه؟ ۽ جن بنيادن تي اوهان جي خيال ۾ ڪو ماڻهو خطاب جو حقدار ٿئي ٿو. ان حوالي سان مٿين ٻنهي بزرگن کي خطاب ڏيڻ اچرج جهڙو عمل هو يا نه؟ جيڪڏهن انهن کي خطاب ملڻ اميد جي ابتڙ هو ته پوءِ ان ۾ ڪهڙو حرج ٿي پيو جو اوهان جي خيال ۾ جيڪا غلطي حڪومت ٻه ڀيرا اڳ ۾ ڪري چڪي هئي سا مولانا محمد احمد جي سلسلي ۾ ٻيهر به ڪري وڌائين. اوهان وڏو زور لڳائي اهو ثابت ڪرڻ گهريو آهي ته مولانا محمد احمد کي خطاب ملڻ وارو عمل سرجيمس مسٽن جي ديوبند اچڻ سان لاڳاپيل آهي. ٿي سگهي ٿو ايئن به هجي پر مولانا محمد احمد کي 1905ع ۾ سرجيمس لاٽوس جي ديوبند اچڻ مان اهو تجربو ٿي ويو هو ته، ”ڪنهن ليفٽيننٽ گورنر جي ديوبند اچڻ جو هروڀرو اهو مطلب نه آهي ته مهتمم کي خطاب به ملي.“ ان حساب سان مولانا جو ان قسم جي نيت ۽ خيال کان خالي ذهن هجڻ پڌري پٽ پيل حقيقت آهي. 6 جنوري 1905ع تي اوهان جي لفظن ۾ ”دارالعلماء والمتوڪلين ۾ (سرجيمس لاٽوس) جو شاهي انداز ۾ اچڻ“، مولانا محمد احمد صاحب جي سرگرمي، وچ وارن همراهن جي ڀڄ ڊڪ ۽ سڀني سنهن ٿلهن ڪمن جي جانچ پڙتال، مدرسي ۾ عقيدت سان آجياڻي جا انتظام، ٻن قطارن ۾ لڳاتار جهنڊيون، تماشائين جا انبوهه، عاجزاڻا عرض ۽ مليل جوابن تي وهه واهه وغيره جيڪي ڪجهه ڏٺو ويو سو ان کان بلڪل گهٽ نه هو، جيڪو توهان ۽ اوهان جي زهري ۽ سالم پهرئين مارچ 1915ع تي ڏٺو. هاڻي حيرت آهي ان ڳالهه تي ته ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نه ڪنهن ان تي تنقيد ڪئي نه وري ڪنهن ڪا اڳڪٿي ڪئي.
اوهين جيڪڏهن پنهنجي زهري ۽ سالم کان پڇندؤ ته اوهان کي اها به خبر پئجي ويندي ته 1905ع ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، ان ۾ وقت جي قطب حضرت مولانا رشيد احمد گنگوهي جي ڪرامت هئي ۽ ان کان به وڌي ڪري حضرت ؓ ۽ اوهان وارا زهري سالم پاڻ سڀني انتظامن ۾ حصيدار هئا. پوءِ اڳ ۾ اهڙي مثال قائم ٿي وڃڻ کان پوءِ مولانا محمد احمد صاحب کي ڪهڙو حق هو جو هو پاڻ کي پنهنجي استاد ۽ مرشد مولانا گنگوهي کان به وڌيڪ پاڪ پوتر ۽ ديندار ثابت ڪري ۽ جيڪڏهن ايئن ڪري به ها ته به کيس ڪير مڃي ها.
حقيقت نگار همدرد جي ايڊيٽر کي (جيڪو پاڻ جلسي ۾ شريڪ هو) ٿو چئي ته ”جن ماڻهن مارچ واري جلسي جو رنگ ڍنگ ڏٺو هو انهن تنهن ڏينهن صبح سوير ئي اهو سڀ ڪجهه ڏسي ڇڏيو هو جيڪو توهان پهرئين جون تي ڏٺو هو.“ پر آءٌ وڌيڪ خوش ٿيان ها جيڪڏهن هيئن چئو ها ته ”ڏسڻ وارن 1905ع جي شروع ۾ ئي اهو سڀ ڪجهه ڏسي ڇڏيو هو جيڪو ٻين پهرئين جون 1915ع تي ڏٺو. بلڪ ان کان به جيڪڏهن ٿورو ڊگهي نظر ڪري ڏسجي ته هيئن چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته مولانا محمد احمد جي ان ڪم جو بڻ بڻياد دارالعلوم جو پراڻو مهتمم حضرت مولانا رفيع الدين صاحب پنهنجي وقت ۾ وجهي چڪو هو جڏهن سندس وقت ۾ سهارنپور جي ڪليڪٽر آرڊرن صاحب کي مدرسي گهرايو ويو هو ۽ خاص طور تي صدر مدرس صاحب جي حديث پڙهائڻ واري جاءِ تي ان جي ميز ڪرسي لڳائي ويئي. سپاسنامو پيش ٿيو ۽ مهتمم صاحب مدرسي جي ميمبرن سان گڏ باادب بيٺو رهيو. هي اهو زمانو آهي جڏهن مولانا محمد احمد صاحب اڃان رڳو شروعاتي درجي جو استاد هو ۽ ڪنهن به انتظام يا اهتمام ۾ سندس عمل دخل نه هو (توڙي جو نتيجي جي حوالي سان اهو سڄو سبق کيس پڙهايو پئي ويو.) حضرت مولانا محمد قاسم واري سونهاري وقت ۾ ليفٽيننٽ گورنر جو سيڪريٽري صاحب مدرسي ۾ آيو ۽ ان جي وزٽ نوٽ جو ترجمو ”بشارت“ جي عنوان سان مدرسي پاران ڇپايو ويو ۽ حضرت مولانا طرفان ان تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو.•
هي سڀ مامرا مسلمانن جي اکين اڳيان گذريا هئا ۽ رسالن ۾ ڇپجي ڪري عوام ۾ مشهور ٿي چڪا هئا. وري دارالعلوم ۾ جن ڳالهين جي ريت حضرت مولانا محمد قاسم، حضرت مولانا رشيد احمد، حضرت مولانا رفيع الدين، حضرت مولانا محمد يعقوب قدس الله اسرار هم جن وجهي ويا هئا اڄ اهڙي قسم جي واقعي تي مولانا حافظ محمد احمد کي ڇو پيو ننديو وڃي ۽ انهن مقدس ماڻهن کي ڇو ٿي تڪليف ڏني وڃي ته هو پنهنجي قبرن مان اٿي اچي پنهنجي لائق پونيرن ۽ پنهنجي نيڪ نشانيءَ جي حال کي ڏسن. مولانا محمد احمد صاحب ته ڏونڪي جي چوٽ تي چئي سگهي ٿو ته:
وَاتَّبۡعۡتُ مَلَّۃَ آبَائِی اِبۡرَاھِیۡمَ وَ اِسۡحَاقَ وَیَعۡقُوۡبَ
(صوفیاں جملھ حریفند و نظر باز ولے، زیں میاں حافظ دل سوختھ بدنام افتاد)
دل گهري ٿي ته هتي نموني ڏيکارڻ لاءِ 1905ع جي آجياڻي ۽ تقرير جا ڪجهه ٽڪرا جن کي بقول حقيقت نگار جي ”نوڙت نياز جي عقيدت پيش ڪرڻ ۾ ڪجهه دخل هجي“ نقل ڪري ڇڏيان تانته پڙهندڙ انهن کي ڳوڙهي ويچار سان پڙهي ڪري پروڙين ته هن زماني جي نزاڪتن کي سامهون رکندي مولانا محمد احمد جي نياز نوڙت حضرت مولانا رشيد احمد ؓ جي نياز نوڙت کان واقعي به ڪجهه اڳڀري ۽ وڌيڪ آهي؟
1905 جي آجياڻي جا هي جملا پڙهي ڏسو:
مسلمانن کي چالو علمن پڙهائڻ سان گڏوگڏ کين اتم ۽ اعليٰ اصولن، صبر، قناعت، سچائي، ثابت قدمي، توڪل، ديانتداري، ٻانهپ، وقت جي حاڪم جي فرمانبرداري جي تعليم ڏني وڃي ٿي پر اهڙي نموني سان جو اهي لڇڻ منجهن پڪا پختا ٿي ڪري اٽوٽ انگ ۽ سندن طبيعت بنجي وڃن ٿا. جيڪو شاگرد هن مدرسي ۾ پوري تعليم پڙهي نڪتو آهي اهو پنهنجي علمي ۽ اخلاقي حوالي سان اهڙو اڳواڻ هوندو آهي جو جتي به وڃي ٿو اتي مذهبي تعليم سان گڏوگڏ انهن اخلاقن کي به پکيڙي ٿو ڇڏي. هي ان تعليم جو اثر آهي جو هتان جو پڙهيل، مذهب جو پڪو پابند هوندي، بلڪ اڳواڻ هوندي به پنهنجي پنهنجي سرڪار سان وفاداريءَ ۾ اهڙو پڪو پختو هوندو آهي جو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اهڙي سياسي بکيڙي ۾ نه پيو آهي جنهن مان ذري به حڪومت مخالف بوءِ ايندي هجي، اهڙي ڳالهه ٻڌڻ ۾ ڪانه آئي آهي.
وري ٻئي هنڌ لکيل آهي ته:
هي جيڪو عرض ڪيو ويو آهي سو مدرسي جي حالتن جو نچوڙ آهي. پر هي جيڪي ڪجهه ٿيو يا اڳتي هلي ٿيندو. يا مدرسي جيڪا ڪجهه ترقي ڪئي آهي يا ڪندو سو سڀ اسان جي مهربان سرڪار جي انصاف وارن پاڪيزه اصولن جو نتيجو آهي. الي آخرة
ساڳئين مفهوم کي 1915ع جي آجياڻي ۾ وري هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
جناب عالي: دارالعلوم جي اصولن ۾ هي جزو به لازمي قرار ڏنو ويو آهي ته دارالعلوم جا ڪارڪن، استاد، شاگرد، هر قسم جي جهگڙالو مامرن ۽ سياسي بکيڙن (جن جو مذهب سان لاڳاپو بنهه گهٽ هوندو آهي.) پاسيرا رهن ۽ پنهنجي هڪڙي ئي مقصد (مڪمل مذهبي تعليم) سان ڪنهن مقصد يا مفاد کي ڀاڱي ڀائيوار نه ڪن. وري ڪجهه سٽن کان پوءِ لکيل آهي ته:
غيرضروري سياسي ۽ نامناسب ملڪي معاملن ۾ حصو وٺڻ هڪ ته خود تعليمي عمل لاءِ هاڃيڪار آهي ٻيو ته خود قوم ۽ ملڪ لاءِ به فائدي جي ڀيٽ ۾ نقصانڪار وڌيڪ آهي ۽ کڻي جو ڪنهن به علمي اٽالي جو اهڙن جاين مونجهارن ۾ پوڻ بظاهر فائدي وارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته به ان جي پڇاڙي نقصانڪار هوندي آهي. ڇو ته پاليسين ۾ گهڻو ڪري ڦيرگهير ٿيندي رهندي آهي ۽ خيال سدائين بدلبا رهندا آهن. تنهن ڪري هي غلط نه ٿيندو ته مذهبي لڏي لاءِ پنهنجي نه بدلجندڙ سياست ۽ عزت کي باقي رکڻ سندس سڀ کان اهم نصب العين آهي. هي ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن به اهو ڪونه ٻڌو ويو آهي ته هن دارالعلوم جي فيض پرايل ماڻهوءَ ڪنهن نامناسب جهڳڙي يا سياسي مامري ۾ حصو ورتو هجي. حالانڪ هنن پنهنجي استادن جي پيروي ڪندي ڪنهن به وقت نج مذهبي معاملن ۾ اکٻوٽ ڪرڻ يا سچ ڳالهائڻ ۽ سچ ٻڌڻ کان پر ڀري رهڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي هوندي ۽ سدائين پنهنجي نصب العين کي بدلائڻ کان پاڻ فنا ڪري ڇڏڻ بهتر سمجهيو آهي.
وري لکيل آهي ته:
جناب عالي: دارالعلوم پنهنجي مٿين پڪن اصولن کي سدائين پنهنجو نصب العين بنائي هينئر تائين پنهنجي وچٿري، ماٺار ڀريل ۽ نه ڌڏندڙ رفتار ۾ سرڪار سڳوري سان انتهائي سچائي ۽ صدق دل سان تمام وفاداري واري نموني هليو آهي. هن سرڪار جي تابعداري ۽ سندس حڪمن جي بجا آوري کي لازمي قرار ڏ نو آهي. دارالعلوم ۽ سندس ڪارڪن ڪڏهن به سرڪار لاءِ مونجهارن وڌائڻ جو نه سبب بنيا آهن ۽ نه وري ڪو اهڙو قدم کنيو جنهن ۾ سچ ۽ حقيقت جي ابتڙ ڪا ڳالهه عوام يا سرڪار سامهون پيش ٿي هجي. هن هر موڙ تي پنهنجي وچٿرائي ۽ ماٺار کي سامهون رکي اها ڪوشش ڪئي آهي ته هو سرڪار کي پنهنجي وفاداريءَ جو اهڙي نموني يقين ڏياري جو سندس اندر جو ضمير به مٿس ڦٽڪار نه ڪري بلڪ جيڪا ڳالهه چوي سا پنهنجي خدا ۽ مذهب جو حڪم سمجهي چوي.
وري لکيو اٿن ته:
اها تمام ناشڪري ٿيندي جو اسين صدق دل سان اهو اقرار نه ڪريون ته دارالعلوم جو هي اوجون ۽ بهارون سرڪار سڳوري ۽ مقامي حاڪمن جي مهربانين جو نتيجو ۽ ثمر آهن.
انهن مٿين نقل ڪيل ٽڪرن پڙهڻ کان پوءِ توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته جيڪا ڳالهه جنهن صفائي سان ڏهه سال اڳ ۾ چئي ويئي هئي ان کان وڌيڪ ڪابه ڳالهه اڄ ڏهن سالن کان پوءِ به ڪانه چئي ويئي آهي. وري جيئن ان جي جواب ۾ جهڙي نموني جو واعدو هز آنر سر جيمس لاٽوس هنن لفطن ۾ ڪيو هو ته ”مون کي مدرسو ياد رهندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن مدد جي گهرج ٿي ته اها مدد به ڏيندس.“ لڳ ڀڳ ان جهڙو واعدو سر جيمس مسٽن به پنهنجي تقرير جي هنن جملن ۾ فرمايو آهي:
”اي منهنجا دوستو! آءٌ پاڻ ته اهو نٿو چئي سگهان ته آءٌ ڪنهن دنيوي طريقي سان اوهان جي مدد ڪرڻ گهران ٿو ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته (منهنجو اهو چوڻ) توهان کي ڏکيو لڳي، پر اوهين پاڻ چڱي نموني ڄاڻو ٿا ته جيڪڏهن اوهان پاران ڪڏهن به ڪنهن امداد جي خواهش ڪئي ويئي ته آءٌ مڪمل نموني کليل دل سان ان کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ان کي پنهنجي خوشنصيبي سمجهندس.“
هيستائين ته اسان حقيقت نگار جي ڄاڻ تي جيڪي ڪجهه تبصرو ڪيو آهي سو اصولي ۽ ڪلي نموني جو آهي. اهڙي نموني جون غلط بيانيون يا واڌاءَ واريون ڳالهيون جيڪي حقيقت نگار ڪيون آهن (جيئن اسٽيشن کان مدرسي تائين ٻه طرفيون جهنڊيون کوڙڻ يا اهو چوڻ ته زوردار تاڙيون وڄائيون ويون جو انهن آڏو علي ڳڙهه اسٽريچي هال به ڦڪو پئي لڳو. يا عالمن ۽ فقيهن تي اهڙو ته وجد ۽ مستي ڇائنجي ويئي جو پنجاهه سالن کان منجهيل تشبه واري معاملي جو مونجهارو پاڻهي پاڻ ختم ٿي ويو.) تن لاءِ ان کان وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي ته جيڪڏهن سچ پچ به پنهنجي ذاتي ڏيٺ ويٺ جي بنياد تي اهي ڳالهيون لکيون ويون آهن ته جلسي ۾ شريڪ هزارين ماڻهن جو مشاهدو ان کي ڪوڙو ڪري ٿو۔ پر جيڪڏهن پاڻ سڌوسنئون جلسي جي ڪاروائي ناهي ڏٺي ته معاف ڪجو اوهان جا اهي زهري جي درجي وارا راوي جن جي وسيلي اوهان کي اهي ڳالهيون هٿ آيون آهن سي جابر جعفيء کان به وڌيڪ ڪوڙا آهن. (ولا تقف مالیس لک بہ علم ان السمع والبصر والفؤاد لکل اولائک کان عنہ مسئولا)
حقيقت اها آهي ته 1905ع ۾ سرجيمس لاٽوس پاڻ ۽ ان جي ساڄي کاٻي بيٺل ماڻهن (سوائي مهتمم ۽ دارالعلوم جي ميمبرن جي) ڪجهه تاڙيون وڄايون هيون ۽ هن ڀيري سر جيمس مسٽن جي اچڻ وقت هز آنر پاڻ ۽ ان جي ساڄي پاسي وارن ماڻهن جن ۾ گهڻو تڻو عالم سڳورا ۽ دارالعلوم جي انتظام وارا هئا تن ۾ شاگردن هڪ ڀيرو به تاڙي ڪانه وڄائي. ها! باقي کاٻي پاسي وارا ماڻهو جن ۾ گهڻائي شهر جي هندن جي هئي تن تقرير جي پڄاڻي تي تاڙيون وڄايون هيون. ان حساب سان جيڪڏهن حقيقت نگار کي 1905ع واري واقعي جي صحيح ڄاڻ هجي ها ته کيس ايئن چوڻ گهربو هو ته 1905ع ۾ تشبه واري ڳنڍ جيڪا ڪجهه ڍري ٿي ويئي هئي سا عالمن سڳورن 1915ع ۾ وري ڇڪي ڇڏي آهي. انهن پڌري پٽ پيل ڳالهين کي نه ڄاڻڻ کان پوءِ به جيڪڏهن ڪو ڀورڙو حقيقت نگار بنجڻ جي دعويٰ ڪري ته ڄاڻ وارن وٽ رڳو اها ڳالهه ئي چرچو ۽ ڀوڳ بنجي وڃي ٿي.
مولانا محمد احمد جيڪي ڪجه ڪيو سو نيڪ نيتي ۽ همت سان ڪيو ۽ پنهنجي وڏڙن جي عملي اصولن موجب ڪيو. دارالعلوم جي تحفظ ۽ بقا لاءِ ڪيو ۽ اهو ڪم ڪيو جيڪو هن نازڪ وقت ۾ دارالعلوم جي هڪ هڏ ڏوکي کي ڪرڻ گهرجي. پر ان تي به جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس ٿورن مڃڻ بجاءِ روشن سج تي ڌوڙ اڇلائي ان کي ميرو ڪرڻ گهري ته تنهن کي ياد رکي ڇڏڻ گهرجي ته مولانا محمد احمد صاحب کي پنهنجي ساڏ، ساڌ جي ڪا پرواهه نه آهي. رڳو سندس اصلي محبوب ۽ حقيقي مطلوب جي رضا جوئي ۾ فرق نه اچي. سندس مسلڪ آهي ته:
زباد شاھ و گدا فارغم بحمداللھ گدائی خاک در دوست بادشاھ من است
غرض زمسجد و میخانھ ام و صال شما است، جزاین خیال ندارم خدا گواھ من است
ان سلسلي ۾ حقيقت نگار جي ان خوشفهمي جو ذڪر ڪرڻ به مزيدار ٿيندو ته عالي جناب نواب احمد سعيد صاحب، رئيس ڇتاري کي (جيڪو هڪ روايتي خطاب ماڻيندڙ خاندان مان آهي) جيڪو نواب جو خطاب مليو سو به ان اچ وڃ ۽ ڀڄ ڊڪ جي وسيلي مليو آهي جيڪا نواب صاحب سر جيمس مسٽن جي ديوبند اچڻ جي سلسلي ۾ ڪئي هئي. آءٌ ان بابت اوهان کي رڳو ايترو ٻڌائڻ ٿو گهران ته دارالعلوم جي جنهن تعلق جو هندستاني سرڪار جي زير حڪومت هجڻ جي حيثيت سان ساڻس صاف رکڻ ضروري آهي، ان جي جانچ پرتال ڪرڻ شروع کان ئي نواب صاحب جي خاندان جي خاصيت رهي آهي. 1905ع ۾ به سر جيمس لاٽوس کي دارالعلوم جي وزٽ ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ سڀني سنهين ٿلهين ڳالهين ۽ معاملن کي سلجهائڻ وارو به انهيءَ خاندان جو هڪ اهم ماڻهو عالي جناب يوسف علي خان مرحوم هو.
پوءِ جيڪڏهن دارالعلوم جي هڪ اهم خدمت ڪرڻ جي سلسلي ۾ نواب احمد سعيد خان پنهنجي مرحوم چاچي جي ۽ نواب عبدالصمد خان پنهنجي وڏي ڀاءُ جي پيروي ڪئي ته اسين ڪهڙي دليل سان سندن انهيءَ ڪم کي خطاب حاصل ڪرڻ واري نيت خواه مخواهه محمول ڪريون ۽ جيڪڏهن انهيءَ خدمت جي بدلي ۾ کين الله پاڪ ثواب سان گڏوگڏ خطاب ڏياري ڇڏيو (جيڪو بظاهر دنيوي نقطه نظر کان هڪڙي عزت واري رئيس لاءِ وڏي ڪاميابي سمجهيو وڃي ٿو) ته هي پاڻ ثبوت آهي ان ڳالهه جو ته دارالعلوم جون برڪتون پنهنجي خادمن کي ثواب سان گڏوگڏ دنيا ۾ به مالامال ڪريو ڇڏي.
ٽيون مامرو يعني سهارنپور واري جلسي جي اصليت، جيڪا اوهان زهري عن سالم عذابيه جي سند سان بيان ڪئي آهي ان لاءِ آءٌ هن چوڻ ۾ مجبور آهيان ته روايتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۽ ماڻهن جي پرک ڪرڻ جو فن تمام ڏکيو فن آهي. تنهن ڪري ان جي رازن ۽ رمزن تائين حقيقت نگار جي پهچ نه ٿي سگهي آهي. کيس ماڻهن جي پرک ڪندي اهو قائدو نه وسارڻ گهرجي ته همعصر ماڻهن جي محبت يا دشمني گهڻو ڪري جرم ۽ تعديل کي بي اثر بڻائي ڇڏيندي آهي. تنهن کان سواءِ حقيقت نگار جو فرض هو ته پنهنجو نالو ظاهر ڪري ها، ڇو ته جن ماڻهن کي هن زهري ۽ سالم جي برابر سمجهيو آهي، مڃيوسين ته اهي اهڙائي آهن. پر خود حقيقت نگار جو اسان وٽ مجهول هجڻ روايت کي مشڪوڪ بنائڻ لاءِ ڪافي آهي. حديث پاڪ ۾ آيو آهي ته شيطان الله جي ڪلام ٻڌڻ لاءِ آسمانن تي چڙهي ويندا آهن ۽ جيڪا اڌوگابري ڪا ڳالهه اتان جهٽيندا آهن تنهن سان سؤ ڪوڙ گڏي پنهنجي تابعدارن کي وڃي ٻڌائيندا آهن. هاڻي اتي ڏسو ته ان روايت جو ماخذ ۽ مرڪز ڪيڏو نه صاف سٿرو آهي، پر خود سندن واسطي ان خبر کي ڪيڏو گند ۽ بي اعتبار بڻائي ڇڏيو آهي. پوءِ اسان وٽ ان يقين ڪرڻ لاءِ ڪهڙو بڻ بڻياد آهي ته اوهان جي زهري کان روايت ڪرڻ وارا به مالڪ جهڙا اڇا اجرا انسان آهن. اصل حقيقت جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جنهن جي سند تي اوهان هروڀرو ايترو زور ڏنو آهي بلڪل آسان ڪم هو. اخبار مشرق گورکپور ۾ ان واقعي جي مختصر نموني پيرائتي حقيقت خود مهتمم صاحب جي طرفان ظاهر ڪئي ويئي هئي.
بيشڪ ٿي سگهي ٿو ته حضرت مهتمم صاحب سهارنپور واري جلسي ۾ هڪڙي وقت جي حاڪم آڏو جيڪا تقرير ڪئي (جنهن ۾ هن ترڪي سان پنهنجي همدردي ڄاڻائي اسلامي ڀائپي جو زوردار لهجي ۾ اظهار ڪيو. ان جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف ۽ ان جي سک کي پنهنجو سک چيو) ان ڳالهه ۾ هو ڀلي پوري هندستان ۾ اڪيلو نه هجي، پر ان ڀريي جلسي ۾ جتي عام طور هرڪو حڪومت جو حد کان وڌيڪ خيرخواهه بنجي ترڪن کان پنهنجي لاتعلقي جا اعلان ڪري حاڪمن کي خوش ڪري رهيو هو اتي جناب مهتمم صاحب جن اهڙي آزادانه نموني سچائي جي اظهار ڪرڻ ۾ ضرور منفرد هو.
چوٿون مامرو جنهن ۾ حقيقت نگار خطاب قبول ڪرڻ مان اهو دليل ورتو آهي ته ”مولانا محمد احمد کي بيشڪ خطاب جي گهرج ۽ سڌ هئي“ حالانڪ هڪڙي عالم دين جي سڀ کان وڌيڪ عزت انقطاع يعني خلق کان ڪٽجي رهڻ ۾ آهي. بلڪ ديني عالم هجڻ لاءِ سڀ کان وڏو شرط ئي اهو آهي ته ان جو ظاهري ڌنڌن سان ڪهڙو ڪم؟ خدا جي قدرت ته ڏسو جو عالمن تي رهبانيت، تنگ خيالي ۽ ڪنڊائتي ٿي وهڻ جو الزام لڳائڻ وارا اڄ کين انقطاع ۽ ظاهري طور طريقن کان ڌار رهڻ جي نصيحت ڪري رهيا آهن. توهان جي ان نصيحت کي مولانا محمد احمد گهڻو ڪري تمام ٿورائتي نموني ٻڌو هوندو (توڙي جو اوهان جو خطاب قبول ڪرڻ مان خطاب جي سڌائتي هجڻ وارو دليل وٺڻ غلط هوندو.)
هي بلڪل صحيح آهي ته هڪڙي ديني عالم جي اصل عزت دنيا کان ڌار رهڻ ۾ ئي آهي ۽ عالمن جا جيڪي قصا توهان احياءُ العلوم وغيره ۾ پڙهيا آهن، اهي به سڀ صحيح آهن. پر مولانا محمد احمد صاحب نه رڳو هڪ ديني عالم آهي، پر هو دارالعلوم جو مهتمم به ته آهي. ان کان سواءِ اوهان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته مولانا جامي قدس سره جڏهن پنهنجي مرشد شيخ عبدالله احرار جا شاهاڻا ڏسي چيو ته: ”نہ مرد آنست کہ دنیا دوست دارد“، ته حضرت ان جي جواب ۾ هيئن چيو: ”اگر دار د برائے دوست دارد“ اڄ به ديوبند مان مذهبي تقشف جون اهي ئي تنوارون ٻرنديون رهن ٿيون ۽ انشاءَالله سدائين ٻرنديون رهنديون ۽ نئين طريقي تي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ اهي ئي فتوائون نڪرنديون رهنديون، جيڪي اڳ ۾ به نڪرنديون رهيون آهن. پر ان جو اهو مطلب ناهي ته اهڙن اعتراضن کان ڊڄي ڪري دارالعلوم جي مفادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏبو يا ان جي وڌندڙ لاڳاپن کي گهٽائي سوڙهو ڪري ڇڏبو. دارالعلوم ۾ اهڙا ماڻهو به آيا جن درياهه ۾ مانگر مڇ سان وير رکڻ جون صلاحون ڏنيون، هنن سرڪار جي رعيت هوندي به دارالعلوم جي چوديواري ۾ ان سان بائيڪاٽ ڪرڻ جي تحريڪ هلائي ۽ ان جي ميمبرن کي ڪانگريس وغيره ۾ شامل ٿيڻ جي صلاح ڏني، پر اهڙي قسم جي سڀني مڪاري وارين ڪوششن کي دارالعلوم جي مهتمم ۽ ان جي بي لوث مسلڪ رکڻ وارن ڪارڪنن بلڪل ختم ڪري ڇڏيو ۽ ٿي سگهي ٿو ته هي مضمون جيڪو زميندار ۾ هاڻ ڇپيو آهي سو به اهڙن ڌنڌن ڪرڻ وارن همراهن جي آواز جو پڙاڏو هجي.
چڱيءَ ريت ياد رکو ته اسين نه باغي آهيون، نه ئي وري اسان کي وفاداريءَ جا جلاب ٿيا آهن. ها! خدا جي پسند ڪيل ڪمن ۽ پنهنجي وڏڙن جي واٽ تي هلڻ لاءِ الحمدالله دل و جان سان تيار آهيون ۽ الله پاڪ جي مدد سان هر امتحان ۾ پنهنجي ثابت قدم رهڻ جا اميدوار آهيون جنهن ۾ اها ڳالهه پري ناهي جو وڏن وڏن مٿير مڙسن جا پير ان مهل ترڪي وڃن.
(اذا اشتبکت دموع فی خدود، تبین من بکیٰ ممن تباکا)
ترجمو: جنهن مهل لڙڪن جو قطارون ڳلن تان گڙنديون ان مهل خبر پوندي ته رنو ڪير آهي ۽ روئڻ جو ڍنگ ڪنهن ڪيو آهي.)
پڇاڙي ۾ آءٌ هڪڙو ٻيو عرض ڪري اوهان کان موڪل وٺندس ته اوهان جناب حاجي محمد عابد صاحب مرحوم جي پرهيزگاري (پگهار ڇڏڻ) ۽ آزادانه نموني (بيگم ڀوپال آڏو سپاسنامو نه پڙهڻ) کي ڏاڍو ساراهيو آهي. حالانڪه حضرت حاجي صاحب مرحوم جيڪڏهن پگهار نه وٺندو هو ته پنهنجي ڌاڳن ڦيڻن جي ڌنڌي سبب هو مدرسي جي ڪمن کي به وقت بنهه ٿورو ڏيندو هو. ان جي ڪري ئي اڳوڻن مهتممن جي ابتڙ کيس مناسب پگهار تي هڪ نائب رکڻو پوندو هو. ان سپاسنامو جيڪڏهن بيگم صاحبه جي سامهون پيش نه ڪيو ته اهوئي سپاسنامو حضرت قبله مولانا محمود الحسن صاحب دامت برڪاتهم کيس پڙهي ٻڌايو. حضرت مولانا رفيع الدين صاحب، نواب بشيرالدوله، مرحوم سابق مدارالهمام حيدراباد دکن کي آجياڻو ڏنو. حضرت مولانا محمد يعقوب صاحب مالير ڪوٽله جي نواب وٽ چندي لاءِ پاڻ ويو ۽ خود حضرت مولانا محمد قاسم صاحب ديوان محمد ياسين مرحوم کي حضرت شاهه عبدالغني دهلويءَ جو خط ڏيئي خان بهادر نواب ڪلب علي مرحوم ڏي موڪليو. پوءِ جيڪڏهن انهن مقدس بزرگن، خدا پناهه ڏي، غيرالله آڏو ڪنڌ جهڪايو ٿي ته اڪيلي حاجي عابد جو هڪڙو مثال، رئيسن سان لاڳاپن رکڻ ۽ مولانا محمد قاسم جي لکيل ان اصول کان ”مهتمم ۽ مدرسي جي ڪارڪنن جو سڀ کان وڏو فرض آهي ته هو چندي وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪن.“ ڪيئن ٿو بي نياز بنائي سگهي؟ حالانڪه اوهان به ڏٺو ته حضرت حاجي صاحب مرحوم جي طريقه ڪار مان دارالعلوم ڪهڙيون ترقيون ڪيون ۽ هنن بزرگن جي واٽ تي هلڻ مان ڪهڙيون. الراقم شبير احمد عثماني 13 رمضان 1333هه .