دارالعلوم جي قائم ڪرڻ جو مقصد
جڏهن دارالعلوم جي مهتممن ڏٺو ته اهي ديوبند ۾ ويهي ڪري برطانوي سرڪار خلاف بغاوت جي هڪ خطرناڪ تحريڪ هلائي رهيا آهن، جنهن کي انگريز ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ڪري سگهندو ۽ ان جي ناراضگي سان يقيناً سندن خانداني مفادن کي ڇيهو رسندو ته انهن هن سياسي تحريڪ جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ جيئن ته بقول مولانا مفتي عزيز الرحمان جي ته، هو حضرت شيخ الهند جو ته ڪجهه بگاڙي نٿي سگهيا تنهن ڪري ”نزله برعضو ضعيف“ جي چوڻي موجب مولانا سنڌيءَ کي پنهنجي مخالفت جو نشانو بنايائون. ان لاءِ هنن هي حربا هلايا:
• سندس ساٿين مولانا شبير احمد عثماني، مولانا انور شاهه ڪشميري ۽ مولانا غلام رسول خان هزاروي کي ان خلاف برغلائي ان کان ڌار ڪيائون.
• ڪجهه مسئلن بابت مولانا عبيدالله جي علمي ۽ تحقيقي نقطه نظر ۽ ڪجهه ٻين معاملن کي به تنقيد جو نشانو بنايو ويو.
• دارالعلوم جي عام فضا کي مولانا سنڌي خلاف هموار ڪيو ويو ۽ سندس ساٿين کي ساڻس ويڙهايو ويو.
ان سلسلي ۾ جيڪي مسئلا اٿاريا ويا اهي هي هئا:
(الف) غيرمسلمن ۾ سري کان تبليغ جو نه پهچڻ يا ڪماحقه نه پهچڻ واري صورت ۾ انهن کان پڇاڻي يا معافي ۽ ڇوٽڪاري جو عقيدو.
(ب) هندو مسلم اتحاد سان ديني مصلحتن کي ڇيهي رسڻ وارو مسئلو
(ج) نئين تعليم پڙهيل ماڻهن کي عزت ۽ مان ڏيڻ سان نيچريت ۽ بي ديني کي وڌائڻ ۽ ان عمل سان ديوبند جي سڃاڻپ کي مجروح ڪرڻ جو الزام.
(د) دارالعلوم ديوبند ۾ مولانا محمد علي جي آجيان ڪرڻ وارو واقعو. توڙي جو هي اختلاف جو مستقل يا اصولي اختلاف ته ڪونه هو ۽ نڪوئي ان سان مولانا سنڌيءَ جو ڪو تعلق ۽ لاڳاپو ئي هو پر ان کي خاص اهميت ڏني ويئي ۽ ان واقعي کي مولانا سنڌيءَ خلاف هڪ حربي طور استعمال ڪيو ويو.
(ه) هڪ ٻيو مسئلو جنهن جو تفصيل ايندڙ صفحن ۾ پنهنجي جاءِ تي ايندو.
انهن مسئلن ۽ واقعن جي حقيقت ڇا هئي؟ ڇا مولانا سنڌيءَ و اقعي ڪو اهڙو عقيدو پنهنجي طرفان گهڙيو هو جيڪو ڪفر هجي ۽ ان جي مڃڻ وارو واجب القتل هجي؟ ۽ ڇا ان سچ پچ به ڪي اهڙا ڌنڌا ڪيا هئا جن سان علي ڳڙهه جي نيچرين يا جديد تعليم يافته بي دينن کي ڪا طاقت ملي ٿي ۽ جنهن سان ديوبند جي عزت مٽيءَ ۾ ملي ويئي هئي؟ ۽ ڇا واقعي مولانا محمد علي جي آجيان ۽ آڌرڀاءُ سان دارالعلوم جي عزت ۽ تقدس ڇيهون ڇيهون ٿي ويو هو؟ ايندڙ سٽن ۾ انهن مسئلن ۽ سوالن تي ڌار ڌار موضوع وار بحث ڪيو ويندو.