شخصيتون ۽ خاڪا

مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر

مولانا عبيدالله سنڌي هڪ عظيم انقلابي عالم ۽ مفڪر جي حثيت ۾ عالمي مڃتا رکي ٿو، هِي ڪتاب ”مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر” سندس شخصيت تي متعلق هڪ بهترين ڪتاب آهي. ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر ابوسليمان شاهه جهانپوري ۽ سنڌيڪار حافظ ابوالاديب سنڌي صاحب آهن.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌي  ۽ سندس ڪجهه همعصر

١. مسئله تبليغ

١. مسئله تبليغ
خالص مذهبي حوالي سان رڳو تبليغ جوئي مسئلو هو. ان بابت مولانا سنڌي جو خيال هو ته اسلام جي دعوت
(الف) حڪمت، ڏاهپ ۽
(ب) سٺي نصيحت سان مشروط آهي.
(ج) بحث ۽ تڪرار جي ضرورت پوي ته اهو به سياڻپ سان ڪجي. وعظ نصيحت ۾ اها شيءِ به شامل آهي ته تبليغ جي دعوت ٻڌندڙن جي ٻولي ۾ ڏني وڃي ۽ انهن جي ذهني ۽ علمي حيثيت موجب تفصيلي يا اجمالي دليل يا مثال کان ڪم ورتو وڃي ۽ انهن جي دل، دماغ ۽ فڪري جذبات کي اڀاريو وڃي ته انهن جي نفسيات کي به نظر ۾ رکي پوءِ انهن کي دعوت ڏجي. انهن جي عادتن، طور طريقن، ريتن رسمن، سندن تاريخ ۽ تهذيب کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته انهن سڀني شين جي انساني ذهن تي اهڙي ته ڌاڪ ويٺل هوندي آهي جو انهن جي حدبندين کي ٽوڙڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. ان کان سواءِ ٻڌندڙن سان پوري دردمندي ۽ سچي همدرديءَ جو مظاهرو ڪيو وڃي. اهي مسلمانن جا اسلامي ۽ شرعي فرض آهن. جيڪڏهن هو اهي فرض پورا نٿا ڪن ته ڄڻ هنن حجت پوري ناهي ڪئي. قرآن پاڪ ڪنهن جبل يا بيجان شيءِ تي نازل نه ٿيو هو. اسلام جو داعي عليه الصلاة والسلام به هڏ، چم ۽ سوچ سمجهه جو مالڪ هڪ انسان هو. پاڻ سڳورن ۾ تمام سهڻا ۽ لطيف انساني جذبات موجود هئا. هو انسانيت جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هو. قرآن حڪيم ٻڌندڙن جي ٻولي ۽ سندن لوڪ ادب جي سهڻي معياري نموني تي نازل ٿيو هو. پاڻ سڳورن ڏاهپ جي سڀني گهرجن جو خيال رکيو ٿي ۽ سٺي نصيحت جا سڀ شرط پورا ڪيا هئا ته پوءِ حجت به پوري ٿي ويئي هئي. جناب نبي ڪريم ﷺ عملي طور عربستان ۾ ۽ اصولي طور پوري عالم انسانيت ۾ حجت پوري ڪري ڇڏي هئي، کانئن پوءِ سندن وارثن يعني عالمن سڳورن کي پوري دنيا جي قومن، ڌار ڌار ملڪن ۾ انهن جي ٻولين جي سهڻي ۾ سهڻي انداز سان وقت جي گهرجن ۽ اتان جي سماجي حالتن ۽ تاريخي تهذيبي ريتن رسمن جي پسمنظر کي ذهن ۾ رکي عوام جي ذهني ۽ فڪري صلاحيتن مطابق اجمال ۽ تفصيل سان دليل ۽ مثال واري نموني کي اپنائي تعليم ۽ تبليغ جي ذريعي حجت پوري ڪرڻي آهي.
اسلام جي وڏي داعي عليه الصلاة والسلام جي نبوت وارين خصوصيتن ۾ هيءَ ڳالهه شامل آهي ته:
(1) قرآن حڪيم جي تعليم ڏيڻ
(2) الله جي نشانين ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ يعني الله جي سڃاڻپ جي تعليم ڏيڻ
(3) ڏاهپ ۽ حڪمت جون ڳالهيون سيکارڻ
(4) دلين جي پاڪائي ۽ اندر اجارڻ. ذهني فڪر کي روشن ڪرڻ، جذبن ۽ خيالن کي پاڪ ڪرڻ ۽ اندر ۾ سعادت ۽ صلح پسندي جو ٻج ڇٽڻ.
(5) خلق کي جهالت مان ڪڍي علم جي روشني ۾ آڻڻ. اهي ڳالهيون ٻڌائڻ جيڪي انهن لاءِ نيون ۽ نامعلوم هجن. ان ۾ آخرت ۾ غيب جون ڳالهيون، عمل جون خاصيتون ۽ انهن جي نتيجن طرف ڌيان ڇڪرائڻ وغيره سڀ شامل آهن.
دعوت ۽ تبليغ جي سلسلي ۾ اهي سڀ ڳالهيون امت محمديه جي عالمن جي فرضن ۾ شامل آهن. هاڻي جيڪڏهن هو پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاهي ڪن ٿا ۽ انسانيت جي ڪنهن طبقي يا قوم کي اسلام جي دعوت کان محروم رکن ٿا ته انهيءَ ڳالهه ۾ ته شڪ ٿي سگهي ٿو ته الله پاڪ دعوت کان محروم انهن ماڻهن کي بخشي ڇڏيندو يا نه؟ اها ڳالهه الله جي علم ۾ آهي ۽ هو پنهنجي فيصلي موجب انهن سان ڪهڙو به ورتاءُ ڪري سگهي ٿو. ڇو ته الله پاڪ قادر مطلق آهي سو انهن مان جن جن کي جهڙي درجي جي تبليغ پهتي هوندي يا نه پهتي هوندي الله پاڪ کين بخشي ڇڏڻ يا پڇاڻي ڪرڻ بابت انهن سان اهڙي درجي ۽ نموني جو معاملو فرمائيندو. پر ان ڳالهه ۾ ته ڪو به شڪ شبهو نه آهي ته هن امت جا عالم سڳورا اسلام جي دعوت ۽ تبليغ ۾ ڪوتاهي ۽ اکٻوٽ ڪرڻ جا ضرور ڏوهاري ٿيندا ۽ اها به پڪ آهي ته الله پاڪ عالمن جي بي عملي جي سزا دعوت کان محروم ماڻهن کي نه ڏيندو. حڪمت ۽ سهڻي نصيحت جون سڀ گهرجون پوريون ڪرڻ وقت جي داعي حضرات جو ڪم آهي ۽ حق جي قبول ڪرڻ لاءِ ٻڌڻ وارن جي دلين جا دروازا کولڻ جو ظاهري طور سڀ انتظام ڪرڻ به اسلام جي مبلغن جو فرض آهي. اهي سڀئي ڪم انهن جي اسلامي ۽ شرعي فرضن ۾ داخل آهن. جيڪڏهن انهن سٺي نموني حجت پوري ڪئي ته پوءِ سندن فرض ادا ٿي ويو. پر جي حجت پوري ڪرڻ ۾ ڪا گهٽتائي رهجي ويئي ته پوءِ هو پهرئين پنهنجي ڪئي لاءِ جوابدار هوندا. مخاطبين کان حق جي قبول نه ڪرڻ جي پڇا پوءِ ٿيندي. حق جي قبول ڪرڻ لاءِ دلين جا دروازا واقعي کولڻ يا نه کولڻ، اهو الله جو ڪم آهي. مبلغ ان ڳالهه جو ذميوار نه آهي ته ماڻهن حق ڇو ڪونه قبوليو پر انهن تائين حق جي ڳالهه ٺيڪ ٺيڪ نموني پهچائڻ لاءِ بهرحال اهي ئي جوابدار آهن. اسلام جي دعوت ۽ حق جي تبليغ پوري نموني پهچائڻ کان پوءِ به جيڪڏهن ماڻهو اسلام قبول نٿا ڪن ته پوءِ هو اسلامي اصطلاح ۾ ”ڪافر“ آهن. پر جن قومن ۾ وعظ ۽ نصيحت جي شرطن سان دعوت ڏني ئي نه ويئي آهي ته انهن تي ”انڪار“ يا ”ڪفر“ جو اطلاق نٿو ٿي سگهي. هيءَ ڳالهه الله جي انصاف کان بنهه پري آهي ته الله پاڪ انهن کان ان ”ڪفر“ جي پڇا ڳاڇا ڪري جنهن ۾ هنن کي پنهنجي اختياري فيصلي ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو هجي ۽ مٿن معاملي جا ٻئي پهلو پڌرا ئي نه ٿيا هجن. هي چوڻ ته قرآن پاڪ نازل ٿي چڪو آهي ۽ بحر و بر تي الله پاڪ جي حجت پوري ٿي ويئي آهي. تنهن ڪري هر انسان، اسلام کي قبول ڪرڻ يا نه ڪرڻ ۾ پنهنجي سر پاڻ جوابدار آهي عقل کان انتهائي پري جي ڳالهه آهي. هن جڳ جهان ۾ اڄ به ڪيتريون اهڙيون قومون آهن جن تائين علم ۽ تهذيب جي روشني ناهي پهتي. هو جهنگن، بيابانن ۽ جبلن ۾ تهذيب ۽ سڌريل زندگيءَ کان بلڪل پري پنهنجي مخصوص ماحول ۾ فطري زندگي گذاري رهيون آهن. خود هندستان ۽ پاڪستان جي جهنگلن ۽ جبلن ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي قومون آباد آهن جيڪي اڄ ڏينهن تائين علم ۽ تهذيب جي روشني کان محروم ۽ تهذيب ۽ اخلاق جي نالي کان اڻواقف آهن. انهن کان سندن ”ڪفر“ جي پڇاڻي جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ها! البت تبليغ ۽ حڪمت ۽ وعظ جي مڙني شرطن سميت پهچائڻ مسلمان علماءِ دين جي فرضن ۾ شامل آهي. انهن کان سندن ڪوتاهي جي پڇا ڳاڇا ضرور ٿيندي. مسلمان خاص ڪري علماءِ حضرات پنهنجي بي عملي ۽ فرضن ۾ ڪوتاهي ڪرڻ سبب اهڙين قومن کي ”ڪفر“ جو الزام نٿا ڏيئي سگهن.
جيتريقدر دعوت ۽ تبليغ ڪرڻ جو سوال آهي ته اها هندستان جي سڌريل قومن ۾ به حڪمت ۽ موعظت جي سڀني شرطن سميت نه ٿي آهي. اسلام جي حقانيت ثابت ڪرڻ ۽ باطل فرقن جي رد ڪرڻ ۾ ڪجهه لٽريچر ڇپائي ڇڏڻ يا گهٽين ۽ بازارن ۾ مناظرا ڪرائي ڪنهن مذهبي مبلغ کي شڪست ڏيڻ هڪ وڏي عملي ميدان جو هڪ ننڍڙو عمل آهي. توڙي جو ڪنهن حدتائين ان عمل جي به اهميت آهي پر دنيا جي قومن ۾ تبليغ واري فرض جي شرعي طور ادائيگي تمام پري جي ڳالهه آهي. جيستائين اسلام جي دعوت و تبليغ جي حق ادا ڪرڻ جو تعلق آهي ته سچي ڳالهه اها آهي ته صحابه جي دور کان پوءِ ان تي ڌيان ئي ڪونه ڏنو ويو. ملڪ فتح ڪيا ويا، قومن تي غلبو حاصل ڪيو ويو، مسلمانن جون حڪومتون جڙيون پر اسلام جي تبليغ ۽ دعوت جو حق نه ملڪن فتح ڪرڻ کان اڳ ادا ڪيو ويو نه پوءِ ان تي ڌيان ڏنو ويو.
بيشڪ صوفي بزرگن پنهنجي انداز سان اسلام جي اشاعت ۾ حصو ورتو پر انهن جي ڪوششن ۽ تحريڪن کي به مسلمان حاڪمن ۽ فاتحن کان ڪو سهڪار نه مليو بلڪ ڪڏهن ته اڃا انهن کي مسلمان حاڪمن جا ظلم سهڻا پيا هئا.
مولانا عبيدالله سنڌي مرحوم تبليغ واري معاملي ۾ جيڪڏهن اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو هو ته بلڪل صحيح ڪيو هو، پر ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته جنهن ماحول ۾ مولانا رهيل هو اتي ان مسئلي کي ڇيڙڻ جي ضرورت بلڪل نه هئي ۽ ان آڏو جيڪي وڏا سياسي مقصد ۽ ڪم هئا تن کي ان بحث مان نه ڪو فائدو پهچي سگهيو ٿي نه ئي پهتو بلڪ سندس ڪمن ۾ پاڻ ڪجهه رڪاوٽون پيدا ٿي پيون.
مولانا ابوالڪلام آزاد کي جڏهن مولانا سنڌيءَ جي خيالن ۽ انهن تي ٿيندڙ بحث ۽ اختلاف جي خبر پيئي ته پاڻ چيائون مسئلو ايئن آهي پر ان کي ڇيڙڻ جي ضرورت ڪانه هئي. حضرت شيخ الهند جي تاثرات مان به مولانا سنڌي جي ترديد بجاءِ تائيد معلوم ٿئي ٿي. مولانا مناظر احسن گيلاني لکي ٿو ته:
”حضرت شيخ الهند فرمايو، ”انفرادي نموني هي ڳالهه ته ڪنهن کي ڪهڙي درجي تائين تبليغ ٿي آهي ان کي الله پاڪ ئي ڄاڻي ٿو ۽ پڇاڻو به اهوئي پنهنجي علم موجب ڪندو انهيءَ جو تفصيلي علم الله کي ئي آهي، اسان لاءِ مجموعي طور ايتري ڳالهه ڪافي آهي ته جنهن کي جنهن حدتائين تبليغ ٿي آهي ان کان ان حد تائين پڇاڻو به ٿيندو. ڌار ڌار فردن بابت انسان لاءِ هي ٻڌائڻ ناممڪن آهي ته ڪنهن فرد کي ڪهڙي درجي جي تبليغ ٿي آهي ۽ جڏهن تبليغ جي درجن جو تفصيلي علم اسان وٽ نه آهي ته پوءِ پڇاڻي جو تفصيل به اسان ڪيئن ٿا ڪري سگهون.“
(ماهنامه دارالعلوم ديوبند ص 41 جمادي الثاني 1372هه)
مولانا گيلانيءَ حضرت جن جي ان تقرير کي پوري پني ۽ حرف آخر قرار ڏنو آهي. پاڻ حضرت جن جي جواب ڏيڻ واري انداز کي به بيان ڪري ڇڏيو آهي. فرمائين ٿا:
”بظاهر ايئن لڳي رهيو هو ته مسجد جي جلسي وارين تقريرن جون خبرون چارون حضرت جن تائين پهچي چڪيون هيون، جن کان پاڻ گهڻو متاثر هئا. معمول جي ابتڙ حضرت جن ٿورو پاڻ کي سنڀالي متوجهه ٿيا ۽ ان مسئلي بابت هڪ اهڙي پوري پني تقرير ڪئي جيڪا بندي وٽ حرف آخر جي حيثيت رکي ٿي.“
مولانا گيلاني مرحوم ان مسئلي بابت پنهنجي هڪ اهم ڪتاب ”الدين القيم“ ۾ حضرت شيخ الهند جي درس ترمذي واري انهيءَ صحبت جي حوالي سان ”مسئله تبليغ ۽ مواخذه“ جو عنوان ڏيئي ڪري حضرت مجدد الف ثاني جي ڪتاب ”افادات و ڪشف“ ۽ قرآني تفسير جي روشني ۾ هڪ جامع بحث ڪيو آهي ۽ ان ۾ ”حضرت شيخ الهند جو تحقيقي بيان“ جي سري هيٺ بزرگن جي انهن ئي افادات مان دليل پڻ ورتو آهي. پاڻ لکن ٿا:
حضرت مجدد جو ارشاد آهي: ”حضرت حق سبحانھ تعالیٰ بکمال رافت و رحمت خود بندھ رابھ مجرد عقل کھ مجال خطا و غلط دروے بسیارست بے آنکھ ابلاغ مبین بھ توسط انبیاء علیھ الصلوات والتسلیمات فرمایند درآتش مخلد ساز و عذاب گرفتار سازد۔“
يعني الله پاڪ پنهنجي بي انتها رحمت ۽ مهرباني سببان بندن کي رڳو سندن عقل جي حوالي نٿو ڪري بلڪ ان ئي رحمت ۽ ٻاجهه جي گهر آهي ته پيغمبرن جي ذريعي انهن کي پوري پوري تبليغ ٿيڻ بنان ڪنهن کي به ابدي آڙاهه ۾ نه اڇلائي. حضرت مجدد وڌيڪ لکن ٿا ته پوري هوش حواس سان جن ماڻهن تائين پيغمبرن جي تعليم صحيح نموني ناهي پهتي يعني واضح نموني تبليغ نه ٿي آهي انهن بابت جيئن اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي ته اهي جهنم جو ابدي عذاب ڀوڳيندا تيئن بالفاظ مجدد ”گراں است حکم کردن اورا باوجود شرڪ بخلود جنت“ يعني جن ماڻهن کي پوريءَ ريت تبليغ نه ٿي آهي انهن بابت اهو فيصلو ڪرڻ به ڏکيو آهي ته اهي ابدي جنت جا مزا ماڻيندا.

حضرت شيخ الهند جو تحقيقي بيان
ان فيصلي جي مونجهاري جي حوالي سان مولانا گيلاني حضرت مجدد الف ثاني جي هڪ ڪشف جو ذڪر به ڪيو آهي پر جيئن ته عقيدن جي باب ۾ ڪشف کي قطعي دليل جي حيثيت حاصل نه آهي، تنهن ڪري مولانا گيلاني شيخ الهند جي بيان کي ئي ”تحقيقي“ قرار ڏيندي ان کي ئي هن منجهيل مسئلي جو آخري حل ۽ ڀروسي جوڳو فيصلو قرار ڏنو آهي ۽ لکيو اٿس ته ان مسئلي ۾ آخري ڳالهه جا ڪري سگهجي ٿي سا اهائي آهي جيڪا حضرت شيخ الهند بيان فرمائي آهي. هاڻي توهان پاڻ مولانا گيلانيءَ جو پورو بيان پڙهي ڏسو، پاڻ لکن ٿا:
شايد ترمذي جو سبق هلي رهيو هو سبق پڙهڻ وارن ۾ هڪ مستانو• به موجود هو تنهن هڪڙي خاص سبب جي ڪري جنهن جو لاڳاپو هڪ وقتي مسئلي سان هو ڪجهه اهڙي نموني جو سوال ڪيو. جواب ۾ حضرت استاد جن جيڪا ڳالهه بيان فرمائي تنهن مهل ته ان جي قدر ۽ قيمت جو ايترو اندازو نه هو پر جڏهن مستي جا ڪجهه نوان ميدان پارڪيا سين تڏهن وري اها ڳالهه ياد آئي ۽ اها ئي ڳالهه هن فقير وٽ ان منجهيل مسئلي جو آخري حل آهي. پاڻ فرمايائون:
تبليغ جي درجن ۾ فرق آهي هڪ تبليغ ابوبڪر صديق ۽ عمر فاروق کي نصيب ٿي هڪڙي تبليغ عام صحابن کي ٿي پوءِ اهڙي ئي نموني تابعين تبع تابعين کان ٿيندي ٿيندي اڄ اسان جهڙن تائين پهتي آهي. بيشڪ اسان تائين به تبليغ پهتي پر جهڙي تبليغ ابوبڪر و عمر جهڙن صحابن کي پهتي، اسان تائين پهتل تبليغ ان درجي جي نه آهي. وري جن انڪار ڪيو انهن ۾ هڪڙو انڪار ابوجهل جو آهي ۽ هڪڙو انڪار فرض ڪريو هندستان جي ڪنهن ڳوٺڙي جي ڌنار جو آهي. ظاهر آهي ته تبليغ جي حوالي سان ٻنهي جو درجو ساڳيو نه آهي ته هي پهريون مقدمو ٿيو. ٻيو مقدمو هي آهي ته الله جي پڪڙ جا درجا به ڌار ڌار آهن يعني جنهن کي جهڙي درجي جي تبليغ ٿي آهي ان کان پڇاڻو به ان جهڙو ٿيندو.
حضرت استاد جن وڌيڪ فرمايو ته بس اهو قانون ياد رکڻ گهرجي ته جنهن کي جنهن درجي جي تبليغ ٿي هوندي ان کان الله جو پڇاڻو به ان درجي جو ٿيندو ۽ سندس پڪڙ به ان حساب سان ٿيندي. هي ته هڪ ڪليو قانون ٿيو. پر جزين تي ان ڪليي قانون کي ڪيئن لاڳو ڪيو وڃي يعني شخصي طور هي ٻڌائڻ ته ڪنهن کي ڪهڙي درجي جي تبليغ ٿي آهي ۽ ان جو پڇاڻو ڪهڙي درجي جو ٿيندو؟ ظاهر آهي ٻنهي ”تبليغ ۽ پڇاڻي“ جا درجا اڻ ڳڻيا آهن ۽ انهن جو پورو علم الله وٽ ئي آهي ۽ ان جوئي علم فيصلي لاءِ ڪافي آهي. اسان کي رڳو ايترو مڃڻو آهي ته جهڙي تبليغ هوندي پڪڙ ۽ پڇاڻو به اهڙو ئي ٿيندو. ايئن به بلڪل ٿي سگهي ٿو ته هڪڙو ماڻهو يورپ ۾ هجي پر هن پنهنجي ڳولا ڦولا سان پنهنجي تبليغ جو درجو وڌائي ڇڏيو هجي. هڪ ٻيو ماڻهو مسلمانن ۾ رهندي به جهالت ۽ غفلت سبب تبليغ کان محروم رهجي ويو هجي جيئن هندستان ۾ ڪيترين ئي هندو قومن جو حال آهي، تنهن ڪري آخري فيصلو ته الله ئي ڪري سگهي ٿو ته ڪنهن کي ڪهڙي درجي جي تبليغ ٿي آهي. هائو، اسين رڳو ايترو ڄاڻو ٿا ته تبليغ جي جنهن درجي تي پهچي ڪري هن انڪار ڪيو آهي کانئس پڇاڻو به ان درجي جو ڪيو ويندو.
ان بيان کان پوءِ مولانا گيلاني انتهائي ذميواريءَ سان هي به وضاحت ڪري ٿو ڇڏي ته:
ظاهر آهي ته هي واقعو لڳ ڀڳ اٺاويهه اوڻٽيهه سال اڳ جو آهي، تنهن ڪري هوبهو سائين جن جا لفظ ته آءٌ ادا ڪري نه سگهيو آهيان پر انشاءَ الله مفهوم اهوئي آهي. مون سان گڏ ان سبق پڙهڻ وارا ساٿي جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن حصي ۾ هوندا ته اهي ان جي شاهدي ڏيندا.
پڇاڙي ۾ مولانا گيلاني حضرت شيخ الهند جي ڏنل جواب بابت پنهنجي پختي يقين جو وڌيڪ اظهار به ڪري ڇڏيو آهي. مولانا لکي ٿو:
”کڻي ڇا به ٿئي پر اها ڳالهه يقيني طور پڪي ٺڪي ۽ پختي آهي. ان سلسلي ۾ جيڪا آخري ڳالهه ڪري سگهجي ٿي سا اها ئي ٿي سگهي جا حضرت مجدد جي ڳالهه مون کي پوءِ ملي. سورة الفاتحه جي ٽن ٽولن واري تفسير • ڏانهن ڌيان به پوءِ ويو. افسوس ان ڳالهه جو ٿيو ته اهي شيون ان وقت موجود هجن ها ته حضرت استاد جن کان ڪجهه وڌيڪ پرائڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ملي ها. پر شاگرديءَ واري زماني ۾ ڄاڻ ئي ڪهڙي هوندي آهي. اها به غنيمت ٿي جو سائين جن کان سوال ڪيم ۽ جواب به ڪنهن نموني دماغ ۾ محفوظ رهيو جيڪو الحمدلله اڄ ڪم آيو. مسلمانن ۾ اڄڪلهه هڪڙو وڏو طبقو اهڙو پيدا ٿيو آهي جن جي دلين ۾ اهو سوال اٿندو آهي. انشاءَ الله حضرت استاد جو اهو جواب انهن کي مطمئن ڪري ڇڏيندو.
يقين ڪرڻ گهرجي ته مولانا سنڌي مرحوم پنهنجي پياري استاد حضرت شيخ الهند جي مرضيءَ خلاف ۽ ان کان اڳتي هڪ حرف به نه چيو هوندو ۽ جيڪڏهن حضرت شيخ الهند جو اهو بيان ان مسئلي ۾ حرف آخر جي حيثيت رکي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ مڪتبه فڪر ۾ مولانا سنڌي جو فڪر به حرف آخر جي ئي حيثيت رکي ٿو ۽ حضرت انور شاهه ڪشميري جي معذرت ۽ پنهنجي غلط فهمي جي اقرار يقيني طور اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته مولانا سنڌيءَ جو مسلڪ ۽ موقف ئي سچو ۽ صحيح هو. مولانا ڪشميري کي جيئن ئي خبر پيئي ته مولانا سنڌي ڪابل کان روس ۽ ترڪي کان پوءِ حجاز پهچي ويو آهي ته هڪ وسيلي کانئن معافي گهري هئي. ان سلسلي ۾ جيڪا روايت اسان آڏو آهي سان ڪيترن ئي ڪتابن ۽ مضمونن ۾ آيل آهي پر جنهن صحيح روايت جو سال سميت سندس بنيادي ماخذ مان حوالو ڏنو وڃي ٿو سا ”البرهان“ ۾ مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي 1945ع ۾ بيان ڪئي آهي. مولانا لکي ٿو:
1928ع ۾ جڏهن مولانا سنڌي حجاز ۾ ترسيل هو تڏهن اسان جو دوست مولانا حفظ الرحمان صاحب سيوهاروي حج تي وڃي رهيو هو ۽ حضرت الاستاذ مولانا سيد محمد انور شاهه صاحب جي خدمت ۾ موڪلائڻ لاءِ حاضر ٿيو ته حضرت شاهه صاحب روئڻ هارڪو ٿي انتهائي ڏکويل آواز ۾ فرمايو ادا! مڪي ۾ مولانا عبيدالله صاحب کي منهنجا گهڻا گهڻا سلام چئجو ۽ نياپو به ڏجوس ته اوهان جي ديوبند ۾ رهڻ واري وقت ۾ آءٌ اوهان لاءِ تڪليف جو سبب بنيو هوس، ان وقت مون کي اصل حالتن جي خبر نه هئي هاڻي جڏهن اصل حقيقت جي خبر پيئي آهي تڏهن ڏاڍو لڄي ۽ پشيمان ٿيو آهيان. هاڻي آءٌ اوهان کي پڪ ٿو ڏياريان ته منهنجي دل ۾ اوهان لاءِ ڪابه ميراڻ نه آهي ۽ اميد ٿو ڪريان ته اوهان به منهنجي لاءِ پنهنجي دل ۾ ڪابه خلش ۽ چڀن نه رکندا.
(بحواله البرهان دهلي اپريل 1645ع ص 95)
حضرت مولانا ڪشميري جن جو روئڻ، نير وهائيندي معافي گهرڻ ۽ پنهنجي طرفان تڪليف ڏيڻ جي اقرار ڪرڻ سان گڏوگڏ ان وقت مولانا سنڌيءَ خلاف ڀڙڪايل هنگامي ۽ فتويٰ بازيءَ جي اصل پسمنظر کان اڻڄاڻ هجڻ ۽ پنهنجي غلطي مڃيندي اصل حقيقت کلڻ کان پوءِ لڄي ۽ پشيمان ٿيڻ ۽ اڳتي مولانا سنڌي لاءِ دل صاف رکڻ وارو عمل مولانا سنڌي جي فڪري دامن کي گمراهي جي داغ کان ته پاڪ ڪري ٿو ڇڏي پر خود حضرت ڪشميري جي سيرت ۽ اخلاقي عظمت جو اهڃاڻ ۽ ثبوت پڻ آهي. افسوس جو ان هنگامي ۾ شريڪ ٻين ساٿين کي اهڙي توفيق نصيب نه ٿي!!
جيڪڏهن مسئلو ڪنهن درجي ۾ هو به سهي ته به هڪ علمي مسئلو هو. اسلام جي بنيادي عقيدن سان ان جو ڪو واسطو نه هو. ان مسئلي ۾ مخالف ڌر جي خيال کي ئي کڻي صحيح مڃجي تڏهن به ان کي ڪفر ۽ اسلام جي ڪسوٽي قرار نٿو ڏيئي سگهجي. هي ڳالهه انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ زيادتي واري هئي ته مولانا سنڌي مرحوم کي واجب القتل قرار ڏنو وڃي ۽ رڳو ان بنياد تي کيس ديوبند مان نيڪالي ڏني وڃي. پر ايئن هو ڪٿي؟ ان معاملي کي ته رڳو مولانا سنڌيءَ کي ديوبند مان ڪڍڻ لاءِ بهانو بنايو ويو هو. اصل حقيقت ته ڪا ٻي ئي هئي.
مفتي عزيزالرحمان بجنوري صاحب لکي ٿو ته:
پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هي سڀ علمي اختلاف هئا ته ڇا اهي اختلاف اهڙا هئا جن جي ڪري هڪڙي سرگرم ڪارڪن کي وڃائي ڇڏجي؟ ڇا اهي حالتون رڳو مولانا سنڌيءَ جون پيدا ڪيل هيون؟ جيڪڏهن ٿورو غور ڪري ڏسجي ته اصل تحريڪ جو پرچارڪ حضرت شيخ الهند هو پر ان سان ٽڪر ڪير کائي. حقيقت هيءَ آهي ته جمعيت الانصار جي پروگرام ۽ ان جي تجويز سان جتي انگريز هنگ ترڪان ۾ اچي ويا هئا اتي دارالعلوم جي مهتممن جي ڇڙواڳ حڪومت کي به زوردار ٺوڪر پئي لڳي. جنهن لاءِ هنن اهو طريقو اپنايو ته مولانا عبيدالله سنڌيءَ تي علمي ۽ مذهبي الزام مڙهي ان کي دارالعلوم کان ڌار ڪري ڇڏجي.
(بحواله ”تذڪره شيخ الهند“ ص 175)
ان مان اندازو ٿي وڃي ٿو ته اهو سچ پچ به ڪو علمي مسئلو نه هو بلڪ مولانا سنڌي کي ديوبند مان ڪڍڻ لاءِ رڳو هڪڙي کيڏ کيڏي ويئي. اهوئي مفتي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته:
دارالعلوم جي مهتممن مولانا سنڌي جي انهن سرگرمين کي پاڻ لاءِ ۽ دارالعلوم لاءِ خطري جي گهنٽي سمجهيو ٿي ۽ هو ان خطري کي پنهنجي سر کڻڻ لاءِ بلڪل تيار نه هئا تنهن ڪري هنن مولانا سنڌيءَ خلاف ٻه ٽي مسئلا اٿاريا هئا تان ته کيس دارالعلوم ديوبند مان اهو چئي ڪري ڪڍيو وڃي ته هو بزرگن جي مسلڪ تان ڦري ويو آهي يا ڀٽڪي ويو آهي ۽ سندس نظريا ۽ خيال گمراهه ڪندڙ آهن. تنهن ڪري اهڙي ماڻهو جو دارالعلوم ۾ رهڻ شاگردن لاءِ هاڃيڪار آهي. اهڙيءَ ريت مدرسي جي مهتممن ڪجهه مسئلا پيدا ڪري مولانا انور شاهه ڪشميري ۽ مولانا شبير احمد عثماني کي مولانا عبيدالله سنڌي سان ويڙهائي وڌو ۽ ديوبند ۾ انهن ٽنهي بزرگن ۾ مناظرو ٿيو جيڪو حقيقت ۾ مولانا کي ڪڍڻ لاءِ رڳو هڪ بهانو هو. تنهن ڪري مولانا سنڌي خلاف هڙ ٻونگ مچائي پوري ملڪ ۾ سندس پوزيشن کي مجروح ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويئي. (بحواله تذڪره شيخ الهند ص 174)
حضرت شيخ الاسلام مولانا سيد حسين احمد مدنيءَ مهتممن بابت گهڻي حسن ظن کان ڪم ورتو آهي. پر پوءِ به کيس مڃڻو پئجي ويو آهي ته مولانا سنڌي ۽ دارالعلوم جي ٻين عالمن ۾ اختلاف هٿرادو طور پيدا ڪيا ويا هئا حقيقت ۾ ڪو به مسئلو نه هو. مولانا مدني جو پورو بيان پڙهو پاڻ لکن ٿا ته:
حقيقت هيءَ هئي ته دارالعلوم ديوبند جي مهتممن اڳيان دارالعلوم جي بقا ۽ حفاظت جو مسئلو سڀ کان وڏو ۽ اهم مسئلو هو. 1857ع جي واقعن ۾ ان کان پوءِ واري انگريزن جي پاليسي انهن اڳيان هئي. مولانا سنڌيءَ جي سرگرمين کي هنن نه رڳو دارالعلوم ديوبند لاءِ پر عام مسلمانن لاءِ به نقصانڪار سمجهيو ٿي ۽ پنهنجي پر ۾ ضروري سمجهيائون ٿي ته مولانا سنڌي جو هن مرڪز سان ڪو لاڳاپو نه رهي. ان زماني ۾ وري اتفاق سان ڪجهه علمي مسئلن ۾ مولانا سنڌي ۽ دارالعلوم جي ٻين عالمن وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيو. ان اختلاف کي بنياد بنائي مولانا سنڌيءَ کي دارالعلوم ديوبند مان ڪڍيو ويو. جيئن رولٽ ڪميٽي رپورٽ ۾ ان ڏي اشارو موجود آهي.• جيتوڻيڪ انهيءَ اختلاف دارالعلوم جي استادن، ملازمن ۽ شاگردن کي مولانا سنڌي کان پري ڪري ڇڏيو هو پر حضرت شيخ الهند سان مولانا سنڌي جي لاڳاپن ۾ ڪوبه فرق نه آيو هو لڪ ڇپ ۾ اچ وڃ جاري رهي. رات جو اونداهين ۾ ديوبند کان ٻاهر ملاقاتيون ٿينديون رهيون ۽ ضروري ڳالهيون ٻولهيون طئي ٿينديون رهيون. (نقش حيات ص 151)
حضرت مدنيءَ جن ”نقش حيات“ ۾ ئي هڪڙي جاءِ تي حاشيي ۾ انهن مسئلن کي ”مسائل مختلفه فيها“ جي نالي سان لکيو اٿن. تنهن ڪري انهيءَ معاملي ۾ مهتممن سان وڌ ۾ وڌ جيڪا رعايت ڪري سگهجي ٿي سا اها ئي ڪري سگهجي ٿي ته انهن مسئلن کي اختلافي مسئلا قرار ڏيئي ڪري انهن کي اختلاف ڪرڻ جو حق ڏجي، پر هتي به مهتممن جي زيادتي اها آهي جو انهن مسئلن ۾ مولانا سنڌيءَ کي اختلاف راءِ جي حق ڏيڻ بدران مرڳو سندس تضليل ۽ تڪفير ڪرائي. جيڪڏهن مسئلا واقعي به اختلافي مسئلا هئا ته پوءِ انهن ۾ اختلاف گمراهي ۽ ڪفر ڪيئن ٿيو؟ تنهن ڪري حضرت شيخ الاسلام ان تضليل، تڪفير ۽ ديوبند مان نيڪالي جي اصل سبب ڏي به اشارو ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ لکن ٿا ته:
ڪجهه اختلافي ديني مسئلا وچ ۾ آندا ويا ۽ مولانا سنڌي کان ٻن اهم همعصر عالمن کي بدظن ڪيو ويو ۽ اختلاف جي ڪري ئي مولانا سنڌي کي ديوبند مان نيڪالي ڏني ويئي. انهن مان هڪڙي بزرگ کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ۽ ان مولانا سنڌي کان معافي ورتي. بهرحال مولانا جي نيڪال جو اصل سبب اهو معاملو آهي جنهن لاءِ يوپي جو گورنر مسٽن دارالعلوم ديوبند ويو هو ۽ مهتمم کي شمس العلماء جو خطاب ڏنو هو.
(بحواله نقش حيات حصه 2 ص 244)
حضرت شيخ الاسلام جو اهو حاشيو رولٽ ڪميٽي جي ان فقري تي آهي ته:
عبيدالله گهريو ٿي ته ديوبند جي مشهور معروف مدرسي جي فارغ التحصيل مولوين جي مدد سان سڄي هندستان ۾ برطانيه خلاف هڪ عالمگير اسلامي تحريڪ هلائي پر مهتمم ۽ شوريٰ جي ميمبرن ان کي ۽ ان جي ڪجهه ساٿين کي مدرسي مان ڪڍي ان تجويز کي اتي اڌ ۾ ئي ختم ڪري ڇڏيو. (نقش حيات ص 240)
جيڪڏهن واقعي به ڪو اسلامي مسئلو هجي ها يا دارالعلوم کي ڇيهي رسڻ جو ڊپ هجي ها ته اهو هن نموني به سهڻي ريت نبري پئي سگهيو ته اهو سڄو مامرو حضرت شيخ الهند جي خدمت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ديني مسئلي جي حيثيت ۾ حضرت جن جو هڪ اشارو ئي مولانا سنڌيءَ جي رجوع لاءِ ڪافي ٿي وڃي ها ۽ جيتري قدر دارالعلوم ديوبند کي ڇيهي رسڻ وارو سوال آهي ته حضرت شيخ الهند به مدرسي جو ڪو دشمن ته ڪو نه هو اهو مدرسي جي حفاظت سان گڏوگڏ تحريڪ هلائڻ جي به ڪا صورت ڪڍي وٺي ها. مولانا سنڌي کي روڪي ڇڏن يا سندس جدوجهد کي ڪن حدن ۾ پابند ڪري ڇڏي ها يا جيئن پوءِ ڪيائون جو ان جو مرڪز بدلائي ڇڏي ها. پر لڳي ٿو ته مهتممن ماڳهين حضرت شيخ الهند کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ مولانا سنڌي خلاف محاذ قائم ڪري ڇڏيو هو ۽ حضرت شيخ الهند جي ئي ڪن شاگردن کي مولانا خلاف استعمال ڪيو ۽ ان جي احتساب لاءِ ڪنهن اهڙي ڏينهن جو انتظار ڪيو جنهن ڏينهن حضرت شيخ الهند ديوبند ۾ نه هجي. مولانا جي ڪن خيالن کي ڪافراڻا خيال سڏي کيس واجب القتل قرار ڏنائون. جڏهن ته مولانا سنڌي انهن خيالن کان رجوع ڪيو هو، توبه به ڪئي پر ان جي توبه قبول ٿي، نه ئي ان جي رجوع کي قبوليو ويو. هنن مولانا سنڌيءَ کي نه رڳو مدرسي مان نيڪالي ڏني پر ان تي پوري ديوبند جي سرزمين سوڙهي ڪري ڇڏيائون ۽ کيس ديوبند مان نڪري وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. مدرسي جي مهتممن رڳو ان تي به بس نه ڪئي پر حضرت شيخ الهند جي خلاف پڻ سازشن جو ڄار وڇائي ڇڏيائون ۽ ان جي سرگرمين جي جاسوسي ڪري حڪومت کي ان جي معلومات ڏيندا رهيا. حڪومت کي حضرت شيخ الهند جي گرفتاري جي صلاح ڏنائون. شمس العلماء مولانا محمد احمد ”مهمتمم دارالعلوم ديوبند“ جاسوسي لاٰءِ بذات خود دهلي تائين حضرت شيخ الهند سان گڏ سفر ڪيو ۽ پنهنجي مريد ڊاڪٽر انصاري جي زال وسيلي جاسوسي ڪئي. ڊاڪٽر صاحب ۽ حضرت جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جي موضوع ۽ تفصيلات معلوم ڪرڻ جو ان کي وسيلو بنايو. عبدالاحد نالي هڪ همراهه کي جاسوسي لاءِ حضرت شيخ الهند سان گڏ حجاز موڪليو ويو. جڏهن اهو واپس آيو ته ان کان مليل معلومات ضلع سهارنپور جي ڪليڪٽر ذريعي يوپي جي گورنر تائين پهچائي وئي. ديوبند جي حالتن ۽ حضرت شيخ الهند جي ڪمن ڪارين ۽ سرگرمين بابت ماهوار رپورٽون ڏنيون ويون ۽ تمام ڦڙتائيءَ سان انگريزن جي وفاداري وارا ڪم هڪ هڪ ڪري پورا ڪيا ويا ۽ انهن خدمتن جي بدلي ۾ ئي شمس العلماء جي خطاب ماڻڻ سان گڏوگڏ روڪڙي انعام، جاگيرون ۽ ماهوارا وظيفا حاصل ڪيا ويا ۽ جڏهن محسوس ڪيو ويو ته انهن انعامن ۽ اعزازن هوندي دارالعلوم ديوبند جي مهتممي وارو منصب خطري ۾ پئجي ويندو ۽ دارالعلوم جي خاموش ردعمل کي منهن ڏيڻ به ڏکيو ٿيندو ته رياست حيدرآباد (دکن) ۾ مفتي اعظم جي عهدي تي فائز ڪيو ويو. برطانوي مفادن جي حفاظت ۽ چوڪيداريءَ وارا هي سڀ ڌندا حضرت قاسم العلوم نانوتوي جي قائم ڪيل دارالعلوم يا ان ”نئين محاذ“ ۾ ڪيا ويا جيڪو حضرت نانوتوي شاملي جي جهاد واري ناڪامي جي پورائي لاءِ قائم ڪيو هو. هي ڌنڌا نه رڳو 1909ع کان 1915ع تائين حضرت شيخ الهند جي ڏينهن ۾ ڪيا ويا پر شيخ الاسلام مولانا مدنيءَ جي زماني تائين به پوري باقاعدگي سان ٿيندا رهيا. نه رڳو ايترو پر دارالعلوم کي ملڪ جي آزاديءَ واري هلچل کان الڳ ٿلڳ رکڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ۽ آزادي واري جدوجهد ۾ وقت بوقت رڪاوٽون پڻ وڌيون ويون. مالٽا جي قيدين جي آزادي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ به مهتممن پنهنجي رويي سان گهڻو مايوس ڪيو. جڏهن آزادي پسند جماعتن مالٽا جي قيدين جي آزادي لاءِ تحريڪ هلائي ۽ ڊاڪٽر انصاري، پنهنجي سيڪريٽري عبداعلي خان رامپوري کي دارالعلوم جي سهڪار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ياداشت تي دستخط ڪرائڻ لاءِ موڪليو ته نه رڳو ٽال مٽول کان ڪم ورتو ويو پر پوري هفتي جو انتظار ڪرائڻ بعد خان صاحب کي مايوس موٽائي ڇڏيو. اهو به چيو وڃي ٿو ته ان سلسلي ۾ مهتمم صاحب پاڻ هڪ وفد وٺي ڪري هز آنر گورنر يوپي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ حضرت شيخ الهند ۽ سندس ساٿين جي آزاديءَ لاءِ عرض ڪيو هو. پر ڇا انهن جي چاپلوس ۽ خوشامدي طبيعتن کان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته انهن واقعي به حضرت شيخ الهند ۽ سندس ساٿين جي آزادي جو مطالبو ڪيو هوندو؟
انهن خوشامدي زبانن تي اهڙي وقت ۾ جيڪا ڳالهه اچي سگهي هوندي سابه هن کان وڌيڪ نه هوندي ته حضور! سياسي جماعتون، مذهبي انجمنون، ديني ادارا، عوام هندو توڙي مسلمان سڀ محمود الحسن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. صوبي جي ليجسليٽو اسيمبلي وائسراءِ هند جي ڪونسل ۾ سوال اٿاريا پيا وڃن. خود دارالعلوم ۾ بيچيني وڌي رهي آهي ۽ حضور جي وفادارن لاءِ مشڪلاتون وڌي رهيون آهن. تنهن ڪري ان جي قيد نظربندي تي حضور جن همدرديءَ سان غور فرمائين. شايد هيئن به چيو هوندائون ته الله پاڪ عظيم جنگ اول ۾ برطانيه کي سوڀ نصيب ڪئي آهي. ترڪي کي سندس مٿي ڦريائي جي سزا ملي آهي ۽ کيس ڇيهون ڇيهون ڪري ڪيترن ئي معاهدن ۾ جڪڙي سوگهو ڪيو ويو آهي. هاڻي جڏهن خود ترڪي جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي تڏهن ان جا حمايتي ۽ همدرد محمودالحسن جهڙا ماڻهو عظيم تر برطانيه جو ڇا ٿا بگاڙي سگهن. سائين جن جي بخت ۽ بادشاهي اڳيان هنن جي حيثيت ئي ڪهڙي آهي.
جيئن ته عرض ڪري چڪو آهيان ته حضرت شيخ الهند آڏو اهو مسئلو رکيو وڃي ها ته ديني مسئلي جي حيثيت ۾ حضرت شيخ الهند جو هڪڙو اشارو ئي مولانا سنڌيءَ جي رجوع لاءِ ڪافي هو پر خود مهتممن کي به پڪ هئي ته اصل مسئلو اهو ناهي جيڪو ماڻهن کي مولانا سنڌيءَ خلاف ڀڙڪائڻ لاءِ هو بيان ڪري رهيا آهن. کين پڪ سان اهو به اندازو هوندو ته حضرت شيخ الهند جي راءِ به مولانا سنڌيءَ جي راءِ کان گهڻو مختلف نه هوندي، تنهن ڪري اهو مسئلو حضرت شيخ الهند جي خدمت ۾ به پيش نه ڪيو ويو. مولانا مناظر احسن گيلاني لکيو آهي ته سبق دوران ان سلسلي ۾ پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ حضرت شيخ الهند هڪ پوري پني ۽ جامع تقرير ڪئي هئي جنهن مان سڀ مطمئن ٿي ويا هئا ته مولانا سنڌي به حضرت استاد جي ارشادن کان ضرور مطمئن ٿي وڃي ها پر لڳي ٿو ته اهڙي ڪابه ڪوشش نه ڪئي ويئي هئي. هونئن به جتي عام روايت اها هجي ته دارالافتاء مان جاري ٿيندڙ سڀني فتوائن تي صدر المدرسين ۽ شيخ الحديث جي به صحيح ٿيندي هجي اتي دارالعلوم جي هڪ فاضل ۽ خود صدر المدرسين ۽ شيخ الحديث جي هڪ لائق شاگرد تي ڪفر جي فتويٰ ڏني وڃي ۽ هڪ نالي واري استاد کي بيخبر رکيو وڃي!! هي سڀ تڏهن ٿئي ها جڏهن سچ پچ به دارالعلوم جي بقا ۽ حفاظت جو يا ڪو علمي مسئلو هجي ها پر هتي ته معاملو ئي ڪجهه ٻيو هو ۽ اڳواٽ ئي طئي ڪيو ويو هو ته عبيدالله سنڌي کي هر صورت ۾ ديوبند مان ڪڍڻو آهي. مولانا اسعد مدني لکيو آهي ته:
”جيڪڏهن عقيدي ۽ دينداريءَ جي ڳالهه هجي ها ته حضرت شيخ الهند (جيڪو شيخ الحديث سڀني جو استاد ۽ حضرت نانوتوي جو جانشين ۽ سندس علمي ۽ فڪري امانتن جو صحيح امين هو) کي ضرور شريڪ ڪيو وڃي ها. ان جو بس هڪڙو اشارو ئي مولانا سنڌي جي رجوع لاءِ ڪافي هجي ها پر هي علمي بحث مباحثو مڙيئي ڏيکارڻ لاءِ رڳو هڪرو ڍونگ هو اصل ۾ سازش ته انگريزن جي هئي.“
(بحواله ایک خود ساختھ داستان حقائق کے آئینے میں ص 14-15)
وري ان کان اڳتي مولانا اسعد مدني لکي ٿو ته:
”سچي ڳالهه اها آهي ته مولانا سنڌي سان مهتممن جيڪي ڪجهه ڪيو سو ان اڻ ڪئي ڏوهه جي سزا هئي جنهن جو چسڪو ان ۾ خود حضرت شيخ الهند پيدا ڪيو هو. يعني ”انگريز دشمني“ جنهن کي مهتمم حضرات هڪڙي منٽ لاءِ به برداشت نٿي ڪري سگهيا. پر سڌوسنئون ان مسئلي تي قدم کڻڻ ۾ ڪيئي خطرا هئا. سڀ کان وڏو خطرو ته خود حضرت شيخ الهند جي ذات گرامي هئي. تنهن ڪري هڪ علمي مسئلي جي آڙ وٺي حضرت سنڌي مظلوم کي هٽايو ويو.“ (ايضاً ص 15-16)
جيڪڏهن مسئلو واقعي مولانا سنڌي جي غلط عقيدي ۽ ديوبند جي مسلڪ مشرب کان ڦري وڃڻ يا ان کي ڇڏي ڏيڻ جو هجي ها ته باوجود هن جي ته حضرت شيخ الهند سان مشورو نه ڪيو ويو هو پر پوءِ به جڏهن حضرت شيخ الهند کي اها سڄي حقيقت معلوم ٿئي ها ته پاڻ حضرت سنڌي سان ڳالهائين ها ۽ ان کي پنهنجي غلط خيالن کان رجوع ۽ توبه به ڪرائين ها. پوءِ جيڪڏهن مولانا سنڌي ايئن نه ڪري ها ته حضرت شيخ الهند جي ايماني غيرت اهو ڪيئن برداشت ڪري ها جو اهڙي ماڻهو سان هو ميل جول محبت ۽ حمايت جو تعلق رکي. پر ان جي ابتڙ حضرت شيخ الهند جي رويي مان ته هي پڌرو ٿيو ته پاڻ مولانا سنڌي کان نه پر مولانا انور شاهه ڪشميري کان منهن ڦيرائي بيزاري جو اظهار ڪيائون جيڪو مولانا سنڌي سان اڻبڻت ۾ اڳڀرن همراهن مان هو. مولانا اسعد مدني لکي ٿو ته:
”ان ڌنڌي سان حضرت شيخ الهند کي ڪيتري تڪليف پهتي هئي ان جو اندازو هن واقعي مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان (احتسابي ۽ نيڪالي واري) ڪاروائي کان پوءِ جڏهن مولانا انور شاهه ڪشميري (جنهن کان مولانا سنڌيءَ جي ڪفر واري فتويٰ تي صحيح ورتي ويئي هئي.) حضرت شيخ الهند جي محفل ۾ پهتو ته پاڻ ان کان منهن ڦيرائي ڇڏيائون. نيٺ آزي نيازي کان پوءِ کانئس راضي ٿيا. جيڪڏهن هي ڪاروائي سچ پچ به شرعي نقطه نگاهه جي موافق هئي ۽ دين جي هڪ اهم گهرج پوري ڪرڻ لاءِ ڪئي ويئي هئي ته پوءِ ان حضرت شيخ الهند جي ناراضگي جي ڪهڙي توجيح ٿيندي؟“ (ايضاً ص 16)
مولانا سنڌيءَ جي احتساب ڪرڻ ۽ کيس سوڙهي ڪرڻ لاءِ باقاعده هڪ احتسابي محڪمو قائم ڪيو ويو. هيءُ شعبو دارالعلوم جي نظام جو ڪو حصو ڪونه هو پر اهو مولانا شبير احمد عثماني جو جوڙيل هو. ظاهر آهي ته ان ۾ شمس العلماء مولانا محمد احمد، مهتمم دارالعلوم ديوبند جو اشارو به ضرور شامل هوندو. نائب مهتمم، حبيب الرحمان عثماني ته مولانا شبير احمد عثماني جو وڏو ڀاءُ هو، ان جي اجازت ۽ مشوري سان ئي هي شعبو قائم ڪيو ويو هوندو ۽ سندس هڪ ڀاءُ عزيزالرحمان دارالعلوم جو سڀني کان وڏو مفتي هو، سو احتسابي محڪمي جي جوڙڻ ۾ ان جي مشوري کي ڪيئن ٿو نظرانداز ڪري سگهجي. مولانا مناظر احسن گيلاني لکي ٿو ته:
دارالعلوم ديوبند ۾ اسان جن انتهائي نامور عالمن جهڙوڪ علامه انور شاهه ڪشميري ۽ شيخ الاسلام شبير احمد عثماني وارن پنهنجو هڪ احتسابي محڪمو قائم ڪيو هو، ان اڳيان مولانا سنڌيءَ کي هڪ ڏوهاري جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو.
دارالشوريٰ ۾ هڪ جلسو ٿيو. تقرير ۽ احتساب ڪرڻ وارن ۾ مولانا انور شاهه ڪشميري، مولانا شبير احمد عثماني، (ديوبندي) فلسفي ۽ منطق جو استاد مولانا غلام رسول خان هزاروي هئا. امين ۽ جج جي حيثيت ۾ مدرسي جا مهتمم ۽ دارالعلوم جو مفتي، ٻڌندڙن ۾ مدرسي جا استاد ۽ تماشائين جي حيثيت ۾ دارالعلوم جا شاگرد هئا اختلافي مسئلو غيرمسلمن ۾ تبليغ وارو هو.
مولانا مناظر احسن گيلاني وڌيڪ لکي ٿو ته:
مولانا عبيدالله سنڌي اٿي بيهي ڪري هي فرمايو ته قرآن پاڪ جي آيت مبارڪ ”آيت“ (تان ته ڊيڄاريا آءٌ توهان کي ۽ جن تائين ڳالهه پهتي) مان آءٌ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته اولاد آدم مان جن ماڻهن تائين قرآن پاڪ جو پيغام ناهي پهتو انهن کان اسلام جي قبول نه ڪرڻ بابت پڇاڻو نه ٿيندو.
تبليغ جي باب ۾ مولانا گيلاني حضرت سنڌي مرحوم جو هڪ ٻيو جملو به نقل ڪيو آهي اهو هيءُ ته مولانا سنڌي فرمايو ته اڄڪلهه يورپ جي غيرمسلمن ۾ دين جي تبليغ صحيح نموني ناهي پهتي تنهن ڪري جيڪڏهن انهن جا اخلاق سٺا هوندا ته اهي ڇوٽڪاري جا حقدار آهن.
مولانا سنڌي جي انهن خيالن تي جيڪو ردعمل ٿيو اهو به حضرت گيلاني بيان ڪري ڇڏيو آهي. اسان هتي ٽنهي بزرگن جو ردعمل ڌار ڌار بيان ڪريون ٿا.
(1) مولانا شبير احمد عثماني ديوبندي
مولانا شبير احمد عثماني اهو ٻڌي ڪري ڪاوڙ ۾ اچي ويو، هن اهڙن خيالن تي تنقيد ڪئي. ان جي تقرير ياد نه رهي.
(2) مولانا غلام رسول خان هزاروي 1919- 1854ع ديوبند
ان (مولانا عثماني) کان پوءِ مولانا غلام رسول خان صاحب تقرير ڪئي. جنهن مان سندس هي فقرو مون کي چٽي طرح ياد آهي ته مولانا عبيدالله سنڌي توڙي جو اسان جي جماعت جو هڪ فرد آهي پر (جنهن نموني) جڏهن ڪو عضوو سڙي ويندو آهي ته (ان کي) ڪٽي ڇڏبو آهي اهڙي ريت هن کي به جماعت کان ڌار ڪيو ويو آهي.
(3) مولانا انور شاهه ڪشميري
ان جي ردعمل بابت مولانا گيلاني لکي ٿو: مولانا انور شاهه ڪشميري کي ان ڳالهه ٻڌڻ سان ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿيندي چيائين ته زمين آسمان تي تبليغ ٿي چڪي آهي ۽ اهي سڀ ڪافر جهنمي آهن. جيڪڏهن تنهنجو به اهوئي عقيدو آهي ته پوءِ تنهنجي جاءِ به جهنم ۾ آهي.
ساڳين بيان جي سلسلي ۾ مولانا گيلاني لکي ٿو ته:
مدرسي جي مهتمم ۽ نائب مهتمم کي ڀڙڪايائين ته عبيدالله جو عقيدو خراب آهي جو چوي ٿو ته موجوده ڪافر ڇوٽڪاري جا حقدار آهن، پوءِ عام مولوين ۽ شاگردن جو هڪ جلسو ڪوٺائي مولانا سنڌي کي به ان ۾ گهرايو ويو ۽ کيس چيو ويو ته تو ڪفر جو ڪلمو چيو آهي هاڻ توبه ڪري ايمان نئون ڪر. مولانا سنڌي جڏهن ڏٺو ته جماعت ڪاوڙيل آهي ته پاڻ فرمايائون جيڪڏهن ايئن ئي آهي ته پوءِ آءٌ آمنت بالله پڙهي ٿو ڇڏيان ۽ گڏوگڏ ڪلمه شهادت پڙهي ٻڌايائون.
احتسابي محڪمي جي ڪاروائي اسان اڳيان آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته احتساب لاءِ اهڙو ڏينهن مقرر ڪيو ويو جنهن ۾ حضرت شيخ الهند ديوبند ۾ موجود نه هجن. ان ڪارروائي تي هڪ نظر وجهڻ سان هي به معلوم ٿي وڃي ٿو ته:
(1) هي جلسو احتساب لاءِ نه پر ڪيل فيصلي جي اعلان لاءِ جلسو هو. فيصلو اڳ ۾ ئي ڪيو ويو هو هاڻي رڳو دارالعلوم جي راءِ عامه کي مولانا سنڌيءَ خلاف تيار ڪرڻ لاءِ هي ڊرامو رچايو ويو.
(2) مولانا سنڌي مرحوم توبه ڪئي، ايمان نئون ڪيو ۽ ڪلمو شهادت پڙهي ٻڌايائين، پر فيصلو پوءِ به ان جي خلاف ئي ڪيو ويو ۽ زبان سان کڻي ڪونه چيائون پر پنهنجي عمل سان ثابت ڪري ڇڏيائون ته سندن خيال ۾ مولانا جو ايمان تازو ڪرڻ ۽ ”اقرار باللسان“ رڳو دٻاءَ سبب هو، ان کي ”تصديق بالقلب“ قرار نٿو ڏيئي سگهجي. تنهن ڪري مولانا سنڌيءَ کي ڪافر قرار ڏنو ويو. منصفن ۽ ججن فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ۽ دارالافتاء جي مهر سان ان کي مضبوط بنايو ويو.
(3) جيئن اڳ ۾ اشارو ڪيو ويو آهي ته احتساب لاءِ اهڙو ڏينهن رٿيو ويو جنهن ڏينهن خبر پين ته حضرت شيخ الهند گنگوهه وڃي رهيا آهن ته تڙتڪڙ ۾ اجلاس گهرائي بلڪل انگريزي عدالتن وانگر طئي ٿيل منصوبي موجب مقدمي جو فيصلو ٻڌايو ويو. بقول رشيد احمد صديقي جي ته شيطان حق تي ۽ ملائڪ ناحق تي هو. مولانا سنڌي کي به اندازو ٿي ويو هو ته ههڙي ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ جمعيت الانصار جو ڪم هلائي نه سگهندو، تنهن ڪري هن جمعيت الانصار جي نظامت تان استعيفا ڏيئي ڇڏي. استعيفا جي عبارت مان به اهوئي اندازو ٿئي ٿو ته اختلاف اڃان ختم نه ٿيا هئا ۽ مولانا سنڌي جي توبه قبول نه ٿي هئي. مولانا سنڌي جي هي استعيفا يا تاريخي خط جيڪو هن جمعيت الانصار جي صدر مولانا حبيب الرحمان عثماني نائب مهتمم کي لکيو هو ان جون شروعاتي سٽون هي آهن:
”عرض هي آهي ته انتظاميه واري جلسي جا سڀ ميمبر جيتري قدر مون کي معلوم ٿي سگهيو آهي ته مون بابت سٺا خيال نٿا رکن جيڪڏهن کڻي جامعة القاسميه جي حدتائين معاملن کي ختم به ڪيو وڃي ۽ آئون پنهنجي برات به ثابت ڪري وڃان ته به سڪون ۽ اتفاق سان ڪم هلائڻ مشڪل آهي، تنهن ڪري آءٌ جمعيت الانصار جي خدمت تان استعيفا پيش ڪريان ٿو.“
مولانا سنڌي جو هي خط 11 مئي 1913ع جو يادگار آهي.
تبليغ جو مسئلو جيڪي ڪجهه ۽ جيئن به هو بهرحال مولانا گيلاني جي بيان مان اندازو ٿئي ٿو ته احتسابي محڪمي جي ڪاروائي ۽ فيصلي کان پوءِ به ذهن صاف ۽ دليون مطمئن ڪونه ٿيون هيون. مولانا لکي ٿو ته:
مجلس ختم ٿي ويئي پر ان جو منهنجي دل تي گهرو اثر هو، شايد ٻئي ڏينهن يا هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ حضرت شيخ الهند وٽ ترمذي شريف جي سبق ۾ هن الله لوڪي فقير همت ڪري هي مسئلو ڇيڙيو ته هن وقت تبليغ واري سوال تي جيڪو اختلاف ٿي پيو آهي حضرت جن ان بابت ڇا ٿا فرمائين، ظاهري صورتحال مان ايئن لڳي رهيو هو ته مسجد واري جلسي جي تقريرن جون خبرون چارون حضرت جن تائين پهچي چڪيون هيون جن کان پاڻ گهڻو متاثر به هئا.
مولانا مناظر احسن گيلاني لکي ٿو ته پاڻ هڪ اهڙي صاف سٿري ۽ روان تقرير ۾ اهو مسئلو بيان فرمايائون جيڪو بندي وٽ حرف آخر جي حيثيت رکي ٿو. سندن تقرير جا آخري لفظ هي آهن:
”مطلب ته انفرادي نموني هي ڳالهه ته ڪنهن کي ڪهڙي درجي جي تبليغ ٿي آهي؟ ان کي الله پاڪ ئي ڄاڻي ٿو ۽ پڇاڻو به اهوئي پنهنجي علم موجب ڪندو. شخصن کي مقرر ڪري ماڻهو لاءِ اهو ٻڌائڻ ناممڪن آهي ته ڪنهن کي ڪهڙي درجي جي تبليغ ٿي آهي. پوءِ جڏهن تبليغ جي درجن جو تفصيلي علم اسان وٽ نه آهي ته پڇاڻي جو تفصيل به اسان ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟“
مولانا گيلاني جي چوڻ موجب حضرت جن جي ان تقرير جو ڏاڍو چوٻول هليو ۽ ان مان جنهن غلط فهمي پيدا ٿيڻ جو امڪان هو ان کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ جلسو به گهرايو ويو. ان بيان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته:
(1) حضرت شيخ الهند جو خيال مولانا سنڌي جي خيالن سان موافق هو يا گهٽ ۾ گهٽ مخالف ته بلڪل ڪونه هو ۽ حضرت شيخ الهند مهتممن ۽ سندن ساٿارين جي روين سان ته بلڪل متفق نه هو.
(2) ان ڳالهه جو يقين حضرت جن جي ان رويي مان ڀلي ڀت ٿي وڃي ٿو جيڪو پاڻ حضرت انور شاهه ڪشميري سان ناراضگي واري صورت ۾ ڪيو هو. جنهن جو ذڪر هن ئي مضمون ۾ مولانا اسعد مدني جي حوالي سان گذري چڪو آهي.
(3) خود حضرت علامه انور شاهه ڪشميري جو پڇتائڻ ۽ معافي وٺڻ، معذرت ڪرڻ ان ڳالهه جو چٽي نموني اعلان آهي ته اهو سڄو ڊرامو جيڪو مهتممن ۽ عثماني خاندان جي ڪن فردن جي اشاري تي رچايو ويو هو ۽ حضرت علامه انور شاهه ڪشميري به ان غلط فهمي جو شڪار ٿي ويو.
(4) وري مولانا سنڌي جي ڪفر واري فتويٰ کي (فتاويٰ دارالعلوم) ۾ شامل نه ڪرڻ واري ڳالهه به ٻڌائي ويئي آهي ته اصل ۾ اها فتويٰ غلط هئي. اهڙي نموني دارالعلوم جي ٻڌي ڇوڙي جي مالڪن ۽ علمي ڌرين طرفان به مولانا سنڌيءَ جي سچائي ۽ سندس حق تي هجڻ ثابت ٿي وڃي ٿو.
(5) ان کان پوءِ تاريخ دارالعلوم ديوبند ۾ کين ديوبند جي ناميارن فرزندن ۾ ڳڻڻ ۽ سندس ذڪر ڪيل غلط يا باطل عقيدن جو ذرو به ذڪر نه ڪرڻ به ان ڳالهه ڏي اشارو ڪري ٿو ته ڊرامي جو وقت گذري چڪو آهي، تنهن ڪري هاڻي چهري تان ميڪ اپ صاف ڪري ڇڏڻ گهرجي.
هاڻي جڏهن ثابت ٿي ويو آهي ته مولانا سنڌيءَ جي تضليل ۽ تڪفير جو سبب تبليغ بابت مولانا سنڌي جا خيال نه هئا ته پوءِ حقيقت ڪهڙي هئي؟ ان مسئلي تي هن ڪتاب جي چوٿين باب ۾ روشني وڌي ويندي.
ان سلسلي ۾ دارالعلوم ۾ جيڪا به ڪارروائي ٿي هئي سا مهتممن جي اشاري سان ۽ بلڪل سندن مرضي موجب ٿي هئي، پر هو اڃان به مطمئن ۽ آرامي ڪونه ٿيا هئا. تنهن ڪري دارالعلوم جي نائب مهتمم مولانا حبيب الرحمان عثماني هڪڙي ڏينهن مولانا مناظر احسن گيلاني کي جيڪو ان وقت دارالعلوم جو شاگرد هو تنهن کي گهرائي چيو ته:•
تون حضرت شيخ الهند سان ملي ڪري معلوم ڪر ته سياسيات ۾ حضرت جن جو سچ پچ به ڪهڙو موقف ۽ مسلڪ آهي.
چنانچه مولانا گيلاني حضرت جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي پڇيو هو. پاڻ لکي ٿو ته:
مهتممن جو هي پيغام ٻڌندي ئي مون ڏٺو ته حضرت جن تي هڪ خاص ڪيفيت طاري ٿي ويئي ۽ ارشاد فرمايائون ته ڇا حضرت الاستاذ (مولانا نانوتوي) هن مدرسي کي رڳو پڙهڻ پڙهائڻ لاءِ قائم ڪيو هو؟ مدرسو منهنجي سامهون قائم ٿيو هو جيتريقدر مون کي ڄاڻ آهي ته 1857ع واري هلچل جي ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هي ادارو ان لاءِ قائم ڪيو ويو هو ته ڪو اهڙو مرڪز ٺاهجي جنهن وسيلي ماڻهن کي ايترو تيار ڪجي جو 1857ع واري ناڪامي جو تدارڪ ۽ پورائي ڪئي وڃي. رڳو پڙهڻ پڙهائڻ ۽ درس تدريس جن جو مقصد ۽ نصب العين آهي انهن جي واٽ ۾ آءٌ رڪاوٽ نه بڻجندس پر البته پنهنجي لاءِ ته مون اها واٽ ئي چونڊي آهي جنهن لاءِ حضرت الاستاذ منهنجي اڳيان هن دارالعلوم جو هي نظام قائم ڪيو هو. (بحواله سوانح قاسمي ج 2، ص 226)
مولانا گيلاني مرحوم به ان ڳالهه کي ئي دارالعلوم جي ”بنيادي خصوصيت“ تسليم ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته:
مدرسي ديوبند جي اها بنيادي خصوصيت هئي جنهن مدرسي جي پوري ڪاروهنوار ويندي تعليم ۾ به اهڙيون آزادي پسند خصوصيتون پيدا ڪيون جو ديني ۽ مذهبي جوش ۽ غيرت جو هي نه رڳو هندگير پر عالمگير يونيورسٽي ۽ اقامتي ادارو بنجي ويو. ان جي فاضلن جو هڪ خاص مڪتبه فڪر پڌرو ٿيو ۽ ان جا شاگرد هڪ اهڙو مليل جليل نصب العين کڻي ٻاهر نڪتا جنهن ۾ سڀني تي ڇانئجي وڃڻ جي طاقت موجود هئي. ظاهر آهي اها ”بنيادي ۽ اساسي خصوصيت“ حضرت شيخ الهند کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي اڳيان نه هئي ۽ نه ئي ان وقت جي حالتن کي سامهون رکندي هر هڪ کان ايڏي ڊگهي نظر جي اميد ڪري سگهبي هئي.
(ايضاً ص 27- 226)
ان سلسلي ۾ مولانا گيلاني وڌيڪ لکي ٿو ته:
ان کان پوءِ به ڌار ڌار واٽون ٿي ويون. هڪڙي واٽ پڙهڻ پڙهائڻ ۽ دين جي اشاعت جي، ٻي واٽ اها ئي جيڪا حضرت شيخ الهند جن اختيار ڪئي هئي ۽ ان مسلڪ تي هلندي ئي پنهنجي مالڪ سان وڃي مليا.
ڀانيان ٿو ته پاڻ اهو به فرمايو هئائون ته خدائي فرض جيتري قدر ادا ٿي سگهيا ادا ڪندو رهيس هاڻ آخري ڪم اهوئي آهي جنهن کي پنهنجي حد تائين ڪندو رهندس ۽ پاڻ اهو ڪم ڪري ويو. خاڪسار حضرت جن کان جيڪي ڪجهه ٻڌو سو انهن ماڻهن تائين پهچايو جن نياپي پهچائڻ جو اهو مطالبو ڪيو هو.
(بحواله مضمون دارالعلوم دیوبند میں بیتے ہوئے دن، ماھنامھ دارالعلوم جمادی الثانی 1372هه ص 42)
هاڻي ته تاريخ دارالعلوم ديوبند جي مقدمي ۾ مولانا قاري محمد طيب مرحوم مولانا گيلاني جي ان ئي روايت جو حوالو ڏيئي ڪري دارالعلوم جي نصب العين ۽ سندس مقصدن جي جامعيت ۽ همه گيري جي ان رخ کي به تسليم ڪيو آهي ۽ حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن ۽ سندس لائق شاگرد امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي سياسي خدمتن جو اعتراف به ڪري ڇڏيو آهي.

استدراڪ
هي بحث نه رڳو پوري ٿيڻ تي هو پر ماهوار ”الولي“ حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپجي به چڪو هو ته مولانا اخلاق حسين قاسمي صاحب جن جو ڪتاب .”محاسن موضح القرآن“ نظر مان گذريو. مولانا موصوف صاحب شاهه ولي الله دهلويءَ جي حوالي سان بلڪل اها ڳالهه لکي آهي جيڪا ڳالهه جڏهن مولانا سنڌي مرحوم ڪئي هئي ته مٿس ڪفر جي فتويٰ لڳائي ويئي هئي. شاهه عبدالقادر دهلوي جي ترجمه قرآن جي محرڪ سببن جي سلسلي ۾ مولانا قاسمي لکي ٿو ته:
”شاهه عبدالقادر صاحب جن جو والد محترم پنهنجي مشهور ڪتاب حجة الله البالغه ۾ لکي چڪو هو ته ڪنهن غير مسلم قوم کي حجت پوري ڪرڻ جي حدتائين تبليغ ڪرڻ مسلمانن جي ذميواري آهي ۽ ان جو بهتر طريقو اهو آهي ته اهڙي قوم کي سندن ٻوليءَ ۾ اسلامي اصولن جي سمجهاڻي ڏني وڃي تان ته اهي سمجهي سگهن جيڪڏهن کين ان درجي جي تبليغ نه ٿي سگهي ته پوءِ اها قوم ”اصحاب الاعراف“ جي حيثيت ۾ هوندي.“
(بحواله: حجة الله البالغه، باب طبقات الامة ج1، ص 117)
سندس وڏي ڀاءُ شاهه عبدالعزيز صاحب به پنهنجي فتويٰ ۾ ان مسئلي تي روشني وڌي آهي ۽ ٻڌايو اٿن ته مسلمانن جي ذميواري آهي ته اهي هر قوم کي سندن ٻوليءَ ۾ خدا جو پيغام سمجهائين. زباني طور، توڙي لکت ۾ سمجهائڻ گڏوگڏ پنهنجن سهڻن اخلاقن کي دليل طور انهن آڏو رکن. اهڙي نموني ڪفر ۽ اسلام جي فرق کي چٽو ڪري ڏيکارين ۽ جيڪڏهن ڪنهن قوم آڏو اهڙي نموني حجت پوري ناهي ڪئي ويئي ته اها قوم اصحاب فترت مان هوندي. ”حکم او حکم اھل فترۃ بود علی اختلاف المذاھب“
(بحواله: فتاويٰ عزيزي ص 140 ۽ محاسن موضح القرآن ص 78-79)
مولانا قاسمي جي ان تحرير سبب حجة الله البالغه ۽ فتاويٰ عزيزيه کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. حجة الله البالغه سامهون رکيو ان کي ڏٺم ته بلڪل اهائي ڳالهه سامهون آئي. شاهه صاحب لکن ٿا ته:
اصحاب اليمين کان پوءِ انهن ماڻهن جو درجو آهي جن کي اصحاب الاعراف چيو وڃي ٿو انهن جا به ٻه قسم آهن. هڪڙو قسم ته انهن ماڻهن جو آهي جن جو مزاج صحيح ۽ طبيعت سلڇڻي آهي پر انهن کي اسلامي دعوت جي ڪا خبر پئجي نه سگهي. يا خبر ته پيئي پر اڌوري قسم جي جو مٿن حجت پوري نه ٿي سگهي جنهن ڪري ان سان سندن دلين مان وهم ۽ شڪ ختم نه ٿي سگهيا تنهن ڪري انهن ماڻهن کي جي ڪچن ڪمن ۽ بڇڙاين ۾ ڪا رغبت نه آهي ته الله ڏانهن به سندن ڌيان ٿي نه سگهيو آهي نه هاڪاري نموني سان نه ناڪاري نموني سان، هي ماڻهو گهڻو تڻو پنهنجن ڪمن ڪارين ۽ دنياوي ڌنڌن ۾ لڳا رهيا. پوءِ اهڙا ماڻهو جڏهن مرندا ته اهي هڪ ڪوري ۽ سادي حالت ۾ هوندا نه انهن کي عذاب ٿيندو نه ثواب تانجو انهن جي بهيمتي ختم ٿي ويندي ۽ پوءِ مٿن ملڪي قوت جا ڪجهه ڪرڻا چمڪندا.
ٻئي قسم جا ماڻهو اهي آهن جن ۾ عقل گهٽ آهي جيئن ٻار، ٻانها ۽ مستاني قسم جا ماڻهو جن بابت عام ماڻهن جو خيال اهو هوندو آهي ته هنن کي ڪابه پرواهه نه آهي هو جيڪر سماجي رسمن ۾ پابند نه هجن ته جيڪر بلڪل چريا ۽ بي عقل بنجي وڃن، اهڙن ماڻهن جي مؤمن بنجڻ لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي جيترو رسول الله ﷺ جن هڪ ڪاري ٻانهي لاءِ ڪافي سمجهيو هو جڏهن سائين جن ان کان پڇيو هو ته الله ڪٿي آهي ته آسمان ڏي آڱر کڻي اشارو ڪيو. اهڙن ماڻهن لاءِ اهوئي گهربل هوندو آهي ته هو مسلمانن سان مشابه رهن تان ته ڪلمي ۾ اختلاف نه رهي.
وري انهيءَ وقت مولانا سنڌي مرحوم جو ڪتاب ”رساله محموديه“ نظر مان گذريو ان ۾ به اهائي ڳالهه لڳ ڀڳ ساڳين لفظن سان ”بدور بازعه“ جي حوالي سان لکيل آهي. جيڪي ماڻهو مرڻ کان پوءِ اعراف ۾ ويندا اهي به ڪيترن ئي قسمن جا آهن.
(الف) اهي ماڻهو جن کي حق جي دعوت مورڳو پهتي ئي ڪونه جيئن ڏورانهن علائقن ۾ جبلن جي چوٽين تي رهندڙ ماڻهو پر شرط اهو آهي ته انهن ماڻهن ڪڏهن شرڪ نه ڪيو هجي ۽ نه الله پاڪ جي وجود جو انڪار ڪيو هجي ۽ نه ڪنهن نبي جي امت ۾ شريڪ ٿيا هجن انهن ماڻهن جي حالت حيوانن جهڙي آهي. جيڪي الله ڏانهن متوجه ڪونه هوندا آهن نه اقرار واري صورت ۾ نه انڪار واري صورت ۾، هو رڳو هڪ معاشي زندگي گهارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته اهڙا ماڻهو اعراف ۾ ويندا.
(ب) يا انهن کي دين اسلام جو پيغام پهتو هجي پر اهو پيغام سندن جهالت کي ختم نه ڪري سگهيو هجي، مثال طور اهي ماڻهو جن کي تبليغ اهڙي ٻولي ۾ ڪئي ويئي جا هو سمجهي نٿا سگهن يا هو انهن دليلن کي ئي سمجهي نه سگهيا يا سندن ذهني ساخت ۽ تربيت اهڙي آهي جو هو ڳوڙهي ويچار ۽ گهري غور فڪر کان ڪم نٿا وٺن. سندن علم جي ڄاڻ ايتري ئي آهي ته مسلمان هڪ قوم آهن جن جا پٽڪا ههڙا ٿيندا آهن ۽ قميصون ههڙيون پائيندا آهن ۽ اهي فلاڻيون فلاڻيون شيون کائيندا آهن ۽ فلاڻيون شيون ڪونه کائيندا آهن يا اهي هڪ اهڙي قوم آهن جن جون اسان سان ملڪي جنگيون ٿينديون آهن. تنهن ڪري اسان کي به ساڻن وڙهڻو پوندو آهي. انهن سڀني ڳالهين سان گڏوگڏ منجهن اها ڳالهه به هجي ته هو الله سان ڪنهن کي شريڪ نٿا مڃين اهڙن ماڻهن جي عام حالت جانورن جهڙي هوندي آهي توڙي جو سندن مزاج سراسري طور صحيح هوندو آهي.
(ج) اهي ماڻهو جن جو عقل ڪسو آهي جيئن ٻار، چريا، گهٽ عقل وارا، آلا ڀولا، هاري ناري ۽ ٻانها وغيره جيڪي حق ۽ ناحق ۾ فرق ڪري نٿا سگهن ۽ اهي جهڙوڪر پالڻهار کي نڪو ٿا سڃاڻي سگهن نڪوئي سندس ٻانهپ ڪري سگهن ٿا، سندن حالت پاڻي جهڙي آهي جيڪو پنهنجي پٽڙي هجڻ سبب ڪوبه چٽ يا ليڪو قبول نٿو ڪري. انهن ماڻهن مان رڳو ايتري اميد ڪري سگهجي ٿي ته اهي مسلمانن سان هڪجهڙائي پيدا ڪن.
اڃان به جيڪي دوست وڌيڪ کوجنا جا شوقين هجن سي حجة الله البالغه، البدور البازغه ۽ فتاويٰ عزيزي ڏي رجوع ڪن. اسان آڏو مولانا سنڌي جي تحرير يا تقرير ته نه آهي جنهن مان خبر پوي ته مولانا ڪهڙي موقعي تي ڪهڙي سياق سباق کي ڏسي ڪهڙن لفظن ۾ پنهنجو خيال پڌرو ڪيو هوندو پر ايتري پڪ آهي ته پاڻ جيڪي ڪجهه چيو هوندائون سو امام ولي الله دهلوي جي فڪري دائري کان ٻاهر ڪونه هوندو. ان ڪري ئي سندن استاد حضرت شيخ الهند جو بيان جيڪو مولانا مناظر احسن گيلاني نقل ڪيو آهي ان مان مولانا سنڌي جي فڪر ۽ خيال جي تائيد ۽ توثيق پڌري ٿئي ٿي. نه ڪ ترديد ٿي پڌري ٿئي. والله اعلم بالصواب.
ان ئي سلسلي ۾ ڪنهن جاءِ تي مولانا ابوالڪلام آزاد جو بيان يا ان سان لاڳاپيل ڪا روايت نظر مان گذري آهي ته مولانا کي جڏهن ان جهڳڙي جي خبر پئي ته پاڻ فرمايائون ته ڳالهه اها ئي صحيح آهي جيڪا مولانا عبيدالله ڪئي پر ان ڳالهه کي ڇيڙڻ جو هي موقعو ڪونه هو جو سندس ڪم ٻيو آهي. پر جيڪا صورتحال ۽ اصلي پسمنظر سامهون آيو آهي ان مان صاف معلوم ٿئي ٿو ته جيڪڏهن مولانا سنڌي ان ڳالهه کي نه به ڇيڙي ها ته به کيس ديوبند مان ڪڍڻ لاءِ ڪو ٻيو بهانو ڳولي هٿ ڪيو وڃي ها. (هڪ بهانو مس ڀڃان تان ٺڪ بهانو ٻي طرح)