٤. مولانا محمد علي جوهر جي عزت افزائي ۽ آڌرڀاءُ
مولانا محمد علي جوهر عليڳڙهه جي تعليم پرايل ان نسل مان آهي جنهن سر سيد جون صحبتون پرايون هيون. مولانا محمد علي رامپوري پنهنجي قومي جذبي، آزادي پسندي، ملي غيرت، ديني حميت، سچ چوڻ جي تڙپ، بهادري وغيره ۾ غيرمعمولي صلاحيتن ۽ خوبين جو مالڪ هو. هن عليڳڙهه جي انگريز پرستي ۽ سامراج دوستي واري ماحول ۾ تعليم پرائي هئي پر سندس فطرت جي نيڪ بختي ان جي رهنمائي ڪئي ۽ ڀاڳڀريائي کيس اڳتي آندو. هن کليل اکين سان زماني جي ڦيرن گهيرن ۽ هندستان جي بدلجندڙ حالتن کي ڏٺو تنهن ڪري هو حريت نوازي ۽ سامراج دشمني واري واٽ تي نڪري پيو.
حضرت شيخ الهند مولانا محمودالحسن سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي ته ان جي علم، جذبه جهاد ۽ حريت پروريءَ کان ايڏو ته متاثر ٿيو جو سدائين لاءِ حضرت جي فدائين ۽ مريدن ۾ شامل ٿي ويو. هواڏنهن حضرت شيخ الهند کي به اهڙن ئي نوجوانن جي گهرج ۽ ڳولا هئي. حضرت جن سندس آزادي واري جذبي کي واکاڻيو ۽ جهاد واري ذوق جي تربيت ڪئي ۽ مٿس قومي ۽ ملي رنگ کي پڪو پختو ڪري ڇڏيو. حضرت شيخ الهند سندس صلاحيتن جو قائل ۽ مڃيندڙ هو توڙي جو ڪيترائي نوان پڙهيل ڪڙهيل همراهه قوم جي اميدن تي پورا نه لٿا هئا. پر حضرت شيخ الهند کي اميد هئي ته ان ڦلهيار ۾ ڪا چڻنگ ضرور لڪيل آهي جنهن جي سوجهري سان هڪڙي ڏينهن قوم جي قسمت ضرور چمڪي پوندي. حضرت جن جي موتي سڃاڻ اک اهو هڪ نه بلڪ ڪيترائي اهڙا آبدار موتي ڳولي هٿ ڪيا هئا ۽ پنهنجي ڪيميائي نظر جي اثر سان انهن کي قوم ۽ ملت جي آسمان تي چمڪندڙ ستارا بنائي ڇڏيو. ڊاڪٽر مختار احمد انصاري، تصدق احمد خان شيرواني، عبدالمجيد خواجه، حسرت موهاني، شوڪت علي، محمد علي، ظفر علي خان، مولانا حميد الدين فراهي ۽ مظهر الحق وغيره اهڙا ئي موتي هئا جن تي قوم ۽ ملت کي فخر آهي. هي سڀ اهي ماڻهو آهن جن نئين تعليم لاءِ اٿندڙ تحريڪ جي وچ واري زماني ۾ هوش سنڀاليو هو ۽ عليڳڙهه جي استعمار پرستانه ۽ انگريز دوستانه تحريڪ جو ٿورو گهڻو اثر قبوليو هو. پر انهن مان مولانا محمد علي پنهنجي علمي ۽ عملي صلاحيتن، قومي جوش ۽ جذبي ۽ فڪري آزادي ۾ هڪ خاص ذوق، سيرت ۽ شخصيت جو مالڪ هو.
اها تحقيق ڪرڻ هن وقت اسان جو موضوع نه آهي ته مولانا محمد علي جي سعادت مندي ۽ خوشبختيءَ کيس حضرت شيخ الهند جي خدمت ۾ کڻي آئي يا حضرت جن جي سرڪڻ ڦاهي ان اوچي اڏام واري شاهين کي پنهنجي بصيرت واري نظر جو قيدي ۽ قومي ملي خيرخواهيءَ واري جذبي جو عاشق بنائي ڇڏيو هو. پر هيءَ حقيقت اسان جي نظر هيٺ ۽ دلچسپيءَ جو موضوع آهي ته مولانا محمد علي حضرت شيخ الهند سان ارادت ۽ عقيدت رکي ٿو. وري پاڻ حضرت جن سندس صلاحيتن جا قدردان هئا ۽ کيس ان جي علمي قابليت ۽ عملي سگهه ۽ حريت پسندي واري جذبي ۾ آزادي لاءِ هلندڙ تحريڪ جي روشن مستقبل لاءِ بهترين اميدون اٽڪيل هيون. تنهن ڪري پاڻ ان جي سيرت واري سهڻي جوهر جي تربيت فرمائين ٿا، ان جي عزت ۽ آڌرڀاءُ ڪن ٿا ۽ هڪڙي موقعي تي پنهنجي مٿي تان پڳ لاهي مولانا محمد علي جي مٿي تي ٻڌي ٿا ڇڏين. ننڍ نوازيءَ ۽ نئين پڙهيل نوجوان جي عزت جو هي هڪ اهڙو مثال آهي جيڪو علماءَ جي طبقي ۾ نه هئڻ جي برابر آهي. حضرت شيخ الهند جي ان ڪم ڪرڻ سان ديوبند جي عالمن ۾ هڪ ٿرٿلو ۽ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. انهن وٽ اهو ڪم ڄڻ ته عالمن جي عزت کي مٽي ۾ ملائڻ برابر هو. هو ان ڳالهه جو تصور به نٿي ڪري سگهيا ته هڪڙي ڏينهن دارالعلوم جي مک باني حضرت قاسم العلوم مولانا محمد قاسم نانوتويءَ جو لائق شاگرد مولانا محمودالحسن مدرسة العلوم عليڳڙهه جي مک باني سر سيد احمد خان جي هڪ شاگرد ۽ نئين تعليم پڙهيل نوجوان محمد علي جي مٿي تي پنهنجي پڳ لاهي رکندو. افسوس! هي درويش سوچ ۽ همت جي جن هيٺاهين ۾ هئا اتان هو حضرت شيخ الهند جي فڪر، اوچائي، همت جي بلندي، نظر جي وسعت ۽ جوهر شناسي جو اندازو ڪري ئي نٿي سگهيا. توڙي جو حضرت جن جي ان عمل جو مولانا عبيدالله سنڌي جي مشوري ۽ صلاح سان ڪوبه لاڳاپو نه هو. مولانا سنڌي ان وقت دارالعلوم ۾ هو به ڪونه ۽ حضرت شيخ الهند جي ارادي ۽ پروگرام جي کيس خبر به ڪانه هئي. پر ”نزله برعضو ضعيف“ وانگر هنن همراهن ڪاوڙ وري مولانا سنڌي تي ڇنڊي. سندس چارج شيٽ ۾ هڪ اڻ ڪيل ڏوهه جو به واڌارو ڪري ڇڏيو جو هن دارالعلوم جي پاڪ عالمن جي عزت عليڳڙهه جي بي دين ۽ نيچرين جي پيرن هيٺ ڳاهه بنائي ڇڏي آهي. کين ان وقت شرم نٿي آيو جڏهن يوپي جي گورنر جي خدمت ۾ سپاسناما پيش ڪري، دارالعلوم جي ڪتب خاني ۾ ويهي چاپلوسي وارا جذبا پيش ڪندي قاسمي غيرت ۽ ديني ۽ ملي حميت کي پاڻ تين وال ڪري رهيا هئا ۽ انگريز گورنر اها ڳالهه سوچي ته، برصغير جي وڏي ۾ وڏي باغي ۽ انگريز دشمن اداري جي اعليٰ انتظاميه اڄ ان جي اڳيان هٿ ٻڌيو حاضر بيٺي آهي، مٿن هڪ ڌڪار واري نظر وجهي پنهنجي ڪاميابين ۽ هنن جي ذلالتن تي مُرڪي رهيو هو. شرم جهڙي ڳالهه ته اها هئي جيڪا ديوبند جي سرزمين تي دارالعلوم جهڙي اسلامي ۽ ديني مرڪز ۾ ڪئي ويئي هئي ۽ يوپي جو سيڪريٽري حڪومت هند جي سيڪريٽري کي هي خوشخبري ٻڌائي ٿو ته هز آنر (گورنر يوپي سرجيمس مسٽن) پهرئين جنوري 1915ع تي ڪاليج (دارالعلوم) جو دورو ڪيو ۽ باوجود هن جي جو محمد علي ۽ دهليءَ جا ٻيا هڙتالي (ايجي ٽيٽر) جلسي ۾ موجود هئا پر هز آنر جي شاندار آجيان ڪئي ويئي.
دارالعلوم جي سڀني فردن جي موجودگيءَ ۾ رسمي (خيرمقدمي ۽ شڪريي ادائي) تقريرن جو تبادلو ٿيو ۽ ان کان پوءِ دارالعلوم جي ڪتب خاني جي مٺڙي ماحول ۾ دل کولي آزادانه طور خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اهڙي طرح هڪ ٻئي سان سنگت وارا سٺا لاڳاپا قائم ڪيا ويا.
ڪاليج جي پرنسپال (مهتمم دارالعلوم ديوبند) کي وائسرائي هند پاران شمس العلماء جي خطاب ڏيڻ ۽ مهتمم پاران بلڪل غيرمتوقع طور پيش ڪيل سپاسنامي سان هي لاڳاپو ويتر مضبوط ٿيا آهن. ليفٽيننٽ گورنر جو خيال آهي ان مان دور رس ۽ اطمينان جوڳا نتيجا نڪرندا.
واضح رهي ته هي سر جيمس مسٽن اهو گورنر آهي جنهن ڪانپور جي مڇي مارڪيٽ واري مسجد جي هڪڙي حصي کي پوليس جي بندوق جي پاڇي ۾ ڊهرائي اڇلائي ڇڏيو ۽ مسلمانن جي ڪنهن درخواست ۽ عرض کي اک هيٺ ئي نه آندو. ان جي مسلم دشمني تي مولانا محمد علي سان سندس ڪيل خط ڪتابت شاهد آهي. مولانا محمد علي پنهنجي اخبار ”همدرد“ ۽ ”ڪامريڊ“ ۾ ان تي وڏي وٺ پڪڙ ڪندي ان مسلم دشمني تي مقالا به لکي چڪو هو. هوڏانهن خود دارالعلوم مولانا محمد قاسم نانوتوي جو فرزند شمس العلماء مولانا محمد احمد ۽ ديوبند جي نامياري خاندان جو مٿير مرد مولانا حبيب الرحمان عثماني بن مولانا فضل الرحمان عثماني پنهنجي ٻنهي ڀائرن سڳورن مولانا مفتي عزيزالرحمان ۽ علامه شبير احمد عثماني سان گڏ دارالعلوم جي ڪتب خانه جي اڪيلاين ۾ انگريز گورنر سان راز و نياز ۾ مصروف ۽ سرجيمس مسٽن جي معرفت دنيا جي سڀ کان وڏي سامراج ۽ قوم ۽ وطن جي دشمن حڪومت سان لاڳاپا مضبوط ڪري رهيا هئا. مولانا محمد علي انهن راز نياز وارين ڪچهرين ۾ ته شريڪ ڪونه هو پر جڏهن عام جلسي ۾ آجياڻي واري تقرير ذريعي انگريز گورنر جو شڪريو ۽ ٿورا مڃيا ويا تڏهن حيرت ۽ عجب وچان ديوبند جي قاسمي ۽ عثماني خاندان جي صاحبزادن جي بداخلاقي ۽ سيرت جي پستي جو نظارو ڪري رهيو هو ۽ زبان حال سان هينئن چئي رهيو هو ته:
ياالله! ديوبند جي سرزمين تي اسلامي ۽ ملي غيرت جي نيلامي ۽ قومي حميت جي بربادي جو ههڙو دردناڪ منظر ڏسڻ به شايد قسمت ۾ لکيل هو.
مولانا محمد علي جي ڇڙواڳ زبان کان اسان کي به شڪايت آهي. قومي زندگي ۾ سندس فڪر جي غلطي ۽ سندس ڪن روين سان نقصان به پهتو آهي پر ان جي دل سچي، جذبا صاف سٿرا ۽ سندس سامراج دشمني هر شڪ شائبي کان مٿاهين آهي.
حضرت شيخ الهند مولانا مرحوم جي ان سيرت کان ئي متاثر ٿي ڪري پنهنجي پڳ کيس پارائي هئي. هو عالم دين نه هو ۽ نه ئي ديني حيثيت سان سندس عزت ڪئي ويئي هئي پر ان کان ملڪ ۽ ملت جي خدمت وارو ڪم و ٺڻو هو جنهن جو هو هر نموني اهل ۽ لائق هو.