چولستان جي چائنٺ ۽ فريدي عشق
”سن اٺي دا جتوال دل اڙ ڳئي تيڏي نال“
جيتوڻيڪ اھا اصل روھي ڪونه ھئي. اھا ته صرف چولستان جي اھڙي چائنٺ ھئي. جيئن پاڻ وٽ ماڻھو مٺيءَ ۾ پھچي سمجھندا آھن ته ٿر پھچي وياسين. تيئن ئي اسان به ”فريد دا ڪنڊا“ جنھن کي ھاڻي جھوڪ فريد چون ٿا. پھچي سمجھيو ته چولستان اچي ويا آھيون، جيتوڻيڪ ٿر ۾ نانگ بلائون عام جام ھونديون آھن، پر ھتي شايد ايتريون ناھن ڇو ته ھزارين روھيلا واري کي ئي طول وھاڻا سمجھي ٽيڪ لڳايو ليٽل ھئا. ڪيترا اسرار، راز ۽ ڪيتريون ڪھاڻيون ھن روھيءَ ۾ ڦھليل ھونديون. روھي اندر 6 تاريخي قلعا آھن،جيڪي اڃان ڏسڻا آھن ۽ ھاڪڙي درياھ جا به قصا آھن. پر اڄ صرف خواجه فريد جا قصا ٻڌڻا آھن. چون ٿا ته خواجه فريد سدا بي چين ۽ اھڙي آواره دل رکندڙ عاشق ھو جنھن کي عشق جي تڪميل جي تلاش ھئي. ان تڪميل جي تمنا کانئس ٺٺ ٺانگر واري اباڻي زندگي ڇڏرائي، کيس روھيءَ جي رڻ ۾ گھلي آئي، جنھن ڪنڊي جي وڻ جي ڇانو ۾ اچي ھن ديرو ڄمايو. اڄ ھزارين روھيلا ان تي باسون باسن ٿا. خواجه فريد جا وڏڙا اصل سنڌ جا ڪوريجا ھئا. ڪي چون ٿا ته قاضي احمد جا ھئا، ڪي چون ٿا ته ٺٺي جا ھئا. پر خواجه فريد جي نصيب ۾ ته روھيءَ جو رڻ جھاڳڻ لکيل ھو. ان زماني ۾ لالو لاڙ ۽ ڇٽا لاڙ وارن جي ھڪ ھٺيلي ھرڻ جھڙي ڇوڪري خواجه جو چين چورائي وئي. فريد دا ڪنڊا جي آسپاس ئي رھندڙ ان ڇوڪريءَ جي مائٽن کي خواجه شادي جو پيغام موڪليو. روھيلن وراڻي ڏني ته اسان جو رواج آھي وٽا سٽا (ڏي وٺ) ڇوڪري ڏيو، ڇوڪري وٺو. نيٺ لالو لاڙ جي مرشد کي گھرايو ويو، جنھن اچي مريدن کي آڇ ڪئي ته خواجه کي سڱ ڏيو عيوضي ۾ اھل بيت ڇوڪري وٺو ته منھنجي ڌيءُ حاضر آھي نه ته ٻيا مريد سڱ ڏيندا. عجب ناھي خواجه ان زماني ۾ به پنھنجو پيار ماڻڻ ۾ ڪامياب ويو پر اسان وٽ اڃا تائين پسند جي شادي ڪرڻ روھي جو رڻ جھاڳڻ برابر بڻيل آھي. جنھن وقت ھزارين روھيلن کي خواجه فريد جي ساھراڻي گھر ۾ سانڍيل شادي جا تير ڪات ڏيکاريا پئي ويا، تنھن وقت مونکي اوچتو خيال آيو ته ڇا خواجه فريد جا پونئير اھي زيور ۽ ھار سينگار به ائين ئي سرعام ڏيکاريندا جيڪي خواجه فريد ملتان جي بازار حسن مان ڪيل چوٿين گھر واري کي ڏنا ھئا. ”خواجه ملتان جي جنھن سدا سھاڳڻ سان شادي ڪئي ھئي، تنھن کي ھار سينگار جو ايترو شوق ھو يا خواجه جو حڪم ھئس جو خواجه جي وفات کان پوءِ به ھو ھر روز وھنجي سھنجي ھار سينگار ڪري شايد خواجه جو اھو ڪلام ياد ڪندي ھئي ته ”ميڏا عشق وي تون ميڏا يار وي تون“ ڪوٽ مٺڻ جي گادي نشين خواجه معين الدين محبوب ڪوريجو مسجد جي احاطي ۾ ڪچھري دوران ٻڌايو. اھا ڳالھه روھي ۾ به ٻڌڻ لاءِ ملي ته ڀٽو ڦاھي گھاٽ اندر آخري ڏينھن دوران خواجه فريد جو اھو ڪلام ٻڌندو ھو. جنھن کي پٺاڻي خان کانسواءِ ڪير به پرسوز آواز ۾ نه ڳائي سگھيو آھي. خواجه فريد جون ھڪ ھزار ڳئون روھي ۾ ائين چرنديون ھيون جيئن روايت مطابق گندا واھ جي چيزل شاھ جون ڏاچيون جھر جھنگ چرنديون وتن ٿيون. عجيب ڳالھه آھي ته گندا واھ ۾ چيزل شاھ جي ڏاچين جي کير بدران ڪجھه سال اڳ اسانکي ٺرو پياريو ويو ھو پر روھيءَ ۾ خواجه فريد جي روايت شايد اڃا جيئري جو اسان جي آجيان چانھه نه پر کير جا گلاس پياري ڪئي ويئي.
روھي جي يادگيريءَ ۾ اھو پھريون ڀيرو ٿيو ھو جو خواجه فريد کي منظم نموني سان وڏي سطح تي ياد ڪيو ويو ھو. ڇو ته خواجه فريد کان پوءِ درگاه ڪوٽ مٺڻ جي سجاده نشينن روھي اچڻ ئي ڇڏي ڏنو ھو. پر روھيلا ڪوٽ مٺڻ ايندا رھيا. خواجه فريد فائونڊيشن پاران ٿيل ان پروگرام ۾ ھڪ سؤ سالن کان پوءِ خواجه فريد جو ڪو سجاده نشين روھي آيو ۽ اچي واري جي ٽٻي تي پلٿي ماري ويٺو. مريد کيس نذرانو ڏئي رھيا ھئا. ھاڻوڪو سجاده نشين خواجه فريد جي ڌيءَ مان شروع ٿيل تسلسل جو حصو آھي ڇو ته خواجه کي پٽ جو اولاد نه ھو. جڏھن کانئن پڇيم ته ”خواجه جي خاندان مان ڪنھن ٻئي شاعري شروع ڪئي آھي؟ ته ھن منطقي جواب ڏيندي چيو ته ”خواجه فريد ته صدين ۾ پيدا ٿيندا آھن.“ جيتوڻيڪ خواجه فريد جي خاندان ۾ عشق ته ڪنھن نه ڪنھن ڪيو ھوندو، پر ڪو خواجه فريد جھڙي سٽ اڃان نه ڏئي سگھيو آھي. رات ڪافي گذري وڃڻ کانپوءِ به روشن ھئي ۽ رات واري محفل ۾ سجاده نشين مسلسل روئي رھيو ھو. خبر ناھي ھو خواجه فريد جي خاندان جا ڳوڙھا روھي جي واري ۾ ملائڻ جو جتن ڪري رھيو ھو يا ان غم ۾ روئي رھيو ھو ته روھيلن کي ھڪ سؤ سال تائين سندن خاندان ڇو اڪيلو ڇڏي ڏنو. چون ٿا ته خواجه فريد پنھنجي عشق جي تڪميل واري ڪوشش ۾ ايترو ته رڌل ھيو جو دنيا داري کان بلڪل ڪٽيل ھو. جڏھن ماڻھن کيس بھاولپور رياست جي نواب صادق جي زيادتين جون دانھون ڏنيون ته ھن رياستي نواب کي مختصر پر معنى خيز خط لکيو ته ”صادق زير ٿي زبر نه ٿي متان پيش پوئي.“
نيٺ نه چاھيندي به روھي کي الوداع چيوسين.
ڇو ته اسان روھي، پائو ڪوھيلو واري ناول الڪيمسٽ جي ھيري وارو خواب کڻي نه ويا ھئاسين نه ئي خواجه فريد جي دل. چون ٿا ته ريگستان جي واري ڏاڍي رازدان ٿئي ٿي. ھوءَ چورن جا پير به ڍڪي ٿي ڇڏي. شايد خواجه فريد جي روھي لاءِ ڪشش جو سبب اھو به ھجي تنھنڪري روھي جي پٽن وچ ۾ ٿيل ان ميڙ جو ھڪ راز اسان به روھيءَ ۾ ٿا دفن ڪريون.