مھدي آرمي، مرر ۽ ديسي گوريلا
پرڏيھي ميڊيا ۾ اڄڪلھه پنھنجي کُپي وار ڪندڙ اکين ۽ جذباتي خطبن سبب مشھور مقتدى الصدر کي عراق مٿان آمريڪا جي قبِضي کان اڳ پرڏيھه ۾ تمام گھٽ سڃاتو ويندو ھو. پر ھاڻي دنيا جي ھر وڏي اخبار، ٽي وي چئنل ۽ ريڊيو سروس ھن کان انٽرويو ڪرڻ لاءِ پريشان آھي. عراقي مذھبي سماج، جتي عقل کي عمر ۽ اڇن وارن سان مشروط ڪيو وڃي ٿو. ان سماج ۾ ھاڻي ھي نوجوان اڀري آيو آھي. جنھن کي پنھنجا بزرگ شيعا اڳواڻ به جذباتي ۽ وات ڳاڙھو ڪالھوڪو ڇوڪرو چون ٿا. آمريڪي ميڊيا جو خيال آھي ته مقتدى الصدر بغداد جي سھولتن کان محروم انھن بيروزگار نوجوانن ۾ مقبول آھي، جن کي وڙھڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھه ڪرڻ لاءِ آھي ئي ڪونه. اھا ڳالھه سي اين اين جي ان رپورٽر فائيل ڪئي، جنھن بغداد جي 10 لک شيعا آبادي وارو اھو علائقو گھمي ڏٺو، جنھن کي جنگ کان اڳ ۾ ”صدام سٽي“ سڏيو ويندو ھو، پر ھاڻي مقتدى جي پيءُ جي نالي پٺيان ان کي ”صدر سٽي“ چيو وڃي ٿو. مقتدي الصدر کي پنھنجا ڪارڪن پيار مان ”السيد“ ۽ ”ماسٽر“ به چون ٿا. مقتدى الصدر شروع کان ئي عراق مٿان آمريڪي قبضي جي خلاف ھو، پر ڪجھه شيعا اڳواڻن جو خيال ھو ته آمريڪي ھاڻي کين حڪمرانيءَ جو وارو ڏيندا. تڪڙ نه ڪرڻ گھرجي. اڃا ھن ھٿياربند جدوجھد شروع نه ڪئي ھئي. تڏھن به آمريڪين سندس اھا ھفتيوار اخبار ”الھورا“ بند ڪرائي ڇڏي، جنھن ذريعي ھو اتحادي قابض فوجين مٿان ڇتي تنقيد ڪندو ھو. آمريڪي فوج ھاڻي جنھن ڪيس ۾ مقتدى الصدر کي گرفتار ڪرڻ چاھي ٿي، اھو به ھڪ شيعا اڳواڻ جي قتل جو ڪيس آھي.
برطانيا ۾ سالن تائين پناھ وٺندڙ عبدالماجد الخوئي کي بغداد جي نام نھاد فتح کان صرف 2 ڏينھن پوءِ قتل ڪيو ويو. عبدالماجد کي به آمريڪي فوج ائين ڊالرز سان ڀري موڪليو ھو. جيئن افغانستان ۾ ڪرزئي کان اڳ ھڪ پٺاڻ ايجنٽ کي موڪليو ويو، جيڪو گھوڙي تي طالبان جي تلاش ڪندي مارجي ويو ھو. عبدالماجد کي ڊالر ڏيئي ان نيت سان موڪليو ويو ته جيئن عراق ۾ ھو پنھنجي ۽ آمريڪين لاءِ حمايت حاصل ڪري سگھي. ان مخالف شيعا اڳواڻ جو قتل ڪيس مقتدى الصدر مٿان داخل ڪيو ويو. گذريل اپريل ۾ بغداد جي نام نھاد فتح دوران جڏھن عام عراقي پنھنجي ئي لائبريرين، ميوزيم ۽ محلن مان ڦڙلٽ ڪري رھيا ھئا. ان وقت مقتدى جا ماڻھو صدر سٽي ۾ بنيادي ضرورتن واريون شيون ورھائي رھيا ھئا. اھي ستايلن جي امداد ائين بيرحمي سان نه ڪري رھيا ھئا، جيئن نسلي فسادن جي متاثرين جي واھر اسان جا ديسي گوريلا ڪري رھيا ھئا، جي جي ”اضافي“ خدمت کان بيزار ٿي 5 نياڻين جو پيءُ ڌارين جي پاڙي ۾ واپس ھلي ويو ۽ در دريون کولي پاڳلن جيان رڙيون ڪرڻ لڳو. ”اچو، اي دشمنو اچو! منھنجي خاندان کي ئي ختم ڪريو.“
ھٿياربند جدوجھد، نشي جھڙي ان نعري ڪيترن ئي سنڌي نوجوانن جون حياتيون ڳڙڪايون ۽ ڪيترن کي صحرا جي سراب ۾ پھچايو. ڪنھن ليکو ڪيو آھي ڪڏھن؟ انقلاب جي نالي ۾ بئنڪون ڦريندڙ ۽ اغوائون ڪندڙ سورھيه سنڌ اندر اھو سچ اڀاري نه سگھيا، جنھن مان اعتماد جا ڪرڻا ھن ديس جي اداس گھرتائين پھچن ھا، پر عراقي شيعا مقتدى الصدر ۾ اھو اعتماد ڏسن ٿا. شايد تڏھن ئي 10 ھزار ھٿياربند ھڪ نوجوان ڇوڪري ”السيد“ جا پوئلڳ بڻيل آھن. انھن ھٿياربند نوجوانن کي ھن ان عرب جنگجو محمد المھدي جي نالي پٺيان ”مھدي آرمي“ جو نالو ڏنو آھي، جنھن ھڪ صدي اڳ سوڊان مان برطانوري فوجن کي ڊوڙائي ڪڍڻ لاءِ پنھنجي فوج جوڙي ھئي. بغداد جي ھڪ مرحوم شيعا عالم جي ننڍي ۾ ننڍي پٽ الصدر جي مھدي آرمي به آمريڪا ۽ سندس اتحادين کي شايد ايترو پريشان نه ڪيو ھوندو، جيترو ڊيلي مرر ۾ ڇپيل ابو غريب جيل جي قيدين جي تصويرن کين پريشان ڪيو آھي. انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪائيندڙ اھي تصويرون ڏسي سالن کان آمريڪا ۾ ترسي پيل اسان جي سنڌي شاعر حسن مجتبى به تڙپي پيو، جنھن ھڪ اردو ويب سائيٽ کي جيڪو ابو غريب جيل بابت نظم موڪليو ان جي شروعات ڪجھه ھينئن ھئي.
اي بغداد جا چور، ضدي حاڪم،
شاھي قلعي جا ڍول سپاھي
سنڌي پوليس وارا
پنجابي ٿاڻيدار
تو انھن سڀني کي شرمايو آھي.
شرمايو ته برطانيا جي پرنٽ ميڊيا کي ڊيلي مرر جي انتظاميه به آھي، جنھن پنھنجي ايڊيٽر کي فوجي دٻاءُ ھيٺ ھٽائي ڇڏيو آھي، عام طور شاھي خاندان جي عورتن، اداڪارن ۽ رانديگرياڻين جا سيڪس اسڪينڊل ڇاپيندڙ ڊيلي مرر جي ان فوٽو پوري برطانوي فوج ۾ تباھي مچائي ڇڏي، جنھن ۾ راڻي واري ريجمينٽ جي ھڪ سپاھيءَ کي ٻانھون ۽ اکيون ٻڌل عراقي قيديءَ مٿان پيشاب ڪندي ڏيکاريو ويو، پھرئين مئي کان فوٽن جو اھو سلسلو جڏھن شروع ٿيو ته 25 لک سرڪيوليشن واري اخبار مٿان فوجي دٻاءُ وڌو ويو. اخبار مالڪ ڪمپني ٽرنٽي مرر جي ھنگامي گڏجاڻي 15 ڏينھن اندر ٿي، جنھن ۾ اڻونجاھ سالن جي ايڊيٽر بائيرس مورگن کي استعيفى ڏيڻ لاءِ چيو ويو، ڊيلي مرر سان مورگن گذريل 9 سالن کان لاڳاپيل ھو، جنھن استعيفى ڏيڻ وقت چيو ته ”اسان ھڪ گندگي تان پردو ھٽايو آھي، وڌيڪ فيصلو برطانوي ماڻھن کي ڪرڻو آھي. اخبار جي پبلشر ڪمپني ٽرنٽي مرر آمريڪي صنعتڪارن جي وڏي حصيداري آھي. شايد تڏھن ئي، برطانيه ۾ اھو احساس وڌندو پيو وڃي ته برطانوي ميڊيا جا ليور پرڏينھن جي ھٿن ۾ آھن.
ڊيلي مرر اخبار پڙھندڙ ته تڏھن حيران ٿيا، جڏھن ابو غريب جيل جي قيدين مٿان تشدد جا فوٽو ڇاپڻ تي ڊيلي مرر معافي ورتي ۽ فرنٽ پيج تي ايتري جاءِ تي معافي جا اکر لکيا، جيتري جاءِ تي عراقي قيدين مٿان پيشاب ڪندڙ سپاھيءَ جو فوٽو ڇاپيو ھو، معافي ۾ اخبار اھو واضع لکيو ھو ته ”اسان کي نقلي فوٽو فراھم ڪيا ويا. معاف ڪجو اسان سان دوکو ٿيو، ڊيلي مرر سان ڇا ٿيو، دوکو ته انھن فوجي سپاھين سان ٿيو، جن اھي فوٽو اخبار تائين پھچايا، معافي وٺڻ کان پوءِ برطانوي فوج پاران انھن ذريعن جي سڃاڻپ معلوم ڪئي ويئي، جن اھي فوٽو اخبار کي ڏنا. اخبار ۾ صرف 3 ماڻھن کي انھن نالن جي خبر ھئي، جن ٽرنٽي مرر جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي حڪم تي انھن جا نالا ظاھر ڪيا. برطانيا جي نشنل يونين آف جرنلسٽ اھڙي عمل جي مذمت ڪندي چيو آھي ته ”ذريعن جا نالا ظاھر نه ڪيا وڃن.“
برطانوي ميڊيا ۾ ذريعن جا نالا ظاھر ڪرڻ تان ھي ٻيو ڀيرو گوڙ ٿيو آھي. پھريون ڀيرو بي بي سي ۽ حڪومت وچ ۾ ٿيو، جنھن تان ڊاڪٽر ڪيلي جي خودڪشي به ٿي ۽ اھو ايترو معاملو اڀري آيو، جو بي بي سي جي ڊائريڪٽر جنرل کي استعيفى ڏيڻي پئي. بي بي سي کي برطانوي حڪومت جي ان ڌڪ واقعي به لوڏي ڇڏيو، پر ڇا ڊيلي مرر پاران فوٽن کي نقلي چوڻ سان اھي نقلي ٿي پيا؟ ھاڻي ته نيويارڪ ٽائيمز ۽ واشنگٽن پوسٽ جھڙيون اخبارون به فوٽن جا البم پيون جاري ڪن. چون ٿا اھو آمريڪا يا برطانيا جو معاملو ناھي، فوجي جتان جا به ھجن، اھي فوجي ئي آھن ۽ آھي ائين ڪندا.
ابو غريب جي قيدين مٿان ٿيل تشدد جون وڌيڪ تصويرون اڃا اچي رھيون آھن. ڊيلي مرر جي معافين سان اھي بند نه ٿينديون نه ٿيڻيون آھن، ڪاش ديسي گوريلن کي به اھا ڳالھه سمجھه ۾ اچي وڃي ھا ته ٻن ڏھاڪن جي ھوائي فائرنگ کان پھريان اخلاقي بلندي ۽ تنظيم ڪاري ضروري ھئي. ان سان ڪجھه نه تڏھن به ديس واسين جو مٿن ايترو اعتماد ٿي وڃي ھا. جيترو نجف جي ماڻھن جو مھدي آرمي مٿان ٿي پيو آھي.