. . . . . . ۽ ھاڻي توھين آميز ڪارٽون
گستاخانه ڪارٽون جو مامرو جنھن انداز سان اٿاريو ويو آھي. ان ۾ اظھار جي آزادي کان وڌيڪ ڪنھن مذھب خلاف پلجندڙ بغض ۽ نفرت جو عمل دخل وڌيڪ آھي ڊينمارڪ جي جنھن ”جئي لينڊز پوسٽن“ اخبار اھي گستاخانه ڪارٽون سڀ کان پھرين گذريل سيپٽمبر ۾ شايع ڪيا، ان جي ڄڻ ته دل نه ٺري سگھي ۽ ھنن ٻيھر نه رڳو پاڻ شايع ڪيا پر فرانس، پولينڊ ۽ ٻين يورپي ملڪن جي اخبارن پڻ ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ خاطر اھي توھين آميز ڪارٽون بار بار شايع ڪيا، انھن توھين آميز ڪارٽونن جو اوچتو شايع ٿيڻ ڀلي ته اتفاقي ھجي، پر جڏھن 12 مختلف آرٽسٽن کي ڪنھن اخبار پاران صرف”اسائنمينٽ“ ئي اھا ڏني وڃي ته ھو آخري نبي صه کي ڪيئن ٿا ڏسن ته پوءِ اھو اتفاق کان وڌيڪ ڄاڻي واڻي دھرايل عمل ٿي پوي ٿو. اصل مامرو ”ڪرٽ ويسٽر گارد“ نالي آرٽسٽ جي ٺاھيل توھين آميز ڪارٽون تي متو، جنھن کي بعد ۾ جينز جيولس ھينسين، راسمس بئنڊ ھائر ۽ ٻين ڪارٽونسٽن فالو ڪيو. اھو اظھار جي آزادي يا سھپ ۽ رواداريءَ جو مسلم دنيا لا ءِ ھرگز ٽيسٽ ڪيس نٿو ٿي سگھي، جو ھاڻي مغربي ملڪ اھو باور ڪرائين ته مسلم دنيا ھاڻي سھپ ۽ برداشت جو مظاھرو ڪري. مسلم دنيا کي ھر ڀيري ڪنھن بش ۽ بليئر جي جنگي جنون ۽ تعصب وارين اکين سان ڏسڻ به ضروري ناھي. مسلم دنيا جي مذھبي حساسيت کان اڻواقف ڪارٽونسٽ کي ڪھڙي خبر ته حضرت محمد صه جي حيثيث مسلمانن جي نظر ۾ ڇا آھي. انھن جي نظرن ۾ ڀلي ته اسامه بن لادن، ايمن الزواھري ۽ ملان عمر جا خاڪا مسلمانن طور ھجن، پر پيغمبر صه جو مان ۽ مرتبو گستاخانه ڪارٽونسٽ جي سوچ کان به گھڻو مٿانھون ٿئي ٿو.
مذھبي حساسيت ھر علائقي ۽ ملڪ ۽ قوم جي پنھنجي نوعيت جي ٿئي ٿي، دنيا جي ثقافتي مرڪز پئرس جي سئنيمائن ۾ جڏھن حضرت عيسى عه جي زندگي تي ٺھيل فلم (لاسٽ ٽيمپٽيسن آف دَي چرسٽ) لڳي ھئي، جنھن ۾ حضرت عيسى کي ھڪ عورت سان ويجھڙائيءَ ۾ ڏيکاريو ويو ھو، ته ان سئينما کي ڪيئن باھ لڳائي وئي ھئي، جنھن ۾ ھڪ فرانسيسي به مارجي ويو ھو. فلمون ته پئرس ۾ روز ھلن ٿيون، پوءِ ان وقت ڪنھن جي سھپ ڇو ٽٽي پئي ھئي؟ مذھبي حساسيت جو اندازو مغربي حاڪمن کي ضرور گھرجي، ڇو ته ھنن دنيا تي حڪمرانيءَ کان ھيٺ ڪا خواھش نه رکي آھي. اقتصادي ۽ سياسي محڪومي ايشيا جي سمورن مذھبن وارن ماڻھن پئي صبر سان ڀوڳي پر ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي فوج ۾ تڏھن بغاوت ڀڙڪي پئي. جڏھن اھي نوجوان ڪارتوس آندا ويا، جن مٿان سوئر ۽ ڳئون جي چرٻي چڙھيل ھجڻ واري ڳالھه ھلائي ويئي. اھا چرٻي چڪ سان لاھي سپاھيءَ کي بارود بندوق ۾ ڀرڻو پئي پيو، ايسٽ انڊيا ڪمپني ھلائيندڙ برطانوي گورن کي اھا خبر نه ھئي ته ڪيترائي ٽن آفيم چين کي وڪرو ڪرڻ تي اھي انڊيا جا ماڻھو ايترو ناراض نه ٿيندا، جيترو ڪارتوس واري چرٻيءَ تي. ساڳيو ئي بي خبري ۽ غرور جو عالم اڄوڪي مغرب جو آھي. لڳ ڀڳ پنج ملين آباديءَ وارو ڊينمارڪ ڇا اھو سمجھڻ کان قاصر آھي ته اھڙن توھين آميز ڪارٽونن سان مسلم دنيا جا اربين ماڻھو ناراض ٿيندا؟ اھا ڪا 3 مھينا پراڻي به ڳالھه ناھي جڏھن يورپي يونين جي ھڪ ٻئي ميمبر ملڪ آسٽريا ۾ اشتھاري بورڊن تي اھڙا اميجز ھنيا ويا، جيڪي سڌا سنوان سيڪسي ھئا. انھن مان ھڪ اليڪٽرانڪ ھورڊنگ تي بش، بليئر ۽ راڻي ايلزبيٿ کي اميجز ذريعي سيڪس ڪندي ڏيکاريو ويو. آسٽريا ۾ مڇريل مسلمان ته ڪونه ھئا. پوءِ انھن ھورڊنگز تي ماڻھن ڇو ڦٽڪاڙ ڪئي؟ انھن ڪاوڙيل ماڻھن کي ڌوڙ ته ملي ڪونه انڪري رستي تان برف ميڙي اھڙن بورڊن کي ھڻي ويا. ڇا ڊينمارڪ جا ڪارٽونسٽ ڊينش پيپلز چرچ جي ڪنھن پادريءَ جي ٽوپيءَ تي ائين بم رکي سگھن ٿا، جيئن ھنن مسلم دنيا جي مذھبي جذبن کي مجروح ڪيو؟
اھڙين حساس حرڪتن سان اھو نام نھاد تھذيبن جو ٽڪراءُ ھروڀرو ائين سامھون آندو وڃي ٿو، جيئن عراق ۾ موتمار ھٿيار ڳولھڻ جو ڪوڙ. ڪھڙي خبر ته ھاڻي ايران مامري تي پينٽاگون جون رپورٽون ڪوڙ نٿيون ھڻن. پوري دنيا ۾ مسلمانن جو فتني فساد وارو اميج آخر ڇو ٿو جڙي؟ لنڊن ۾ ”شوٽ ٽوڪل“ واري پاليسيءَ دوران واٽھڙو تنزانيا جو رھواسي مارجي وڃي، يا مقدونيا ۾ يورپ ڪمائڻ لا ءِ ويندڙ پاڪستاني قتل ٿي وڃن ٿا. شڪ اھو ته اھي پاڪستان جا يعني القائده جا ماڻھو آھن. ڪو سٺو تاثر نٿا جوڙين. مغرب جي بدقسمتي اھا به ٿئي ٿي ته ھنن دھشت پسندن ۽ شريف شھرين ۾ ڪوبه فرق نه ڇڏيو آھي، پر ڇا ڪجي! اسان اتحادي جو آھيون، ڪڇون به ڪيئن؟