بيوفا بلوچ. لڄ جو ڌوٻي گھاٽ ۽ ”ويچارا سنڌي . . .“
بلوچن جون اھڙون ميارون يا طنزون صرف سنڌين لاءِ ڇو آھن، ان تي پوءِ اچون ٿا پر پھرين بيبي ناني ۽ شيرين بيبي جي ڪوئيٽا جو ذڪر. اھا ته بولان جي پھاڙين وچان مشھور پل آھي، جنھن کي ھاڻي ناني بيبي پل چون ٿا. ناني بيبي جي حيثيث علائقي ۾ ھڪ پھتل بزرگ واري آھي.پر ان جي سلامي اڃا ايترا ماڻھو ڪونه ٿا ڀرين، جيتري ڪوئيٽا ۾ بيبي شيرين جي ھاڪ آھي. جيئن سنڌين جي پھرين سيٽلائيٽ چينل ڪي ٽي اين سنڌي موسيقيءَ کي به جديد رنگ ڏئي ڇڏيو، تيئن ئي پٺاڻن جي پھرين ٽي وي چئنل ”خيبر“ پڻ پشتو موسيقيءَ جا زمانا بدلائي ڇڏيا آھن. اھو دور گذري ويو، جڏھن پھاڙن جي ڇانو ۾ اڪيلي دھل جي دڦڪي تي ھو تلوارون کڻي نچندا ھئا. ھاڻي ڪلين شيو پشتو راڳي ھيڊ فون لڳائي مائيڪ اڳيان نماڻائيءَ سان پنھنجي محبوبا کي سڏ ڪري ٿو: ”او بيبي شيرين!“ پر انھن سڀني ڳالھين جو ڪوئيٽا جي پھاڙين تي ڪوبه اثر نه پئجي سگھيو آھي. اھي ساڳي ئي ارڏائي سان بيٺل آھن. جھڙي ارڏائي انھن سؤ سال اڳ انگريز سرڪار سامھون ڏيکاري ھئي، بلوچستان جي ارڏين پھاڙين تي ھاڻي وقت جي برف گھڻي پئجي چڪي آھي، اھا برف ڪڏھن ٿي پگھرجي؟ اھو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو. ڪوئيٽا ماٿريءَ جي ڀرجھلو پھاڙين مٿان اڃا به اڇاڻ ڇانيل ھئي. جڏھن ته تازي برف باريءَ کان پوءِ زردالوءَ جي سڙي ويل ٻوٽن کي ڪجھه ماڻھو سنوت ۾ آڻڻ جو ڪوششون ڪري رھيا ھئا، پر اصل مسئلو جيڪو اڄڪلھه بلوچستان جو سڏجي ٿو ان کي سنوت ۾ ڪير آڻيندو؟ سوئي اھم سوال آھي. ڪوئيٽا ۾ بظاھر بلوچستان مسئلي بابت ڪي به جذباتي منظر نه ھئا، نه ئي ڪوئيٽا جون ڀتيون سياسي نعرن ۽ مطالبن سان ڪاريون لڳيون پيون ھيون.
ڪوئيٽا ۾ بظاھر اھڙوئي امن سڪون ھو. جھڙيون انگريزي اخبارن جون ھيڊلائنز ھونديون آھن. اھا صورتحال شھر جي انھن علائقن ۾ ته وڌيڪ ھئي، جن کي فرشتن جو علائقو سڏيو وڃي ٿو. اھو فرشتن وارو علائقو عام خلق خدا لاءِ بم ڌماڪن کان پوءِ بند ڪيو ويو آھي. فرشتن جي اھڙي سختيءَ سبب ئي اسان اھو عسڪري پارڪ نه ڏسي سگھياسين، جنھن جي شھر جي فيمليز ۾ ايتري ھاڪ آھي جو بلوچستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر به چوڻ تي مجبور ھو ته ”ڪوئيٽا ۾ ڪير ٿو چوي ته عورتن کي آزادي ناھي. اسان ھت ھر آچر يا جمعي ڏينھن سڀ گاڏين ۾ خواتين کي عسڪري پارڪ يا سرياب روڊ ويندي ڏٺو آھي. “ باقي رھيا بم ڌماڪا، جن جي ذميواري ھو آزاد بلوچ قبول ڪندو آھي، جيڪو ھميشه پاڻ کي بلوچ لبريشن آرمي جو ترجمان سڏائيندو آھي ۽ شايد بلوچن ۾ اھوئي آزاد ماڻھو آھي. بلوچ لبريشن آرميءَ جي شروعاتي ڪارواين کي ڪوئيٽا جا صحافي به لطيفي طور ٻڌائيندي چوندا ھئا، ”ھي دنيا جي واحد آرميءَ آھي جنھن جا راڪيٽ ڪوئيٽا ڪينٽ ۾ اھڙي جاءِ تي ڪرن ٿا، جتي ڪوبه نقصان نٿو ٿئي.“ ھاڻي ساڳي بلوچ لبريشن آرميءَ جي ڪارواين ۽ فون ڪالن جو ھو انتظار ڪندا رھن ٿا. ڪوئيٽا جي ڪجھه صحافين کي ته ان آرميءَ جو ننڍڙو حصو سمجھيو وڃي ٿو. ھاڻي ڪجھه بلوچ اڳواڻ سنڌين کي به اھا صلاح ڏني رھيا آھن ته ھو به پنھنجي ڪا لبريشن آرمي ٺاھي وٺن. ان جي ننڍڙي جھلڪ لاھور جي ھڪ انگريزي اخبار ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي صحافي کي تڏھن نظر آئي، جڏھن ڊاڪٽر شازيه واري ڪيس کان اڳ ھو به ڪراچي جي ٻين صحافين سان گڏجي وڃي ڊيرا بگٽيءَ پھتو. بقول ان صحافيءَ جي ته نواب اڪبر بگٽي کيس انٽرويو ڏيڻ کان اڳ چيو ته ڇو نه پھريان تنھنجو انٽرويو ڪجي. نواب کانئس پڇيو ته ڇا سنڌ لبريشن آرميءَ جي توکي خبر آھي؟ سنڌي صحافيءَ جي انڪار تي ھن کيس ڇڙٻيندي انگريزي ۾ چيو: توکي پنھنجو پاڻ تي افسوس ڪرڻ گھرجي. سنڌي ھوندي به تون سنڌ لبريشن آرميءَ کي نٿو سڃاڻين.“ يار پر ائين ڇو آھي ته سدائين بلوچ اڳواڻ ئي اسان کي ٻڌائين ته سنڌين کي ھيئن نه، ھونئن ڪرڻ گھرجي. ان صحافي تعجب مان سوال ڪيو. اھڙي ئي تعجب وچان گھڻي ڳولا کان پوءِ جڏھن بلوچ مونکي ڪوئيٽا ۾ نه مليا، ته ڪتابن جي ھڪ دڪان تي چڙھي وياسين. جتي زلفيءَ ان دڪان جي مالڪ صحافي سان تعارف ڪرايو. جيستائين سندس چانھه اچي، تيستائين مون کانئس سوال ڪيو، جيڪو ڪوئيٽا جي روڊن رستن تي ڦرندي منھنجي اکين ۾ ترندو رھيو. ”ڪوئيٽا ۾ بلوچ اڪثريت ۾ ڇو ناھن؟ بلوچ قوم پرستن جي سياست ھن شھر تي ڇو ناھي. ان جا ھن جيڪي ٻه مک پاسا ٻڌايا. جي پشتون بلوچ ٽڪراءُ ٻيو خود بلوچ قوم پرستن جو قصور. ”سو ڪيئن؟“ اھو سوال يڪدم منھنجي ذھن ۽ زبان تي اچي ويو. ھو پڙھيل لکيل ھيو. ڪو عام رواجي صحافي نه ھو. ھن کڻي سمورا ليکا چوکا کولي آڏو رکيا. ”پاڪستان ۾ اقتداري سياست اھڙي راند آھي. جنھن کان ٻاھر ويھي ڪجھه نٿا ڪري سگھون. بلوچ قوم پرستن کي جڏھن ان راند جو حصو ٿيڻ جو موقعو مليو، تڏھن ھنن ڇا ڪيو“ ايتري ۾ سندس آڇيل چانھه به اچي وئي. ھن سگريٽ جو آخري ڪش ھڻي. سگريٽ اڇلي چانھه ٺاھڻ شروع ڪئي. چانھه سان گڏ ھو پنھنجي ٽٽل گفتگو به ٺاھڻ لڳو. ھن ڀيري سندس لھجو سخت ھو. ”معاف ڪجو، پر مان نالا کڻڻ کان سواءِ ٿو ٻڌايان. جڏھن ھڪ نوجوان بلوچ اڳواڻ چيف منسٽر ٿيو ته ھن بلوچن جي مجموعي مفاد لاءِ ڪھڙو پراجيڪٽ ڏنو، ڪو اسڪولن ۽ اسپتالن جو ڄار يا بلوچن لاءِ مخصوص نوڪرين جي ڪا ڪوٽا؟ ڪجھه به نه اھو سڀ ڪجھه ھو ڪري نه سگھيو. پر ايف سي وارن کي پنھنجي ذاتي زمينن جي معاوضي وارا چار ڪروڙ ضرور وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.“ ڪوئيٽا جي ننڍڙي گھٽيءَ ۾ موجود ڪتابن جي مختصر دڪان۾ بھتر موسم ھوندي به اوچتو گرمي پيدا ٿي ويئي. ھو بلوچ نه ھو، پر بلوچن لاءِ سندس دل ضرور ڪڙھي پئي. ان کي پلئه الاءِ ڇا پوڻو ھو. ڇو ته سنڌين جيتري بلوچن جي حقن جي لتاڙ خلاف پنھنجي دل ڪاڙھي آھي، ايتري ئي کين طنز ۽ تذليل نصيب ٿي آھي. ”سنڌي ويچارا ھمدردي ته رکن ٿا، پر بلوچن سان ميدان ۾ گڏ نه ھوندا. سنڌين ويچارن جا ته پنھنجا شھر ئي ھٿن مان ھليا ويا. اھي اسان جي ڪھڙي مدد ڪندا. سنڌي ويچارا پاڻ ئي پنھنجا حق نٿا وٺي سگھن. اسان جي حقن لاءِ ڇا آواز اٿاريندا. سنڌي ويچارا . . . . سنڌي ويچارا . . . .سنڌي ويچارا. . . . “ اھي بيان ڪي سيکڙاٽ ۽ نوان سياسي ڪارڪن نه، پر بلوچستان جا اھي سينئر اڳواڻ ڏئي رھيا آھن، جن پنھنجا وار پاڪستان ۽ خاص طور بلوچستان جي سياسي لاھن چاڙھن ۾ اڇا ڪيا آھن. انھن ڪڏھن به اھي بيان جاري نه ڪيا ته پٺاڻ ويچارا پاڻ مظلوم آھن. اسانجي ڪھڙي مدد ڪندا؟. نه ئي ھنن اھو چيو ته سرائيڪي ويچارا پاريسڙي ته آھن، پر مظلوم آھن. اھي اسان ڪھڙو گڏ ھلي سگھندا؟ جيتوڻيڪ پاڪستان جي قوم پرستن منجھان فقط ھڪ سنڌي قوم پرست ئي ھيا. جن سڀ کان پھرين بلوچن جي حمايت ۾ سنڌ اندر ھڙتال ڪرائي. اھڙي ھڙتال شايد خود بلوچستان ۾ به اڃا تائين نه ٿي ھجي. پر پوءِ به ”سنڌي ويچارا . . . . !“
سنڌي قوم پرستن پاران بلوچن جي حمايت ۾ ھڙتال ڪامياب ڪرائيندڙ ھڪ قوم پرست اڳواڻ کان جڏھن پڇيم ته ته ڪنھن بلوچ اڳواڻ فون ڪري ٿوڙو مڃيو. ته ھن ٺھه پھه وراڻيو: ”انھن مان ڪنھن به فون نه ڪئي آھي، پر اسان جي سنڌي قوم پرستن پاڻ فونون ڪري بلوچ اڳواڻن کي ٻڌايو ته اسان اوھان جي حمايت ۾ شاندار ھڙتال ڪرائي. ان ھڙتال ۾ شھر ڪشمور به بند ڪرايو ويو. جنھن مٿان سال ڏيڊ اڳ جڏھن ھٿياربندن حملو ڪيو ھو ته ڪيترائي معصوم شھري مارجي ويا ھئا. ڊبل ڪيبن گاڏين ۾ سوار اھي ھٿياربند حملي کان پوءِ ڊيرا بگٽي سوئي طرف واپس ھليا ويا ھئا. ڪشمور واسين کي پراڻي تاريخ جا اھي ڏينھن ياد اچي ويا ھئا. جڏھن مدد خان جا لشڪر ايندا ھئا ۽ ھتان جا رھواسي گھوڙا گھوڙا ڪندا ھئا. ھاڻي گھوڙن بدران ڊبل ڪيبنون ھيون. درياھي ماڻھن جي نماڻائي ڏسو، نه ھنن مدد خان جي روايت تي عمل ڪندڙن کان معافيءَ جو مطالبو ڪيو نه بلوچن کي ڪا ميار ڏني. ڪنھن به بلوچ اڳواڻ اڄ تائين ان سانحي تي افسوس جو به اظھار نه ڪيو. پر پوءِ به سڀ ڳالھيون ڇڏي ھنن بلوچن جي حمايت ۾ ھڙتال ڪئي، پر اھڙيءَ ھڙتال کي بلوچ اڳواڻن ايترو به نه ساراھيو، جيترو ھنن متحده اڳواڻ الطاف حسين جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ واري ڌمڪيءَ جي ڪئي. بلوچ اڳواڻ اھو ڇو نه ٿا سمجھن ته سنڌي قوم پرستن جو نه ته ڪو لشڪر آھي، جيڪو ميدان جنگ لاءِ کين موڪلجي ۽ نه ئي ڪي اسيمبلي سيٽون آھن جن تان ھو بلوچن جي حمايت ۾ استعيفائون ڏين. پوءِ به پنھنجي حال آھر ھو اخلاقي سياسي مدد ڪن ٿا، ته ان کي ساراھڻ بدران ميارن مٿان ميارون ڪيئن مناسب سڏي سگھجن ٿيون؟“ سنڌي قوم پرست اڳواڻ چيو. بقول ھن جي ته ”انقلاب لاءِ جدوجھد صرف اي ڪي 47 رائيفل جو نالو ناھي. انقلاب روين ۾ تبديلي جو نالو به آھي. درياھي ماڻھن جي اھا نماڻائي آھي، جنھن کين ھميشه لشڪري ۽ بياباني فورسز کان مارايو آھي. تاريخن ۾ ھو مارون کائيندا آيا آھن، پر حق جي ڳالھه ته چوندا آيا آھن. درياھي ماڻھن جا رويا پھاڙي ماڻھن جي روين کان مختلف ٿين ٿا، اھي درياھي ماڻھن جي درياھ دلي آھي، جو ھنن ڪڏھن به ائين ناھي چيو ته سانگھڙ ۾ به ھڪ بلوچ سردار جو پٽ نجي جيل ھلائي ٿو. اھو جيل ايترو طاقتور آھي جو انساني حقن واري ڪميشن جي مشھور زمانه ”نجي جيل ٽوڙيو“ مھم ۾ ان جيل کي ٽوڙي ھارين جا زنجير نه ڪڍرائي سگھي. پر پوءِ ڇا سانگھڙ ۾ بلوچن جي حمايت ۾ ھڙتال نه ٿي؟“
بلوچستان اسيمبلي جي آس پاس وارن روڊن تي گھمندي، اوچتو مونکي ڳڙھي ياسين جو اھو سرخو ياد اچي ويو، جيڪو ھاڻي پنھنجي علائقي جو ناظم بڻجي ويو آھي. ضيائي مارشلا دوران جڏھن سندس ساٿين کي ڪوئيٽا جيل ۾ ئي وٺيو پئي ويا ته ھن جيل جون سيخون لوڏي چرين جيان رڙيون ڪري چيو ھو، ”لگائو ڪوڙي اپني باپ کي جاگير سمجھه ڪر لگائو، ڪتني لوگون ڪو ڪوڙي لگائوگي!“ ان سرخي جون ان دور واريون رڙيون، ڇا ڪنھن بلوچ ورنايون ھيون؟ اھي ڦاھيون ڦٽڪا ڪوئيٽا کان وٺي ڪڍڻ تائين سموري سنڌ اندر سياسي ڪارڪنن جو ڏاج بڻيل ھيون. ضيائي مارشلا جو گھڻي ۾ گھڻو زور سنڌين مٿان ھو، جن جا ڳوٺ بمباري ڪري ڊاٿا ويا. ڌرڻو ھڻي ويٺل ماڻھن کي گوليون ھڻي ٽرڪون سندن لاشن مٿان گذاريون ويون. تڏھن شايد بلوچ سردار پنھنجي پنھنجي ڊيرن تي ويٺا، جرڳا ڪري رھيا ھئا يا سرداري مسئلا نبيري رھيا ھئا، پر سنڌين منجھان ڪنھن کين اھا ميار ڪونه ڏني ھئي، ته ويچارا بلوچ . . . اسان جي مدد ڇا ڪندا.“ خيالن جو اھو سلسلو تڏھن ٽٽو، جڏھن ملتان کان آيل ھڪ کل مک سرائيڪي وڪيل وڏي ھوٽل جي بيري کي الاءِ ڪھڙي رمز سان چيو. ”او بيوفا بلوچ! جوس دا گلاس ڏيوين!“
ڪوئيٽا ۾ جي بلوچ ائين ٽڙيل پکڙيل مليا، ته مچ ڀرسان ڪوئلي جي کاڻين ۾به ھو ورلي ئي نظر آيا، ڪوئيٽا ۾ عام تاثر اھو ھو ته بلوچن جون حالتون تبديل نه ٿي سگھيون آھن. اھي ميارون بلوچ قوم پرستن تي اچن يا نه، پر ڪيچ مڪران جي ھڪ لڄ (عورت) پنھنجي علائقي جي ٻين لڄن جي حياتين ۾ آھستي آھستي تبديلي آڻي رھي آھي. ڪيچ مڪران جي مند واري علائقي ۾ ھڪ رند ڇوڪري 80ع واري ڏھاڪي ۾ آئي ته علائقي ۾ تعليم اڻلڀ ھئي. قطر کان موٽيل جلال الدين جي ڌيءُ زبيدھ ٽيھن سالن اندر مند کي ھڪ ماڊرن شھر بڻائي ڇڏيو آھي. جتي تعليم جي اھميت توپ کان وڌيڪ اھم آھي. ان لڄ واري تاريخي پسمنظر واري علائقي ۾ ماڻھن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي آھي. جتي ڪاروڪاري واقعن کان پوءِ چيو ويندو ھوته، ”اسان لڄ تي لڳل داغ ڌوئي ڇڏيو.“ اھڙي روايت سبب ئي بلوچ تاريخدان ڊاڪٽر شاھ محمد مري بلوچستان کي ”لڄ جو ڌوٻي گھاٽ“ لکيو آھي. ”ڇا بلوچستان جا اقتدار ۾ آيل سردار پنھنجي پنھنجي علائقي ۾ ايترو به نه پئي ڪري سگھيا، جيترو پرويز مشرف جي پيءُ جي دوست جلال رند جي ڌيئرن پنھنجي علائقي ۾ ڪيوآھي؟“ ھڪ استاد چيو، جيڪو ھميشه چوندو رھيو ته استاد جي عزت مند وڃي ڏسو. سواءِ در کڙڪائڻ جي ھو ڪنھن به گھر ۾ وڃي سگھي ٿو. ھو سدائين چوندو رھي ٿو ته زمانا بدلجي ويا آھن ھاڻي بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ به ھٿيارن بدران ايترا ئي ڪمپيوٽر ۽ ڪتاب ھجڻ کپن، جيترا ڪيچ مڪران جي لڄن جي ڳوٺ مند ۾ آھن!