ڳوٺ تي رعب!
گھوٽڪيءَ جي ھڪ ھمراھ ۽ ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته جيئن گھوٽڪي جي مک بازار تان وڏي پير جي وڻ وڍجي وڃڻ سان ڇانو ختم ٿي ويئي آھي. تيئن ئي مھر حڪومت کان پوءِ گھوٽڪيءَ تان ڇپر ڇانو ختم ھلي ويئي آھي.گھوٽڪي جي روڊن سان جديد فوٽ پاٿ به ھاڻي ٺھي رھي آھي، جنھن تي پھريون ڀيرو اھي سوڊيم لائيٽون لڳي رھيون آھن. جن لاءِ مقامي ناظم ماڻھن کي فخريه انداز سان ٻڌائي رھيو ھو ته، توھان لاءِ اسان سوڍا لائيٽون گھرايون آھن. جيڪي توھان ڪڏھن ڏٺيون به نه ھونديون، پر ڳوٺ لاءِ اھو سڀ ڪجھه ڪرڻ جي باوجود علي محمد مھر کي ڇا مليو؟ پنھنجي شھر جي ماڻھن جي ناراضگي! سا به ان حد تائين جو سندس حڪومت وڃن کان پوءِ گھوٽڪيءَ جي ماڻھن ئي مٺايون ورھايون. ”اھو سمجھه ۾ نٿواچي ته علي محمد مھر ماڻھن جي مٿان ڪو ٻوجھو ته نه وڌو ھو ڪا مارشل لا ته نه ھڻي ويٺو ھو جو سندس وڃڻ کان پوءِ سنڌ اندر مختلف جاين تي مٺايون ورھايون ويون.“ سنڌ کان پري ويھي به سنڌ جي حالتن جو موچارو تجزيو ڪندڙ صحافي دوست چيو. يارن جي يار ۽ دوستن جي دوست ھن نوجوان سردار پنھنجي چيف منسٽري ڏنڊي بدران شرافت سان ھلائي ۽ ان ڪرسيءَ تي اھا شرافت کيس اھڙي ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي جو آءِ جي پوليس لاءِ به آخري ڏينھن جي اجلاس ۾ کيس انتظار ڪرڻو پيو، اھوئي سبب آھي جو عھدي تان مستعفي ٿيڻ کان پوءِ ھن بيان ڏنو ته ، ” وڏ وزارت لاءِ رڳو شرافت ڪافي ناھي.“ ان جي اھڙي بيان جو ڇا مقصد ھو، پاڻ ھتي ان جي وضاحت نٿا ڪريون، متان ڪير چڙي پئي ۽ شرافت سان گڏ پاڻ ۾ موجود ٻيون ”صلاحيتون“ آزمائڻ لاءِ سوچي، پر ايترو ضرور چئي سگھجي ٿو ته، واقعي به وڏ وزارت لاءِ رڳو شرافت ڪافي ناھي. علي محمد مھر کي اھو اختيار شايد ڪونه ھئا جو آءِ جي پوليس کي ھٽائي سگھي، پر ھن کي پنھنجي ضلعي اندر مرضيءَ جا پوليس آفيسر مقرر ڪرڻ جي اجازت ضرور مليل ھئي. گھوٽڪيءَ ۾ ڊي ايس پيز کي ڊي پي او ۽ اي ايس آئيز کي ٿاڻن جو انچارج ڪرڻ واري وڏي وزير کي سنڌ حڪومت ھلائڻ جا کڻي ”مڪمل اختيار نه به ھئا، تڏھن به گھوٽڪيءَ جا معاملا ھن جي مرضيءَ موجب ھلندا ھئا.“ يار ھو ھڪ صوبي جو چيف منسٽر آھي. ڪراچيءَ ۾ نٿا ھلڻ ڏيوس، پر پنھنجي ڳوٺ ۾ ته رعب ڪرڻ ڏيوس، مھر حڪومت جي ھڪ ھمدرد ڳجھين گڏجاڻين دوران ”ڀائي لوگن“ کي چيو. اھو عجيب اتفاق نه، پر پنھنجي طبيعت جي رولاڪي چئجي جو لڳ ڀڳ سمورن اڳوڻن چيف منسٽرن جا اباڻا شھر يا ڳوٺ گھمي ڏٺا اٿم۽ ھر ھنڌ اھو حال ڏسڻ ۾ آيو آھي.
ٻيٽو جتوئي کان ميھڙ تائين به اھي سوڊيم لائيٽون لڳائڻ جو منصوبو ھو، جيڪي ھاڻي گھوٽڪي ۾ پئي لڳيون ، پر لياقت جتوئي جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ ڪم اڌ ۾ رڪجي ويو، ٻيٽو جتوئي ڳوٺ ۾ ٻاھران گھرايل فانوس نما اسٽريٽ لائيٽون لڳل آھن، ھڪ پبلڪ لائبريري ڪميونٽي ھال به ٻيٽو جتوئي ۾ تڏھن تعمير ٿيو، جڏھن لياقت جتوئي وڏو وزير ھو. ميھڙ جا عام ماڻھو اھو ننڍڙو سوال اڃان به پڇن ٿا ته اھي تعميراتي ڪم خود ميھڙ شھر ۾ ٿين ھا ته ڪھڙي برائي ھئي. پبلڪ لائبريري جو ته اتي اڃان بھتر استعمال ٿئي ھا، پر ٻيٽو جتوئي ۾ ڪيئن خبر پوي ھا ته لياقت جتوئي به وڏو وزير رھي چڪو. ھاڻي ڀلي ته ڪڪول واھ جا آبادگار واھ جي کاٽي کڻائڻ ۽ پاڻي فراھمي لاءِ ڌرڻا ھڻندا وتن پر انھن ڏينھن ۾ اھي شيون ضروري ھيون، دادو ۾ ٿورو ئي اڳتي اچي سيوھڻ ۾ ترسو، ھر پاسي توھان کي عبدالله شاھ جو روح مرڪندي نظر ايندو. سيوھڻ کي سينگارڻ تي جيترو خرچ عبدالله شاھ جي وڏ وزارت دوران ٿيو. ايترو خرچ شايد ڪنھن به ٻئي دور ۾ نه ٿيو. چون ٿا ته ولايت جي وڻن ھيٺان ويھي عبدالله شاھ اڃان به افسوس ڪري ٿو ته ھو سيوھڻ ايئرپورٽ کي شروع نه ڪرائي سگھيو ان ايئرپورٽ جي ضرورت ھئي يانه. پر ڪنھن يار دوست جي زمين ته وڪرو ڪرڻي ھئي. گھوٽڪيءَ ۾ اڃان تعمير ٿيندڙ ريسٽ ھائوس ڏسي مون کي سيوھڻ جا ريسٽ ھائوس ياد ٿا اچن، جيڪي عبدالله شاھ حڪومت دوران ٺھيا، پر قدرت جي ڪرڻي ته ڏسو ته انھن ريسٽ ھائوسز جي سينگاريل ڪمرن ۾ عبدالله شاھ ھڪ رات به اڳوڻي چيف منسٽر جي حيثيث ۾ رھي نه سگھيو. سندس حامي اڃان به منھن جي پڪائيءَ سان چون ٿا ته عبدالله شاھ رھي نه سگھيو ته ڇا ٿيو. ڳوٺ ۾ ته نشان اڃا به اٿس.
اھڙائي نشان ڳاڙھي موري جي سيد جا به خيرپور ۾ ملن ٿا، جنھن خيرپور کي ٻيو ته کڻي ڪجھه نه ڏنو، پر لطيف يونيورسٽي جي نئين ڪيمپس اھڙي ڏني جو خيرپور جي تعليمي ادارن ۾ ڪرپشن جو اعلى مثال اڃان به شادي شھيد پراجيڪٽ بڻيل آھي. ڇا خيرپور کي واقعي اھڙي ڪيمپس جي ضرورت ھئي، ڇا ڳوٺ جو وزيراعلى پنھنجي شھر لاءِ اھو تحفو ڏيئي پئي سگھيو؟
وڏن وزيرن جو ذڪر نڪري ته پوءِ ڄام صادق مرحوم کي ڪيئن ٿو وساري سگھجي، جنھن جي شخصيت اڄ جي ڪيترن ئي سياستدانن لاءِ رول ماڊل بڻيل آھي. پر ان ڄام صادق به جيڪي ريسٽ ھائوس ڄام نواز علي ۾ ٺھرايا، انھن جي ويراني ھاڻ کائڻ پئي اچي. اھي عمارتون علائقي جي عام خلق غريب غربي جي ايترو به ڪم نٿيون اچن، جيترو ھڪ راڳي نوجوان جي زندگي ٽرسٽ واري اسپتال شھدادپور شھر جي ماڻھن کي ڪم اچي رھي آھي يا ڪرنل واري اکين جي اسپتال ٽنڊوآدم ۽ گمبٽ جي ماڻھن کي ڪم اچي رھيون آھن.
ڪجھه ماڻھن کي اھا ڳالھه سمجھه ۾ نٿي اچي ته اصل اختيار نه ھوندي به سنڌ جا وڏا وڏا ڍنگ جاگيردار، وڏيرا ۽ ڪجھه ڪامورا وڏو وزير ٿيڻ ڇو چاھيندا آھن؟ جڏھن سندن حڪم پوري سنڌ نه پر پنھنجي ضلعي تائين محدود ٿي وڃي ته پوءِ ھو ڪھڙا بااختيار وڏا وزير ٿيا؟ ”سردار علي محمد مھر سان ته انھن ئي زيادتي ڪئي، جن کيس آندو.“ چيف منسٽر ھائوس جي ويجھو رھندڙ ھڪ عملدار ٻڌايو، ”مھر حڪومت خلاف اھا سازش تڏھن کان شروع ٿي، جڏھن کان لاھور جي انگريزي رسالن ۽ اخبارن ۾ چيف منسٽر واريون اسٽوريون ۽ فرينچ گي ڪلب جي ميمبر شپ وارا ڪارڊ ڇپيا.“ ھن رازداريءَ ۾ چيو ۽ اھو واضع ڪيو ته ھڪ ڌر شروع کان ئي مھر حڪومت جي خلاف پروپيگندا ۾ مصروف رھي. جڏھن کان سنڌ اندر نظرياتي سياست جو صفايو ڪري نام نھاد پاور پاليٽڪس جي راند کيڏي پئي وڃي، تڏھن کان ھر ننڍي وڏي پارٽي جي اڪثر چڱن مڙسن آڏو ڄام صادق علي مرحوم رول ماڊل بڻيل آھي. ڄام صادق مرحوم جون پنھنجون حالتون ۽ وقت ھو، پر ڇا ھاڻي واقعي به سنڌ کي ڪنھن نئين ڄام صادق جي ضرورت آھي يا اھڙي وڏيري جي جيڪو مٿيئن سرڪار جا سڀ حڪم صرف ان ڪري مڃي ته کيس ڳوٺ تي رعب رکڻو ھجي. ھونئن به بدليل زمانن ۾ جڏھن چيف منسٽر ھائوس منجھان به ماڻھن کي رليف نٿو ملي ته اھڙن چيف منسٽرن جي ڪھڙي حاصلات وڃي بچي ٿي. صرف پنھنجي نالي اڳيان اڳوڻو وڏو وزير لکرائڻ جي!؟