عورت جي ڪمائي تي پلجندڙ نڪما خواب
گلوبلائيزيشن واري دور ۾ پنھنجي پراڻي پسندي برقرار رکندڙ ٻھراڙين جا پوڙھا مولوين وانگي ڊش ۽ وي سي آر تي ڦٿڪار ڪندي اھي دانھون ڪن ٿا ته ”انھي مئي وي سي آر ھڻي ڇورن جو منھن ڪارو ڪري ڇڏيو آھي.“
چوڻ وارا چون ٿا ته مردن جي نڪمائپ اڳ به ھئي پر جڏھن کان ڳوٺن ۾ ڊش وي سي آر جو ڪلچر پيدا ٿيو آھي تڏھن کان ڪم ڪار وارا ھمراھ به ٽوٽي بڻجي پيا آھن. نڪمائپ ۾ اڪثر اھي ماڻھو گذارين ٿا ته جن کي ٻھراڙيءَ ۾ ڪجھه ٻني ٻارو آھي ۽ ڳوٺ ۾ ڪکاوان ئي سھي، پر پنھنجا گھر آھن. اھڙن ماڻھن کي قمبر جي ان جواريءَ وانگر گھر ٻار جي ڪابه ڳڻتي نه ٿي ٿئي جيڪو پنھنجو سڄو ڏينھن جوا جي خفت ۾ گذاريندي گھر ۾ صرف رات جو سمھڻ ايندو آھي. ھن ڪڏھن به زال کان اھو نه پڇيو آھي ته گھر جو خرچ ڪيئن ھلي ٿو. سندس گھر واري ٻھڙاري جي چوڻي واري باقاعدي ”قنڌار مائي“ آھي جيڪا ھارپي جو سڄو ڪم پاڻ سنڀاليندي آھي۽ مال متاع به پاليندي آھي. ھاڻي ته کير ۽ ڇيڻا وڪرو ڪرڻ مان کيس چڱي خاصي آمدني ٿي وڃي ٿي پر بنگالي ماين جي مردن وانگر سندس سڪيلڌو مڙس جڏھن به کٽي پوي ٿو ته سندس آمدنيءَ وارا پئسا کڻي وڃي ٿو ۽ ھوءَ کيس ڪجھه به نٿي چئي سگھي.
نڪما ۽ ٽوٽي مرد ٻھراڙين جي ”جوائنٽ فيمليز“ تي به ھڪ اھڙو مستقل بوجھه آھن، جنھن مان ڪنھن به شريف ماڻھوءَ جي ترت جند آزاد نٿي ٿي سگھي. اھڙي عذابن واري زندگي ميھڙ ڀرسان ويٺل اھو ريٽائرڊ ماسٽر به گذاري ٿو، جنھنجي ٻن جوان پٽن کي ڪو ڪم يا مزدوري ڪندي شرم ٿيندو آھي. ھو ايترو پڙھي به نه سگھيا آھن جو ڪا ھلڪي ڦلڪي نوڪري وٺي سگھن. تنھنڪري سڄو ڏينھن ڀنگ پيئڻ، تاش کيڏڻ۽ سمھي پوڻ سندن گڏيل محبوب مشغلو آھي. سندن پوڙھي پيءُ جيڪي کين شاديون ڪرايون اھي زالون به ٻارن سميت سندس ڳچيءَ ۾ آھن. ڪجھه اباڻي زمين مان کين خاندان کي کارائڻ جيتري اپت ٿئي ٿي ۽ ڌيئرون ۽ ننھرون ڪجھه سندس ھٿ ونڊائين ٿيون. ھو گھروڪم ڪار مان وڏي چستيءَ سان وقت ڪڍي ڀلا اڳٺ ۽ ٽوپ ٺاھي کيس وڪڻڻ لاءِ ڏين ٿيون. سڄو سڄو ڏينھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن راتين جون راتيون محنت ڪن ٿيون پر پنھنجي ٽوٽي مردن کان ڪا شڪايت نٿيون ڪن. ڄڻ ته ھو سندن سڌرڻ جو آسرو ئي لاھي ويٺيون آھن. اھي ٽوٽي ھمراھ ڪڏھن ڪڏھن شھر وڃڻ لاءِ به پنھنجي زالن کان خرچ جا پيسا وٺي ٽوپي نراڙ تي ڪري نڪرن ٿا. اھڙن نڪمن ۽ ٽوٽي مردن جون گھرو زندگيون به ڏاڍي عذابن ۾ گذرن ٿيون. ھونئن ته عذاب سندن زندگين جي روزمره واري معمول ۾ شامل ٿي وڃي ٿو پر جڏھن ڪو معصوم ٻار رات جو ٻارھين وڳي اھڙي گھر ۾ بيمار ٿئي ٿو ته عورتن جا آنڊا ته منھن ڏي وري اچن ٿا پر اھي نڪما ۽ ٽوٽي ھمراھ شاندار منھن جي پڪائيءَ سان اھڙي اگھور ننڊ پئجي ويندا آھن ته ڄڻ بيماري ۾ تڙپندڙ ۽ رڙندڙ ان ٻارڙي سان سندن ڪو رشتو ناتو ئي نه ھجي.
نڪمن مردن سان نڪاح جي رسمن ۾ ٻڌل عورتن لاءِ اڪثر ماڻھن جو گمان رھندو آھي ته سندن آمدنيءَ جو ذريعو جسم فروشي ئي ھجي ٿو پر اھڙن عذابن ۾ وقت گذاريندڙ ٻھراڙيءَ جون اڪثر عورتون ان قسم جي خيال کي ئي بيڪار سمجھن ٿيون. شھرن ۾ آرامده ڊرائنگ رومن ۾ جڙيل خيالن ۽ تصورن ۾ ڀلي سيڪس کي وڏي فطري گھرج سمجھيو وڃي پر بھراڙيءَ جي نڪمي مڙس جي ڪمائو عورت پنھنجي اھا گھرج اڪثر اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾ تڏھن پوري ٿيندي ڏسندي آھي، جڏھن نڪمي مڙس آڏو ھوءَ پنھنجي جان آڇي ساڻس سمھندي آھي.
ٻھراڙيءَ جي ماحول ۾ جيتوڻيڪ زندگي ايڏي مھانگي ناھي پوءِ به محدود گھرجن جو پورائو زرعي معشيت جي گڏيل خاندان ۾ آساني سان ٿي وڃي ٿو. نڪما ۽ ٽوٽي مرد ايئن به ناھي ته رڳو ڪم ڪار نه ڪندا آھن ۽ لال جي مشھور آرسين وانگر ستا پيا ھوندا آھن پر ڪجھه صورتن ۾ اھي پنھنجو پنھنجو شوق ائين ڪيريئر ڪري کڻندا آھن. جيئن شڪارپور جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ جي زميندار جي پٽن چرس پيئڻ ۽ ڇوڪريءَ بازي کي پنھنجو ڪيريئر بڻائي ڇڏيو ھو. اھي چڱا خاصا امير ماڻھو ھئا ۽ سندن پيءُ ٽرانسپورٽ ڪمپني کولڻ وارو ھيو پر جڏھن اوچتو اھو مري ويو ته انھن شھزادن پنھنجي عورتن جا زيور ۽ گھر جون کٽون به وڪڻي به پنھنجا شوق پورا ڪيا. ھاڻي اھا وڏيرياڻي جيڪا سون سان مٿو سجائي ھلندي ھئي، تنھن کي ڀرڀاسي مان خيرات پني انھن نڪمن پٽن جي ”وزم“ جو بندوبست ڪرڻو پوي ٿو. مردن جي وزم جو به بندوبست عورتون ڪرڻ لڳيون آھن، جنھنڪري عورتن جا انداز به تبديل ٿي ويا آھن. نئون ديرو، جي اھا چرپ زبان اڌڙوٽ عورت به پنھنجي مڙس ۽ سندس ڀاءُ جي ”وزم“ جو بندوبست ڪندي ڪندي اھڙي ته ڌنڌوڙي ٿي وئي آھي جو ھاڻي گھر ۾ ٽڪاءُ ڪونھيس. صبح سان ٿڪل اچي مڙس کي پيسا ڏئي ھوءَ سمھي پوندي آھي. سندس اک جڏھن شام جو کلندي آھي ته ڪانه ڪا گاڏي کيس کڻڻ لاءِ در تي بيٺي ھوندي آھي۽ ھو سڀني گھرڀاتين سامھون تيار ٿي ڪنھن پيئڻ کائڻ ۽ فحش فلمن واري محفل ھلي ويندي آھي. ننڍن شھرن ۽ وڏن شھرن جي گھٽ ترقي وارن علائقن جي نڪمن ۽ ٽوٽي مردن جي عورتن پيسا ڪمائڻ جو آسان طريقو جسم فروشي ۾ ڳولھي ورتو آھي. انھن ۾ اڪثريت موالي ۽ نڪمن مڙسن جي عورتن جي ھجي ٿي پر بنا ڪنھن سبب جي پنھنجي ھوش حواس ۽ سالم دماغ سان ٽوٽي بڻيل مردن جون عورتون ڀرت ڀرڻ رلي ٺاھڻ جي پورھين سان گڏ بنگلن ۽ وڏن گھرن ۾ ٿانو ٻھاري ڪري پنھنجي ٻچن (نڪمن مڙسن سميت) جي پيٽ گذارڻ جو بندوبست ڪن ٿيون.
ھونئن ته پڙھيل لکيل ماڻھن کي گھٽ نڪمو ۽ ٽوٽي سمجھيو ويندو آھي پر شھرن جي پڙھيل لکيل ۽ ڪڏھن ڪڏھن پيار جون شاديون رچائيندڙ جوڙن جا مرد به ڪم ڪار يعني ڪو آمدنيءَ جو ذريعو ڪڍڻ کان جڏھن ٺپ جواب ڏئي بيھندا آھن ته سندن پڙھيل لکيل زالون پنھنجي گھر کي تباھيءَ کان بچائڻ لاءِ ميدان ۾ اچي وينديون آھن. سکر جي ان ڊاڪٽرياڻي جنھن پيار مان ھڪ ليڪچرار سان شادي ڪئي ھئي، جي مڙس جڏھن دانشور ٿيڻ جي شوق ۾ نشو واپرائڻ شروع ڪيو ۽ ھاءِ ڪلاس جواري ٿي ويو ته سندس نوڪري چٽ ٿي وئي ۽ ھاڻي ان ھڏائين پڃري کي ٻارن سميت اھا ڊاڪٽرياڻي پنھنجي خرچ تي سالن کان ھلائيندي پئي اچي.
اھڙا نڪما پڙھيل لکيل ڪيترائي بيوقوف آسانيءَ سان ملي وڃن ٿا. جھڙو لاڙڪاڻي جو ھڪ اڳوڻو سرڪاري آفيسر ھو. نشي جي عادت ھمراھ کان گھر ٻار وسارائي ڇڏيو ۽ جڏھن گھرو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ سندس گھرواريءَ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي ته ھمراھ جي ستل غيرت جاڳي پئي ۽ ھن پنھنجي باروزگار زال کي ٻارن سميت گھران ڪڍي ڇڏيو. گھرو زندگيءَ کي گھڻو چاھيندڙ اھا حسين عورت ھاڻي ھڪ ٿڪائيندڙ نوڪريءَ کي منھن ڏئي رھي آھي.
مرد نڪما ۽ ٽوٽي ڇو ٿا ٿين اھو سوال ته لاڳاپيل موضوع جي ماھرن کان پڇڻ گھرجي پر ٽوٽي ۽ نڪمن مردن سان ڪيل ڪيترن ئي ڪچھرين مان معلوم ٿيو ت ھو چوندي اھا فشري سر تي نٿا کڻن پر ھو ويچارا مزاج ۾ ئي نڪما ھجن ٿا. واندڪائي ۽ ڪچھريون سندن محبوب مشغلو ھجي ٿو. ھو اڪثر اھڙين ھوٽلن تي ويھن ٿا جتي ويھڻ لاءِ ڪرسيون گھٽ ۽ وڏيون ڪاٺوڙيون بئنچون وڌيڪ ھونديون آھن. انھن ھوٽلن تي ھلندڙ ڪيسٽي ڪلامن ۽ چانھه مان ڀرڀور مزو ماڻي وٺن ٿا، جڏھن ته وڌيڪ مزي خاطر ھو ڇوڪرن کي به پالين ٿا. اھڙين ھوٽلن تي اڪثر نظر ايندڙ ھڪ ماستر (جيڪو يونين اڳواڻ به آھي) پنھنجي ٻين ساٿين کان ڪجھه بھتر نموني پنھنجي جذبن جو اظھار ڪري ٿو. ”سچي ڳالھه اھا اٿئي ته ماستري به رڳو ان ڪري ورتم ته جيئن پڙھائڻ نه وڃان. گھر ويٺي پئي پگھار ملي. اسان ڪڏھن ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو حياتيءَ ۾. ھاڻي ڪم ڪار ڪٿي پڄندو؟“ سندس ڳالھه اڌ ۾ڪٽيندي ھڪ ٻيو ھمراھ چيو ته پنھنجي سوڀ ٻڌائي ٿو ته ٻن ڏينھن کان سندس گھر ۾ ان اٽو ناھي پر ھن کي واندڪائيءَ مان ڪا واندڪائي نٿي ملي جو گھر پيل چانور ۽ ڪڻڪ پيسائڻ لاءِ مشين تي کڻي وڃي. واندڪائي کي وندر بڻائيندڙ اھڙن نڪمن ۽ ٽوٽي مردن کي سندن ئي راڄ ڀاڳ ۾ جيتوڻيڪ ڪنھن چڱي نظر سان نٿو ڏٺو وڃي پر کين گھرن توڙي سماج اندر برداشت ضرور ڪيو وڃي ٿو. اھي پنھنجي گھراڻن جا اڌل (وڌيل) ڀاتي تصور ڪيا وڃن ٿا. انھن نڪمن ۽ ٽوٽي مردن جي اڪثريت پنھنجي ئي ڳوٺن مان چوريون ڪرائڻ ۾ ملوث رھي ٿي ته جيئن سندن اھميت ۽ حيثيث ٻين جي نگاھن ۾ نروار ٿي بيھي. ڪجھه نڪما ۽ ٽوٽي ماڻھو پاڻ به چوريون شروع ڪن ٿا ۽ جڏھن ان ڌندي سان پڄي نٿا سگھن ته پوءِ پاٿايداري وارو فل ٽائيم جاب شروع ڪن ٿا، جنھنڪري ڀرڀاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سندن نام نھاد عزت ۽ نالو وڌي وڃي ٿو. ھو متاثر ڌر کان وٺي چورن تائين سڀني سان خصوصي تعلقاتن ۾ رھن ٿا. گھرن ۾ ڪجھه به آڻڻ کان ھو آزاد آھن ڇو ته ھو نڪما ۽ ٽوٽي ڀلي ھجن پر وري به آھن ته مرد انھن کان سندن عورتون ڇا پڇن ۽ ڇو پڇن؟ ڀلي پيون پاڻ ڪمائي کائن ۽ کين به کاراين.