ڪيڏانھن ويندا ڌرتي ڌڪاڻا ؟
سم ۽ ڪلر ۾ گھيريل چونرن جا در ڍينگھرن ۽ لڪڙين سان ائين بند آھن، جيئن ڏڪار وارن ڏينھن ۾ ٿر جي ڳوٺن ۾ اڏيل چونرن جا دربند ھوندا آھن. اڪثر چونرن ۾ ويٺل پوڙھا به بک جون دانھون ڪري رھيا آھن. اھا آھي ھوسڙيءَ کان ٽي ڪلوميٽر اوڀر طرف ڳوٺ مجنون چانگ ڀرسان قائم ڪيل بي زمين ھارين وارين ڪيمپ، جيڪا مبينا طور نجي جيلن مان بازياب ڪرايل ھارين جي مک ڪئيمپ چئي وڃي ٿي. ان ڪيمپ جو جيتوڻيڪ ڪوبه باقاعدي نالو نه رکيو ويو آھي پر ان کي ھارين واري ڪيمپ سڏيو وڃي ٿو. تازو مريم آباد ماتلي واري ڪيمپ مان لڏايل ھارين کي به ھوسڙي واري ڪيمپ ۾ آڻي ترسايو ويو آھي. ماتلي واري ڪيمپ عيسائي پادرين جي زمين تي قائم ٿيل ھئي. جتي مذڪوره ھاري ڏيد کن سال ترسيل ھئا، پر ھاڻي بنا ڪنھن بظاھر سبب جي ماتلي ڪيمپ جا سمورا ھاري ھوسڙي ڪيمپ منتقل ڪيا ويا آھن. ڳوٺ مجنون چانگ جي ڀرسان قائم ڪيل ڪيمپ جو سمورو انتظام ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جو سنڌ وارو اسپيشل ٽاسڪ فورس سنڀالي ٿو. ڪجھه سال پھريان اھا ڪيمپ ھارين سان ڀريل ھوندي ھئي، پر ھاڻي ٻه سؤ چونئرن واري ان ڪيمپ ۾ صرف ڏھ چونرا آباد آھن. ڪيمپ مان لڏي ويندڙن بابت ھڪ پوڙھو ھاري ميوو ڀيل جيڪو پنھنجي ڪراڙيءَ سميت چونري ۾ اڃان ويٺل آھي. تنھن چيو ته ”ماڻھو بک کان لڏي ويا آھن. اھي چون پيا ته بک ٿا مرون، وڃي ڪا مزدوري ڳولھيون گھڻا ماڻھو ته ٻين زميندارن وٽ ڪم ڪار لاءِ ھليا ويا آھن.“ اھو جھونو ھاري جيڪو پاڻ چار سال اڳ بقول سندس پنھنجي چئن ڀاتين سان گڏ ڍوڍاري مان ارباب غلام رحيم جي زمين تان ڀڄي آيو ھو سو چوي ٿو ته ”ماتلي واري ڪيمپ ۾ امداد جام ملندي ھئي پر ھتي ته صفا ڏڪر لڳو پيو آھي.“ ھوسڙي ڪيمپ ۾ ھاڻ اڪثريت صرف ان راڻي ڀيل جي مائٽن جي رھي ٿي جنھن شروع ۾ اچي اھا ڪيمپ قائم ڪئي ھئي. بي زمين ھارين جي ھن ڪيمپ جي اھڙي انچارج کي خبر ناھي ڪھڙي سبب کان اھي ھاري ”ڪامريڊ“ سڏين ٿا. اھو ”ڪامريڊ“ ئي انھن ڪيمپ واسين جو مئنيجر، انچارج، چڱو مڙس ھجي ٿو. ھوسڙي ڪيمپ ۾ ٻين کي ته اناج ۽ امداد جو انتظار رھي ٿو پر ان ڪيمپ ۾ راڻي ڀيل جي اھا پوڙھي ماءُ مسمات سرو به رھي ٿي، جنھن کي ھر وقت پنھنجي پٽ جي آزاد ٿي اچڻ جو اوسيئڙو رھي ٿو. ڪيمپ واسين موجب سندن ڪامريڊ راڻي ڀيل کي 8 مھينا اڳ کپرو پوليس گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو ھو. کين اھا خبر ناھي ته ھو ڪھڙي ڏوھ ۾ جيل ڪاٽي رھيو آھي. راڻي ڀيل جي گرفتاري متعلق جڏھن ايڇ آر سي پي جي علي حسن کان پڇجي ٿو ھو وراڻي ٿو ته ”راڻي جي آزادي لاءِ باقاعدي ڪيس وڙھي سندن ضمانت ڪرائي ڇڏي آھي. پر ھاڻي اسان وٽ گھربل پيسا يا ملڪيت جا ڪاغذناھن، جيڪي پيش ڪرڻ کانپوءِ ھو آزاد ٿي سگھي.“ راڻو ڀيل مٿان داخل ٿيل ڪيس جي نوعيت بابت جڏھن علي حسن کان پڇجي ٿو ته ھو چوي ٿو ته ”اھو سوال انھن کان پڇو جن توھان کي راڻي ڀيل جي گرفتاريءَ جو اطلاع ڏنو آھي.“ اھڙي طرح راڻي ڀيل مٿان داخل ڪيس مبھم ۽ مشڪوڪ ئي بڻجي وڃي ٿو. ھوسڙي ڪيمپ جا سمورا ماڻھو ايترا ته بکيا يا امداد تي ھيرايل آھن جو اسان جيئن ئي گاڏي سندن چونرن وچ ۾ بيھاري کانئن حال احوال پڇون ٿا ته ھو ”امداد ڪڏھن ملندي؟“ وارو سوال ڪن ٿا. جڏھن اسان لکڻ شروع ڪيون ٿا ھو پنھنجي لڏي ويل مائٽن جا نالا به ان آسري ۾ لکرائڻ شروع ڪن ٿا ته شايد اسان کين امداد ڏيارينداسين، پر ھو اھو طعنو ڏين ٿا ته ” لکي ته گھڻا دفعا ويا آھيو، پر ڏيو ته اٽي جي لپ به ڪونه ٿا. رڳو پنا ڪارا ڪري ھليا ٿا وڃو. “ سندن ان طعني جھڙي سوال جو ظاھر آھي ته اسان وٽ ته ڪو جواب نه ٿو ھجي پر ھو ٻڌائين ٿا ته کين ٻه ٻه ڏينھن کائڻ لاءِ ڪجھه نه ٿو ھجي. ھو لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور آھن، پر ڀرسان واري ڳوٺ مجنون چانگ جو دڪاندار کين ڪجھه سيڌو اڃان به قرض تي ڏئي ٿو. ھو چون ٿا ته شھر کان تمام پري ويٺا آھيون، ڪا مزدوري ڪونه ٿي ملي. اڪثر ماڻھو بکن کان تنگ ٿي لڏي ھليا ويا آھن، اسان وٽ ته ڀاڙي جا اھي پنج روپيا به ناھن جو وڃي حيدرآباد پھچون. ھو ڪجھه حجابن سان اھو ٻڌائين ٿا بک کان تنگ ٿي ھاڻي اسان جي ڪجھه پوڙھين عورتن ۽ ٻارن پنڻ شروع ڪيو آھي. ميوو ڀيل پاران ڪيل اھڙي اظھار تي جڏھن ڪجھه عورتون کيس ٽوڪين ٿيون ته ھو جذباتي ٿي چوي ٿو ”گذريل سال کان کان باقي ڇا ٿا کائو؟ ابا راڄن مان وڃي سير سفر ڪري پيٽ گذر ڪريون ٿا. ھاڻ ته سڄي دنيا کي خبر پئجي ويئي آھي ته اسان جوڳين وارو قصو ھلائي ڏنو آھي. بک ٿا مرون ته ٻيو ڀلا ڇا ڪريون؟“ ان ڪيمپ ۾ ھڪ ماستر مٺو ڀيل به رھي ٿو جيڪو چوي ٿو ته ”مون کي انساني حقن وارن چيو ته ٻار پڙھاءِ پگھار ملندءِ، پر چئن مھينن کان پگھار نه ملي آھي.“ ھو ٻڌائي ٿو ته ” جڏھن ڪيمپ ۾ مڪمل آبادي ھوندي ھئي ته سٺ ستر ٻار پڙھڻ ايندا ھئا.ھاڻي پنج ڇھه ٻار مس اچن ٿا.“ ڪيمپ واسي ٻڌائين ٿا ته کين آسرو ڏنو ويو ھو ته ڏھ لک روپيا امداد ملندي، جنھن مان کين زمينون، روزگار ۽ پڪيون جايون ملنديون، پر ھاڻي ته ماڻھو بکن کان ڪيمپ ئي خالي ڪري ويا آھن. مڙئي ڪکن جي ڇانو ڪري ويٺا آھيون. زرعي زمينن تان ڀڄي ايندڙ سمورين ھارين جي سنڌ اندر گھڻوتڻو مالڪي ايڇ آر سي پي ڪري ٿي. پر ان تنظيم وٽ به ھارين جي مستقل رھائش ۽ روزگار جو ڪو به جوڳو بندوبست ناھي. ايڇ آر سي پي پاران ھوسڙي ڪيمپ وٽ جيڪا ٽي ايڪڙ زمين ھارين لاءِ مخصوص ڪئي ويئي آھي، تنھن زمين بابت پڻ متضاد رايا آھن. مرزا برادريءَ جي ھڪ زميندار موجب اھا سندس زمين ملڪيت آھي جيڪا خالي ڏسي ايڇ آر سي پي وارن قبضو ڪرايو آھي ۽ قبضو ورائڻ لاءِ ھو عدالت ۾ ويندو. پر ايڇ آر سي پي جي علي حسن موجب ”ان زمين جا اسان وٽ ڪاغذ موجود آھن. ڀلي تپيدار گھرائي ماپ ڪرايو. ان مرزا ته خود اسان جي اڍائي ايڪڙ تي قبضو ڪيو آھي.“ ”ھن ڪيمپ ۾ چار نلڪا (ھينڊ پمپ) به لڳل آھن ۽ ھڪ ئي پٿر ۽ سيمينٽ سان پڪي جاءِ تعمير ٿيل آھي، جيڪا ايڇ آر سي پي جي آفيس سڏي وڃي ٿي. ھارين جي ھوسڙي ڪيمپ زرعي زمينن جي وچ ۾ آھي، جنھن ڪري سموري ڪيمپ ھر وقت سم جي پاڻي ۾ پسيل رھي ٿي. ڪيمپ واسي ڀر وارن زميندارن تي الزام مڙھين ٿا ته اھي چوڌاري پنھنجي ٻنين ۾ پاڻي ڇڏي ڪيمپ ۾ سم ۽ ڪلر وڌائين ٿا. جنھن ڪري رات جو مڇر به ڏاڍا ٿين ٿا ۽ ٻار بيمار ٿي پون ٿا. خوبصورت چونرا ٺاھي سوين ھاري اچي ھن ڪيمپ کي آباد ڪيو ھو، پر ھاڻي اھي روزگار جي تلاش ۾ مختلف جڳھين تي ھليا ويا آھن. جڏھن باقي بچيل ڪيمپ واسين کان پڇجي ٿو ته ھو آخر ڇو نٿا لڏي وڃن ته ھو چون ٿا ته ”اسان جا ڪيس ڪورٽن ۾ ھلي رھيا آھن. جيئن ئي ڪورٽن آزاد ڪيو اسان ڪيمپ خالي ڪري ھليا وينداسين. باقي ھاڻي ھن حالت ۾ ڪيڏانھن لڏي وڃون؟“ ھارين کان خالي ته ڪوٽڙي جي سڪندر آباد ڀرسان واري اھا ڪيمپ به ٿي وئي آھي، جنھن کي دادو انتظاميا غير قانوني قبضو قرار ڏيئي ڇڏيو آھي، سڪندر آباد واري ان ھاري ڪيمپ ۾ ڀيل ۽ ڪولھين کان وڌيڪ اھي ڪرسچين آباد آھن، جيڪي بظاھر ھاري نه پئي لڳا. ان ڪيمپ ۾ ٻه سو جھوپڙيون اڏيل ھيون ۽ جنھن ڏينھن اتي وياسين ان ڏينھن دادو انتظاميا ڪيمپ خالي ڪرائڻ لاءِ تنبيھه ڏيڻ واسطي پھتل ھئي، جنھن ڪري اڪثر ماڻھو سڪندر آباد وارن گھرن طرف سامان منتقل ڪري رھيا ھئا. ان ڪيمپ جو انچارج ڪامريڊ ڀورا لعل ٻڌايو ويو، جيڪو بقول سردار مسيح جي گذريل ڪجھه ڏينھن کان روپوش بڻيل آھي. ھوسڙي ڪيمپ جي ڀيٽ ۾ سڪندر آباد واري ڪيمپ شھرن کي ويجھو ۽ جابلو علائقي ۾ اڏيل آھي. جنھن ڪري ڪيمپ واسي خوش نظر اچي رھيا ھئا. ڪيمپ ۾ ھڪ پيرسن اصغر مسيح ٻڌايو ته سڪندر آٻاد ۾ 12 سالن کان مسواڙ جي جاءِ تي ويٺو ھئس. پوءِ ھتي اچي ويس، پرويز مسيح ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان به مسواڙ تي سڪندرآباد ۾ رھندا ھئاسين . بعد ۾ پتو پيو ته چوڌري آفتاب انساني حقن وارو پلاٽ ڏئي ٿو، ان ڪري کيس درخواست ڏني سين ۽ ھن ٽيھه باءِ پنجاھ جو پلاٽ رھڻ لاءِ ڏنو. منھنجا چار پٽ آھن، چارئي فيڪٽري ۾ ڪم ڪن ٿا. ھنن ڪيمپ خالي ڪرڻ متعلق چيو ته اسان کي ويھاريو به چوڌري آفتاب آھي ھاڻي ان جي ئي چوڻ تي اٿنداسين. ان ڪيمپ ۾ محمد انور جت به رھي ٿو، جنھن کي بقول سندس چوڌري آفتاب ۽ ڪامريڊ ڀورا لال زمين ماپي ڏني. ھاڻي ھو چوي ٿو ته اٿاريندا ته وڃي مسواڙي جاءِ ۾ ترسنداسين. ان ئي ڪالونيءَ ۾ مقامي ڪورٽ جي ملازم پرويز مسيح، يونيورسٽي جي سوئيپر مقصود مسيح، ڪارپينٽر امانت مسيح، راز ۽ مستري يعقوب مسيح ۽ ايوب مسيح سميت ڪيترن ئي اھڙن ماڻھن جون جڳھيون به قائم ھيون جيڪي نه ته زرعي مزدور ھئا ۽ نه ئي ھو ڪنھن نجي جيل مان بازياب ٿي آيل ھئا. ان ڪالونيءَ ۾ ترتيب واري حساب سان ٻه چرچ تعمير ڪرڻ لاءِ به جڳھه مخصوص ڪيل ھئي. ۽ ايڇ آر سي پي وارن جي آفيس تعمير ڪرڻ لاءِ به جڳھه مخصوص ڪيل ھئي. ھونئن ته ڪالونيءَ ۾ ڪرسچين ماڻھن جي اڪثريت ھئي، پر فيصل آبادکان آيل ھڪ ڪرسچين ملنگ بابا شريف ملنگ کي ھڪ پلاٽ ”في سبيل الله“ ڏنل ٻڌايو پئي ويو. بابا شريف ملنگ پنھنجي باري ۾ ٻڌايو ته ھو فيصل آباد جي ”درٻار سچ کنڊ نوا بان والا دوسو بائيس اونچا مربه“ جي درگاه جي فقير بابا فقير يا ملست قلندر لچبال پر نور نوشو سچيار گدي بابا مالن شاھ سرڪار. . . “ جو ملنگ آھي. جڏھن کانئس عيسائين ۾ ملنگ ھجڻ واري تصور بابت پڇيم ته ھمراھ ناراض ٿي چوڻ لڳو “مذھب تي نه وڃو، پنھنجي ڪم سان ڪم رکو.“ ان بابت شريف ملنگ پنھنجي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته ھن حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ 18 سال ويلڊنگ جو ڪم ڪيو آھي. گذريل پنجن سالن دوران کيس فقيري رنگ لڳو ۽ ھو جڏھن ڪوٽڙي ۾ ڪائونسلر منشا وٽ گھمڻ آيو ته کيس جڳھه پسند اچي وئي ۽ منشا ڪائونسلر وٽ آفتاب ۽ نسرين بي بي اچي پاڻ جڳھه چونڊي ڏني ۽ ترسڻ لاءِ چيو. ھن چيو ته اسان جو ڪنھن جي جھيڙي ۾ ڪجھه نه وڃي. باقي ھن ڪالونيءَ تان سرڪار لڏرايو ته سندس موج ٿي ويندي ڪيمپ جي ٻه سو گھرن مان تمام ٿورا يعني ڏھ پندرنھن گھر انھن ڀيل ۽ ڪولھي ھارين جا ھئا، جيڪي ھاڻي دربدريءَ واري زندگيءَ گذاري رھيا آھن. ڪوٽڙي جي سڪندرآباد وٽ ايڇ آر سي پي پاران بي زمين ھارين جي نالي اڏيل ڪيمپ اصل ۾ سرڪاري زمين تي قائم ڪئي وئي ھئي. دادو ضلعي انتظاميا جو چوڻ آھي ته زمين خالي ڪرائڻ لاءِ آيل انتظامي اھلڪارن مٿان ڪيمپ واسين حملو به ڪيو ھو.
مختلف ضلعي جي زميندارن جي زرعي زمينن تان اڳواٽ کنيل قرضن کان تنگ ٿي ڀڄي نڪتل ھاري ھاڻي ھزارن جي تعداد ۾ ٻارن ٻچن سميت دربدريءَ واري زندگي گذارين ٿا. پر ڪوٽڙيءَجي بابا صلاح الدين واري مزار ڀرسان بچاءَ بند ھيٺان قائم ٿيل وڏي ڪيمپ جا ھاري ڪجھه مطمئن آھن. ان ڪيمپ جو ھڪ معمولي پڙھيل لکيل چنديرام ڪولھي ٻڌائي ٿو ته ھو 2 لک قرض تان ديھه ڍاپي 206 وٽان زميندار محمد شريف راجپوت جي زمين تان ڀڄي آيا ھئا ۽ ھاڻي خوش آھن. شام جي پھر ۾ پنھنجي اولاد سان کيڏندي ھو ٻڌائي ٿو ته ڪيمپ واري زندگي ان ڪري ڀلي آھي جو ھتي ڪنھن جا غلام ته ناھيون. ھاڻي اسان آزاد آھيون. مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪريون ٿا. ان ڪيمپ ۾ به ڀيل وڏي تعداد ۾ آھن ۽ ڪيمپ جو انچارج ”ڪامريڊ“ شامون ڀيل آھي . ھو ان جي ئي اوطاق تي وڃڻ جو ڏس ڏين ٿا ۽ پاڻ گھٽ ڳالھائين ٿا. ھو ڦٽيون چونڊڻ جو ڪم ڪري ٿو. جڏھن ته سندس ڀيڻ ڀرسان واري مل ۾ ڪم ڪري ٿي، جنھن ڪري ھو مطمئن زندگي گذارين ٿا، پر سندس ڪيمپ ۾ ھروڀرو سڀ مطمئن زندگي ڪونه ٿا گذارين. ان ئي ڪيمپ ۾ سومار اوڏ به رھي ٿو، جيڪو اوڌر/ قرض تي رات جي ماني پچائڻ لاءِ سيڌو ورتيون پئي آيو. سومار ٻڌايو ته بيروزگاري ڏاڍي آھي. ملن ۽ ڪارخانن ۾ وڃون ٿا ته اھي پنجن پنجن ڏھاڙن تائين ڪم وٺي وري نيڪالي ڏيئي ڇڏين ٿا ۽ پئسا به نٿا ڏين. ھن چيو ته مان اٺ مزدور وٺي ويس، سڀني پنج ڏينھن گتي جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪيو، پر ھاڻي پئسا نٿا ڏين. زرعي شعبي سان لاڳاپيل ھزارين ھارين جي زمينن تان بيدخليءَ کان پوءِ سندن مستقبل روزگار ۽ رھائش وارو سوال گذريل چئن سالن کان کان پوءِ گردش ۾ آھي، جيڪو جڏھن ھارين کي مختلف مبينا نجي جيلن مان بازياب ڪرائيندڙ ايڇ آر سي پي جي نمائندي علي حسن کان پڇجي ٿو ته ھو واضع لفظن ۾ چوي ٿو ته ”ڪنھن جي به ٻيھر آبادڪاري، روزگار يا رھائش جو ذمو ايڇ آر سي پي جو ناھي“ حقيقت ۾ اھو اھڙو سوال آھي ، جنھن جو جواب ٻڌائڻ جي پوزيشن ۾ ڪير به ناھي. ھو چوي ٿو ته قانوني طور ايبوليشن ايڪٽ جي فقري 10 موجب اھا ڊسٽرڪن مئجسٽريٽ جي ذميواري آھي ته ھو بيدخل ماڻھن جي بحالي ڪري، پر جڏھن رياست پنھنجي ذميواري پوري نٿي ڪري سگھي ته ھڪ اين جي او اھو ڪم ڪيئن ٿي ڪري سگھي؟ ڪٿان ايترا پئسا ايندا جو ماڻھن کي رھائش روزگار ڏيون؟ اسان ته کين غلاميءَ مان نجات ڏياريون ٿا ۽ عارضي طور ڪيمپن ۾ ترسايون ٿا. ھن ايڇ آر سي پي مٿان لڳندل ھارين کي وڪرو ڪرڻ زمين تي قبضا ڪرڻ ۽ پيسا وٺي مخصوص زميندارن جا ھاري ڀڄائڻ جھڙن سنگين الزامن جي سختيءَ سان ترديد ڪندي چيو ته ”توھان ڇا ٿا چاھيو مان توھان جي ھر سوال جي موٽ ۾ اھو چوان ته اھو ڪوڙ آھي ، ڪوڙ آھي؟ مان سمجھي نٿو سگھان ته اھي الزام توھان ڪيئن پيا ھڻو؟“ علي حسن ڀائي کي اھي ڳالھيون سمجھه ۾ نه اينديون ھجن.پر حالتن ڀيل ۽ ڪولھين جي ھزارين ماڻھن کان اباڻا ڌنڌا ڇڏرائي انھن مان ڪيترن ئي کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھاڻي ھو نون زمانن جا اھي چپسي بڻجي پيا آھن، جن کي پنھنجي سڀاڻي جو به يقين ناھي ته ھو ڪٿي ۽ ڪھڙي حال ۾ ھوندا، ڇا سندن قسمتن ۾ شاھراھن تي پنڻ ئي لکجي ويو آھي؟