ڪالم / مضمون

گونگي تاريخ جا فرد

ڪتاب ”گونگي تاريخ جا فرد“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ صحافي نثار کوکر جي صحافتي لکڻين، ڪالمن ۽ مقالن جو مجموعو آهي. نثار لکي ٿو ته :
”تاريخي جبر مان گذرندڙ نڌڻڪا ماڻھو پنھنجو آواز دٻائي، اکيون بند ڪري ۽ چپ سبي وقت گذاريندا آھن اھي پنھنجي پاران پيدا ڪيل اھڙيءَ خاموشيءَ کي اونداھي ۾ تبديل ٿيل سمجھي، اھڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳندا آھن، جيڪي پنھنجي ماڻھن جو ماس پٽڻ برابر ھونديون آھن.
ھي ڪتاب سنڌي سماج جي اھڙي خاموش دور جي ڪھاڻين تي مشتمل آھي جنھن ۾ تاريخ جي گونگن فردن جون چالاڪيون ۽ حسناڪيون شامل آھن.“
  • 4.5/5.0
  • 6392
  • 998
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نثار کوکر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book گونگي تاريخ جا فرد

دربدريءَ جو درد

ان ڏينھن مظفر آباد جي پراڻي لاري اڏي ۽ بئنڪ روڊ ڀرسان پئي گذرياسين ته ماڻھن جي رش ۽ گاڏين جي پيھه ته جام ھئي. پر بازارن ۾ دڪان ڪونه ھئا. اھي سڀ دڪان 8 آڪٽوبر واري زلزلي سبب اھڙو ته ڊھي پيا، جو اڃا تائين سنوت ۾ نه اچي سگھيا. حسين قدرتي منظرن واري ھن شھر ۾ زلزلي کان اڳ جيڪي دڪان مالڪ ۽ گھر مالڪ ھئا، سي ھاڻي زلزلي کان پوءِ وارن ڏينھن ۾ ملبي مالڪ بڻجي ويا آھن. سندن ڪل ڪائنات اھي ملبي جا ڍير آھن، جن ھيٺان سندن ذات سان وابسته ھر شئي اچي وئي آھي. ڪشميري به عجيب عذابن واري زندگي پيا گذارين، جيئن سندن سياست ۽ معشيت آزاد نه رھي آھي، ڄڻ ته اھا به ڪن ڏھاڪن کان ڪنھن ملبي ھيٺ آيل ھجي. تيئن ئي ھاڻي سندس زندگين جي ڪل جمع پونجي انھن عمارتن ھيٺان اچي دٻجي وئي آھي، جن عمارتن جي تعمير سان سندن سوين خواب ٽاڪيل ھئا. مظفر آباد جي ڊھي پٽ پيل سينٽرل جيل سامھون جيڪا ٽه ماڙ عمارت ھئي، ان جي ملبي (ملبي جو ڪو سنڌي متبادل لفظ نٿو ٿي سگھي!) منجھان دڪان مالڪ ڪجھه سامان ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ھئا. ”ھي ستون ڏينھن آھي، اسان روزانو اچي دڪانن مان ڪجھه شيون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا سڄو ڏينھن محنت ڪري شام جو ناڪام تي موٽي وڃون ٿا، پر آزاد (ڪشمير) گورنمينيٽ ڪا به مدد نه پئي ڪري. اسان ڪجھه سرون ۽ پلستر ته ھٽائي ٿا سگھون، پر ھي آر سي سي ڇتيون۽ وڏا پلر ڪير ھٽائي؟“ ان عمارت ۾ زلزلي کان اڳ قائم ھڪ بوڪ اسٽور جو مالڪ ٻڌائي رھيو ھو، جنھن جي مدد لاءِ سندس ڀائر ۽ دڪان ملازم به پھتل ھئا.
مظفر آباد ۾ مشينري تمام محدود ۽ تباھي تمام وڏي پيماني تي ٿيل آھي. ان بوڪ اسٽور مالڪ ڪا ڳري مشينري ڪرائي تي به حاصل ڪرڻ چاھي، پر اھا کين ھزارين روپين جي مسواڙ تي پئجي وڃي ھا. بازار ۾ لڳ ڀڳ ھر دڪاندار پنھنجي مدد پاڻ تحت اھو ڳرو ملبو ھٽائڻ جو ڪم ڪري رھيو ھو. 8 آڪٽوبر واري سموري تباھي جي باوجود مظفر آباد اڃا به ايتروئي خوبصورت آھي، جيترو ڪشميرين جو پيار. جنھن پيار جون ڪئي ڪھاڻيون اڃان به مظفر آباد جي محلن ۾ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون. زلزلي واري صبح جڏھن دنيا ڌوڙ ۽ سڀ رشتا ڪوڙ ٿي رھيا ھئا، ان صبح راشده پڻ پنھنجي گھر ۾ موجود ھئي. راشده مظفر آباد يونيورسٽي ۾ ڪيميسٽري جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي ھئي. دنيا ڌوڙ ٿيڻ واري صبح ھوءَ يونيورسٽي ڪونه وئي ھئي ۽ ڪشميرين سان منسلڪ روايتي سستيءَ سبب ھوءَ ٻين گھر ڀاتين جيان تڪڙو نڪري به نه سگھي. زلزليءَ جي آندل تباھي کان ترت پوءِ سندس گھر ڀاتين کيس ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. 3 ڪلاڪن جي ڳولا کان پوءِ ھو گھر جي ڪنڪريٽ پلر ھيٺان مئل حالت ۾ ملي. گھر ڀاتي جيترو زور لڳائي سگھيا. ايترو انھن لڳايو. پوءِ به ھو صرف سندس چھري ۽ ڪلھن تائين ملبو ھٽائي سگھيا. باقي پلر کي ھٽائڻ ھنن جي وس ۾ نه ھو.
پوءِ مائٽن ڇا ڪيو؟ منھنجي تجسس ڀرئي سوال راشده جي ڳالھه ٻڌائيندڙ اپر محلي جي ڪشميريءَ کي پاڻي به پيئڻ نه ڏنو ۽ ان ڳالھه جاري رکي. ”راشده جي مائٽن جاءِ جي، بلڪل لاش جي ڀرسان ئي ٽينٽ ھڻي ڇڏيو. لاش جي چھري کي ھنن سفيد ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيو ھئو. پورا يارنھن ڏينھن سمورو خاندان راشده جي لاش مٿان ٽينٽ ھڻي ويٺو رھيو. جيستائين آرمي جي انجنيئرنگ ڪور اچي کين لاش ڪڍي ڏنو.“ جنھن ڏينھن راشده جي ڳريل لاش کي کنيو پئي ويو ته سندس پاڙي جا نوجوان سڪرات ۾ اچي ويا ھئا. ”راشده پوري پاڙي جو نڪ ھئي.“ ھن جھڙي سنھڙي ڇوڪري پوري محلي ۾ نه ھئي. ھڪ نوجوان جي چيل ڳالھه ٻولھه ھن ٻڌائي. پھاڙن اوچائين ۽ ھيلڪاپٽرن جي فضائي معائنن سان مصيبت ھيٺ آيل اھڙيون محبتون ڪٿي ٿيون نظر اچي سگھن. مظفرآباد شھر ۾ داخل ٿيڻ سان جنھن جڳھه کي دوميل چيو وڃي ٿو. ان اسان کي نيٽو جون فوجي عورتون گاڏي ھلائيندي مليون. نيلم ۽ جھلم ندين واري ميلاپ واري جڳھه دوميل، نيٽو جا فوجي شايد سمجھي نه سگھن، پر ان دوميل ڀرسان آزاد ڪشمير حڪومت پاران شھرجي تعارف واري بورڊ تي لکيل آھي ته ”دوميل شھر جو خوبصورت منظر آھي“ ان ئي ندين جي ميلاپ واري منظر کي ڏسڻ لاءِ جيڪو شھر جو بھترين ھوٽل سمجھيو ويندو، اھو سنگم ھوٽل به ھاڻي ڊھي پٽ پيل آھي. مظفرآباد جي ان سنگم ھوٽل سان ھزارين سنڌين جون ڪي سھانيون يادون وابسته آھن. تڏھن ئي لاھور ايئرپورٽ تان نڪرندي ھڪ سنڌي ڪاموري ڳڻتي واري انداز ۾ پڇيو. ”مظفرآباد کان ھاڻي موٽيا آھيو ڇا؟ ڀلا“ سنگم ھوٽل بچيو يا اھو به ڊھي پيو؟“ ڪشمير سان لاڳاپيل ھر شئي الاءِ ڇو ڀڄندڙ ٻرندڙ بڻجي پئي ٿي. اھي ٻن ملڪن جون ڳالھيون ھجن، ھٿياربند ڪاروايون ھجن يا اعتماد ھر شئي ڀورو. ”ڪشمير جا پھاڙ بلوچستان جي جيلن کان گھڻو مختلف آھن. اھي سرسبز وڻن سان ٽمٽار زرخيز پر پوري مٽيءَ جا ٺھيل آھن. جلد ڊھي پون ٿا.“ ڪيترائي جملا، ڀڻڪا، ٽھڪ ۽ گلائون ھميشه ان لاءِ سنگم ھوٽل جي ملبي ھيٺان اچي ويا آھن، جنھن کي ٻيھر تعمير ٿيڻ ۾ شايد ڪي زمانا لڳن.
زمانا ته ڪشميرين جي ان نئين نسل کي به ٻيھر بحال ٿيڻ ۾ به لڳندا، جنھن کي تاريخ جي بدترين زلزلي کان پوءَ به اڌ پڙھيل مولوين جا اھي طعنا سھڻا پون ٿا ته ”توھان تي اھو خدا جو قھر نازل ٿيو آھي “ ملڪي توڙي بين الاقوامي ميڊيا تي اھي فتوائون جاري ڪندڙ مولوي ھاڻي ڪارٽونن جا عنوان بڻجي ويا آھن. اھو رڳو ٻھراڙين ۽ ڳوٺن جي مسجدن ۾ نه، پر خود بااختيار حاڪمن جي شھر اسلام آباد ۾ به اھي پڙاڏا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. الوداعي جمعي جي نماز پڙھي آيل دوست ان رات ٻڌايو ته، اسلام آباد جي اھم سيڪٽر جي مسجد جو مولوي خطبي ۾ ٽوئرزم تي ڪاوڙيل ھو ۽ اترين علائقن ڏانھن سير سفر لاءِ ويندڙ ماڻھن کي عياش سڏي ھن حاضرين کي اھو چئي پئي سمجھايو ته ڏسو انھن جو حشر. انھن فحاشي ۽ عرياني جي حد ڪري ڇڏي ھئي. ھاڻي کين خدا جي قھر کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. اسلام آباد جي مسجد ۾ جمعي جي خطبي دوران اھڙي فتوى ڏيندڙ مولويءَ کي جڏھن ڪجھه نه چيو ويو ته پوءِ مانسھرھ روڊ تان لڙي ھڪ ننڍڙي شھر ڳڙھي حبيب الله جي ان ڳوٺاڻي مولويءَ کي ڪير منع ڪري ھا، جنھن زلزلي کان پوءِ فورن اھا فتوى جاري ڪئي ته اسان جي ڳوٺ ڳڙھي حبيب الله تي خدا جو قھر تڏھن نازل ٿيو آھي، جو اسان جي ڳوٺ ۾ تازو ئي ڪئبل سسٽم شروع ٿيو.
چون ٿا ھن ڳوٺاڻن کي اپيل ڪئي ته ھو کيس پنھنجا ٽي وي سيٽ آڻي ڏين ته جيئن ھو انھن کي باھ ڏئي ڇڏي. افسوس پوري ڳڙھي حبيب الله منجھان کيس صرف 4 ٽي وي سيٽ باھ ڏئي ساڙڻ لاءِ مليا، پاڪستان جي اترين علائقن ۽ ڪشمير جا ماڻھو صرف پھاڙي بلندين تي ڪونه ٿا رھن، پر ڪنھن حد تائين ھو جھالت جي بلندين کي به ڀوڳي رھيا آھن. ھو پاڻ ته تمام سادا ۽ کلمک آھن ۽ ڪجھه سنڌين جيان سيڪيولر. مذھب ھجي يا سياست ھو ڪنھن به قسم جي انتھاپسندي کان دور. شايد تڏھن ئي ٻاھران لشڪر اچي کين ڪجھه سياست ۽ ڪجھه مذھب جي تبليغ ڪندا رھن ٿا. ھن دکدائڪ گھڙين ۾ جڏھن ڪشميرين جي خاندانن جا خاندان دربدر ٿيا آھن، تڏھن به کين ڪير اھو ٻڌائڻ وارو ناھي ته زلزلي اچڻ ۾ توھان جي ڏوھن ثوابن جو ڪو قصور نه، پر زير زمين ٽيٽونڪ پليٽن جي چرپر جو ڪمال آھي. سموري دنيا اھڙين 16 پليٽن تي بيٺل آھي اترين علائقن ۽ ڪشميرين جو ڏوھ صرف ايترو آھي ته ھو زمين مٿان اھڙي علائقي ۾ رھن ٿا، جتي ھن ڀيري انڊين ۽ يورو ايشن پليٽن وچ ۾ موتمار زلزلو آيو آھي. اسان جي علائقي ۾ اھي ٻئي پليٽون ڪروڙين سالن کان ھڪ ٻئي سان ٽڪرائبيون رھيون آھن، جنھن جي نتيجي ۾ ھماليه، قراقرم، ھندوڪش ۽ ٻيا پھاڙي سلسلا جنم وٺن ٿا. زير زمين ان چرپر جو ڀلا ڪشميرين جي گناھن سان ڪھڙو واسطو؟ پھاڙي سلسلن ۾ رھندڙ ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي اسان درياھي ۽ ميداني علائقن جي ماڻھن کي تيستائين سمجھه ۾ نه ايندي، جيستائين پاڻ وڃي دشوار رستن، ھزارين فوٽ بلند پھاڙن جي ڪنارن سان ٺھيل رستن تان نه گذرون، ڪشميرين جي ڏکين پھاڙي چوٽين تي گذرندڙ دشوار ترين روزمره واري زندگيءَ کي ويجھو ڏسي اسان جي ھڪ سنڌي دوست سفر کان آيل پنھنجيون الٽيون روڪيندي چيو ھو، ”ھي به بادشاھ ماڻھو آھن، ھتان لھي شھرن پٽ پڌرن ۾ ڇو نٿا وڃن“ سندس اھو جملو مونکي ٻڌل ٻڌل پيو لڳو. فرق صرف ماڻھو تبديل ٿيڻ جو ھجي ٿو. باقي اھو جملو ساڳيو ئي ھو، جيڪو مٺيءَ کان ننگرپارڪر ويندي ٿر جي ڏڪاريل حالت ڏسي اسان جي عورتاڻي عملدار چيو ھو، ”ماڻھو ھتي بکن ۾ پاھ پيا ٿين، تنھن کان سٺو اٿن ته نڪري وڃن“ پر پنھنجو ديس پنھنجي گھٽي ۽ پنھنجي مٽي ڇڏڻ ڪيڏو ڏکيو آھي. اھو ميرپوري ماڻھن کان ڪير پڇي، جن جا ھزارين ماڻھو برطانيا ۾ آھن، پر اتي به ھو ميرپوري ڪشميري آھن. دربدري قدرتي ھجي يا جبري ماڻھن جي ۽ قومن جي دربدري دردناڪ ٿئي ٿي. ھاڻي مھاجر (متاثر ۽ مھاجر ۾ فرق ڪيترو آھي) ڪيمپن ۾ پھتل ڪشميري ٽمڪندڙ ستارن کي ڏسي اھوئي دھرائين ٿا ته؛
کب ملي تھي کھان بچھڙي تھي ھمين ياد نھين
زندگي تجھه کو تو بس خواب مين ديکھا ھم ني.