روجھاڻ جي راڻي جي اقتدار جي مومل کان محرومي
زرعي سماج ۾ پنھنجو ننڍپڻ گذاريندڙ لڳ ڀڳ ھر ماڻھوءَ اھو محاورو ضرور ٻڌو ھوندو ته ”اتم کيتي، نيچ نوڪري ۽ وڌندڙ واپار.“ پاڪستان جي سياسي شطرنج تي سالن کان قابض شاطر کيڏارين کي ھاڻي ان تبديليءَ تي ڪا حيرت ناھي ته اتم کيتيءَ ۾ يقين رکندڙ جاگيردار، عزتدار گھراڻن جا چڱا مڙس ھاڻي ”نيچ نوڪري“ جي ڪڍ ڇو پيا آھن، نوڪري سا به جديد دور جي اھڙي نوڪري جو ماڻھوءَ جو ساھ وڃي پر ڳالھه ٻاھر نه وڃي، نوڪري جون پاپنديون به اھڙيون، جو نوڪري وارن ڏينھن جي ”ڪار گذاري“ ڪنھن کي به نه ٻڌائي سگھجي ۽ صرف خلوت ۾ ئي ڀڻڪو ڪري سگھجي ته ”مجبور ھين اف الله، کجھه کھه بھي نھين سکتي“
جنھن شخص جي عمر گذري ھجي وڏيرڪا فيصلا ڪرڻ ۽ قبيلائي تڪرار نبيرڻ ۽ ڳوٺ جي اوطاق ھلائڻ کان جنھن پنھنجي پوليٽيڪل ڪيريئر جي شروعات ڪئي ھجي. ان کي چونڊي وڃي توھان ويھاريو وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۽ مٿان ”باس“ ھجي ان جو سگھاري اداري جو سربراھ، ته اھڙي صورتحال ۾ ڪھڙا نتيجا ملندا؟ ظفر الله خان جماليءَ جي ڪجھه حامين ھم خيال ماڻھن جو وري خيال مختلف آھي، ھو سمجھن ٿا ته چوڌري ڀائر ۽ لاھوري ميڊيا مير ظفرالله سان ڪا وفا نه ڪئي. حالانڪه ھو بار بار کين ياد ڏياري رھيو ھو ته ھن جو لاھور ۾ سٺو وقت گذريل آھي، پر ڇا ڪجي پنجاب جي پنڊ ۾ چوڌري ته ھڪڙو ئي ٿيڻو آھي نه!
ظفرالله جماليءَ جا ڪي ڪرپشن اسڪينڊلز ته سامھون اچي نه سگھيا ته پوءِ لاھور جي اخبارن اھو به لکڻ کان گريز نه ڪيو ته جمالي صاحب ٻوڙ گھڻو ٿو کائي. ان ڪري ٻڪر جي گوشت جا ٻه ٽي ڊونگا سندس آڏو رکيا ويندا آھن. ڪجھه اخبارن ته ان ۾ به اضافو ڪيو ته جمالي صاحب کي ٽاڪرو ٻڪر گھڻا وڻندا آھن، پر ھاڻي کيس ڊائٽينگ تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. ڪنھن وزيراعظم خلاف ان سطح تي ھلايل ميڊيا مھم جيڪو اميج جمالي صاحب جو بيھاريو، سو ڪو گھڻو بھتر نه ھو، ھن کي پنھنجي تڪ ۾ به وڏا ترقياتي ڪم ڪرائڻ جو موقعو نه ملي سگھيو. ھا البته پاڪستان ۾ اقتداري سياست کي آڱرين تي نچائڻ واري آمريڪي سفير کي ھو ڳوٺ گھمائڻ ۾ ڪامياب ضرور ٿي ويو.
اتم کيتي جھڙن محاورن ۾ اڃا به يقين رکندڙ ماڻھن ۾ ھڪڙو قدر ڪوڙ نه ڳالھائڻ ۽ ھڪ ڳالھه ڪرڻ به آھي، پر جمالي صاحب مٿان خود پنھنجي پارٽي جا پارليامينٽرين ان ڪري ناراض آھن، جو ھن پنھنجي استعيفى واري ڳالھه انھن کي ھڪ ڏينھن اڳ ڪيل دعوت ۾ پڇڻ جي باوجود به نه ٻڌائي ھئي. ”ڳالھه ڪرڻ جھڙي ھجي ته ٻڌائجي، اھڙي ڳالھه ڪجي ته ڪنھن سان ڪجي“ ظفرالله جماليءَ استعيفا ڏيڻ کان پوءِ ھڪ ھم خيال ايم اين اي جي ميار ڏيڻ جي موٽ ۾ چيو. جمالي صاحب واري تجربي کان پوءِ ھاڻي عام ماڻھن کي به اھو يقين اچي ويو آھي ته پاڪستان اندر وزارت عظمى ٿاڻيداري ۽ تپيداريءَ جھڙي نوڪري بڻجي پئي آھي، جتي ”باس“ کي ”نو“ چوڻ جي جرئت نوڪري وڃائڻ برابر آھي، پر ظفرالله جماليءَ جي ويجھو رھندڙ ماڻھن جو چوڻ آھي ته ”جمالي ته ڪڏھن پنھنجي ”باس“ اڳيان نھڪار ئي ڪونه ڪئي ھئي. مڙئي چوڌرين پنھنجي باھ ڪڍي.“
آزاد جمھوري معاشرن ۾ وزيراعظم ملڪ جي تمام وڏي اھم شخصيت سمجھيو وڃي ٿو. جتي قوم کي عراق جنگ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ جھڙا فيصلا به وزيراعظم ڪري ٿو، جتي ائٽمي تجربا به ان جي مرضيءَ سان ٿين ٿا. اھڙن معاشرن ۾ عام خلق کي خبر ئي نٿي ھجي ته سندن ھٿياربند فوجن جو سربراھ ڪير آھي؟ ڇو ته انھن کي پڪ ھجي ٿي ته فوجن جو سربراھ ڪير به ھجي، پر حڪم ته آخرڪار وزيراعظم جو ئي مڃيندو. ان ڪري ماڻھو وزيراعظم کي اھم سمجھن ٿا ڇو ته عملي طور ھو ئي اھم قدم کڻي سگھي ٿو، پر پنھنجي وطن ۾ شروع کان ئي گنگا الٽي وھندي ٿي اچي. پاڻ وٽ اھو اھم سوال رھيو آھي ته وزيراعظم کي گھر ڪنھن موڪليو؟ جنھن ملڪي تاريخ ۾ وانا آپريشن ۽ پاڪ ڀارت ڳالھين جھڙا اھم اموڙ ايندا ھجن. ان وقت وزيراعظم ايترو لاچار ھجي ٿو جو اصل اقتدار ڌڻين کي بيوسيءَ وچان فونن مٿان فون ڪري ته ”سر جي، آخر ميرا قصور ڪيا ھي؟“ فون بند ٿي وڃڻ کان پوءِ پنھنجو پاڻ کي ئي تسلي ڏئي ته الله ڀلي ڪندو. اھڙي معذور نوڪري ڇاھڪ خود دار سردار جي شان وٽان آھي؟ اھو ته انھن سردارن کي سوچڻ گھرجي، جن کي ڪن زمانن کان پنھنجن علائقن تي حڪمراني ڪرڻ جي ڄڻ ته عادت پئجي ويئي آھي. انھن جو شان ۽ عزت ايتري ته جلدي متاثر ٿيندي آھي جو ڳوٺ واري سڙڪ سان ڪنھن غريب غربي اور ٽيڪ ڪيو، تڏھن به سردار صاحب جو شان گھٽبو، پر ھتي ته نوبت رڳو اوور ٽيڪ جي نه پر ويڙھي سيڙھي سڄي محنت کي ئي ڊسٽ بن ۾ اڇلڻ واري ڪار آھي. وزيراعظم سيڪريٽريٽ منجھان جمالي صاحب جو ذاتي سامان جنھن شام نڪري رھيو ھو. ان شام پوليس اھلڪارن کي ڪو ايس ايس پي بدلي ٿيڻ وارو منظر ياد اچي رھيو ھو.
جنرل پرويز مشرف کي ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روزانو الائي ڪيترا دفعا ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ اسلام آباد ۾ ظاھر آھي ته ان کان ٻيڻ دفعا ياد ڪيو ويندو ھوندو. پر ڪجھه ماڻھن لاءِ عجيب ڳالھه اھا به سامھون آئي ته اسلام آباد جھڙي بيوفا موسم واري شھر ۾ اڄڪلھه سنڌڙيءَ جي مرحوم محمد خان جوڻيجي کي وڌيڪ ياد ڪيو وڃي ٿو. محمد خان جوڻيجو، جنھن شينھن جي وات ۾ به سچ چوڻ جي جرئت ڪئي. پاڪستان تي طويل فوجي ڊڪٽيٽرشپ ذريعي راڄ ڪندڙ جنرل ضياءَ الحق کي جڏھن ڪنھن سويلين بندي جي ضرورت پئي ته ھن سنگت ساٿ کي ماڻھو ڳولڻ لاءِ چيو. نوان جتوئي جو نواب غلام مصطفي جتوئي ته پاڻ ئي ٻڌائي چڪو آھي ته ھن اھڙي نوڪريءَ کان ضياءَ کي جواب ڏيئي ڇڏيو، پر پير صاحب جڏھن محمد خان جوڻيجي جي ٻانھن ڪمانڊرن حوالي ڪئي ته ھنن کيس رسمي انٽرويو لاءِ گھرايو. جنرل ضياءَالحق جنھن ڪمري ۾ ويٺو ھو، تنھن ۾ ان قصي جو رازدار فوجي آفيسر به ويٺل ھو. جنھن در مان داخل ٿيندڙ محمد خان جوڻيجي کي پيرن کان مٿي تائين ڏٺو. ھن جي پشاوري چپل جون ڪھيون کليل ھيون، ڊگھي قد ۽ پراعتماد اکين وارو ھمراھ جڏھن ضياءَالحق سان مليو ته اجائي خوشامد وارا لفظ اچارڻ بدران صرف اھو چئي ويھي رھيو ته ”ڪيئن آھيو؟ ٺيڪ آھيو؟“ ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڪتاب لکندڙ آفيسر وڌيڪ لکيو ته ”جڏھن ڳالھه ٻولھه طئي ٿي وئي ته جوڻيجي صاحب اٿڻ کان اڳ ۾ آخري سوال اھو ڪيو ته، جنرل صاحب مارشل لا ڪڏھن ٿا کڻون. اھڙي غير متوقع سوال تي جنرل ضياءَ الحق تپي ته ويو پر ڪجھه به ڪڇيائين“ ۽ ان ڪتاب جي ليکڪ جنرل ڏانھن ڏسي نظرن ئي نظرن ۾ کيس چيو ته ”ھي ڪھڙو ماڻھو آڻدو اٿئي؟“ ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته محمد خان جوڻيجي، اھو سوال پنھنجي عھدي جوقسم کڻڻ کان پوءِ ڪيو ھو. بھرحال موقعو ڪھڙو به ھو پر اھو سوال ڪنھن فوجي ڊڪٽيٽر کان عارضي نوڪري ڪرڻ لاءِ آيل سويلين پاران پڇڻ لاءِ واقعي وڏو دل گڙدو کپي ٿو. ڪجھه ماڻھو ھروڀرو به ظفرالله جماليءَ کي محمد خان جوڻيجي جي قدمن تي ھلڻ جي صلاح ڏيندا ھئا. پر ٻنھي جي حالتن ۽ ٻنھي جي ”باسز“ ۾ ڏينھن رات جو فرق آھي. جمالي صاحب اھڙو يا ان حھڙو سوال آخر ڪنھن کان پڇي ۽ ڪيئن پڇي؟ اھا ته ”بي مروتي“ مڙئي اخبار وارن کان پئي پڳي، جن ڪرسي وڃڻ کان ھڪ ڏينھن اڳ به جمالي کان اھو پئي پڇيو ته ”سائين ڇا توھان بي اختيار وزيراعظم آھيو؟“ ھاڻي ھو ڪڇي ته ڪيئن ڪڇي؟ اختياري ۽ بي اختياريءَ وارو سفر ھتي ايترو ته پراڻو آھي جيترو ھن ملڪ جو وجود اھو سوال ڪو صحافي اسڪندر مرزا جي زال کان به پڇي ھا جنھن کي اڌ رات جو اچي سپاھين اٿاريو ته سامان ٻڌو ۽ سرڪاري گھر خالي ڪريو. ھن بعد ۾ پنھنجي حياتيءَ جا پڇاڙڪا ڏينھن لنڊن ۾ گذاريا ۽ اتي ئي ھڪ اڳوڻي ملازم کي ٻڌايو ته افراتفريءَ ۾ سامان به سھيڙيان پئي ۽ رڙيون به ڪريان پئي ته واھ جو ملڪ آھي، جنھن ۾ حڪمرانن سان اھڙي حالت ڪئي ٿي وڃي.ڀلا صبح نه ٿئي ھا ڇا جو رات جو ئي سامان ٿا کڻايو؟“
اھو اڌ رنگ جو مريض گورنر جنرل غلام محمد ڪنھن کان وسرندو، جيڪو پنھنجي حڪمرانيءَ دوران ئي بيڊ تي سمھي ٻارڙن جي راند جيان مرڻ جو ڊرامو ڪندو ھو. ملڪي حڪمران جي اھڙي حالت تي اچي جڏھن سڀ گڏ ٿيندا ھئا ته ھو ھڪ اک کولي سڀني کي ڏسي وري سمھي پوندو ھو. نيٺ پريشان بيٺل مختلف ادارن جي سربراھن کي تڏھن ساھ ۾ ساھ پيوھو، جڏھن ھو اٿي ويھي کين ٻڌائيندو ھو ته اھو مذاق ھو، جنھن ذريعي مون ڏٺو پئي ته منھنجي مرڻ واري خبر تي ڪير وڌيڪ خوش نظر ايندو. جنرل ايوب خان يا ڪو ٻيو؟ اھو اقتداري لمس جو ئي نتيجو ھو جو شراب ۾ ڌت رھندڙ جنرل به لکين ماڻھن جي قسمتن جو فيصلو ڪرڻ لڳا ۽ ملڪ جو اڌ حصو ھارائڻ کان پوءِ ھو ته گھڻو خوار ۽ بدنام ٿيا پر سندن سريتون به جنرل راڻي بڻجي مشھور ٿيون. اقتدار جي ان طويل ۽ بڇڙو ڪندڙ راند ۾ پيادي جو ڪھڙو قدم ھوندو؟ اھو ته ھر جاگيردار ۽ ان جو نئون نسل به ڄاڻي ٿو. پر اقتدار ۾ شايد ڪنھن سريت جي چپن جي ڇھاءَ جھڙو جادو آھي، جو اقتداري ايوانن جي انتظار گاھن ۾ اڃان به ڀوتارن سردارن ۽ سرمائيدارن جي لائين لڳل آھي. بند ڪمري ۾ ويٺل حڪمران صرف پٽيوالي ھٿان نياپو اماڻي ٿو ۽ ھي ڊوڙندا ڊوڙندا ان ڪمري طرف وڌن ٿا. صرف ان آسري تي ته ائين ڪرڻ سان سندس ڪيس ڪنھن نيب عدالت ۾ نه ويندا ۽ گاڏي تي جھنڊو لڳندو. پوليس پروٽوڪول ملندو، ڇا سويلين حڪمرانن جو اھوئي وڃي اميج ۽ اھوئي وڃي خواب بچيو آھي؟