ليکڪن مان انقلاب جو رومانس ختم ٿي ويو آھي : نورالھدى شاھ
جواب؛ مون لکڻ وارو ڪم ننڍپڻ ۾ شروع ڪيو، منھنجو ننڍپڻ لاھور ۾ گذريو آھي، جتي مائٽن جو اڪيلو ٻار ھجڻ ڪري اڪيلائپ ۾ ئي ننڍپڻ گذريو، منھنجي اڪيلائپ ۽ شين کي تصور ۾ آڻڻ واري سگھه ئي مونکي ليکڪا بڻايو. مان پنھنجي تصوراتي ڪردارن سان کيڏندي ھيس. منھنجو والد جيتوڻيڪ مذھبي ماڻھو آھي پر ان مون کي ڪڏھن به روايتي راڻين ۽ بادشاھن وارا قصا ڪونه ٻڌايا. ھن ھميشه حقيقي ۽ تاريخي ڪردارن بابت ڪھاڻيون ٻڌايون. جڏھن ته منھنجي ماءُ جي به سنڌي سٺي آھي. جڏھن اسان لاھور ھوندا ھئاسين ته ھوءَ اڪثر پنھنجي والد جي شاعري ڳائي ٻڌائيندي ھئي. اھا پنھنجي مائٽن، ڳوٺ ۽ ٻين اھڙين شين متعلق ٻڌائيندي رھندي ھئي. ھن جي ٻولي ٽکڙ واري مخصوص سنڌي آھي. جيڪا مان ٻڌي وڏي ٿيس. اھي سڀ ڳالھيون جڏھن ٻڌي ۽ پنھنجي تصوراتي ڪردارن کي ھلائيندي ھيس ته سنجيده لکڻيون لکي ويھندي ھيس. جڏھن منھنجي ماءُ منھنجي پھرين شارٽ اسٽوري پڙھيه ته ھوءَ ڏاڍو پريشان ٿي وئي ۽ بابا کي اھا ڳالھه ٻڌايائين، جنھن اھا ڪھاڻي پڙھڻ کان پوءِ چيو ته پٽ! اڃان تون ٻار آھين. ٻارن جي ڪھاڻين تي ڌيان ڏي. مون لکڻ جي شروعات اردو ۾ ڪئي ۽ جڏھن اسان ڪراچي شفٽ ٿي آياسين ته 16 يا 18 سالن جي عمر ۾ مون اردوءَ ۾ سنجيدگي سان لکڻ شروع ڪيو. مون سنڌي ڪونه پڙھي آھي، ان ڪري ھاڻي به الفابيٽ مان سنڌي نه لکي سگھنديس پر منھنجي مائٽن منھنجي اندر سنڌي ٻولي کي زندھ رکيو، جنھنڪري مان اھا پڙھي ۽ لکي سگھان ٿي. اھي ون يونٽ وارا ڏينھن ھئا ۽ ھر ڪو اردوءَ ڳالھائيندڙ ھو. چڱن خاصن سنڌي گھراڻن ۾ اردو ڳالھائي ويندي ھئي. ان دور ۾ مون کي ھڪ تلخ تجربو ٿيو ، جنھن سنڌي لکڻ ڏانھن مائل ڪيو مون پنھنجو ھڪ افسانو اردو ڊائجيسٽ ”پاڪيزه“ کي ڇپڻ لاءِ ڏياري موڪليو ته ان جي ايڊيٽر مونکي ھڪ تعريفي خط لکي منھنجي اردو سٺي ھئڻ جي ساراھ سان گڏ ٻيا افسانا موڪلڻ جي دعوت ڏني. ان جي موٽ ۾ مون کيس لکي موڪليو ته بنيادي طور اردو منھنجي مادري ٻولي ناھي، مان سنڌي آھيان پر پوءِ به ڪوشش ڪريان ٿي ته سٺي اردو لکان. ان خط سان گڏ مون ٻه ٻيا افسانا به کين ڏياري موڪليا پر پاڪيزه وارن منھنجا سمورا افسانا غائب ڪري ڇڏيا. اھي ڪڏھن شايع نه ٿيا ۽ نه ئي ھنن ٻيھر مونسان رابطو ڪيو. ان واقعي منھنجا خيال ۽ نظريا ئي بدلائي ڇڏيا. اھي ڏاڍا ھنگامه خيز ڏينھن ھئا پر مان سموري سياست کان پري ھيس. مون کي ان دور جي سياست جي الف ب جي به خبر نه ھئي پر جڏھن مان ڪراچي پھتس ته مون کي محسوس ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ کان نفرت ڪئي پئي وڃي. اسڪولن ۾، ريسٽورانٽ ۽ پريس ۾به ان کان نفرت ڪئي پئي وڃي. پاڪيزه ڊائجسٽ وارن سان ٿيل تلخ تجربي منھنجو رخ سنڌي لکڻ ڏانھن موڙيو. شروع ۾ ڏاڍي ڪچي ڦڪي سنڌي لکندي ھيس ۽ اھا ھلال پاڪستان وارن کي ڏياري موڪليندي ھيس. ان دور ۾ جيڪڏھن ڊاڪٽر فھميده حيسن منھنجي سنڌي لکڻ ۾ ھمت افزائي نه ڪري ھا ته مان شايد سنڌي نه لکي سگھان ھا ۽ اردوءَ ڏانھن واپس ھلي وڃان ھا. ڇو ته لکڻو ته آخر ھيو ئي نه.
سوال؛ توھان بنيادي طور تي شارٽ اسٽوري رائيٽر آھيو ته پوءِ توھان ڊرامن طرف ڪيئن اچي ويا؟
جواب؛ جڏھن منھنجي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”جلاوطن“شايع ٿي چڪو ھو ته پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ رابطو ڪيو ۽ ڊرامو لکڻ لاءِ چيو. ھن پروڊيوسر ھارون رند کي اسڪرپٽ کڻي وڃڻ لاءِ موڪليو، جنھن اسڪرپٽ پڙھڻ کان پوءِ چيو ته ھن پنھنجي پوري ڪيرئير ۾ اھڙا اسڪرپٽ ڪڏھن ناھن پڙھيا ۽ ھارون رند موجب اھي پڙھڻ کان پوءِ سندس شگر ليول نارمل ٿي وئي. اصل ۾ مون کي ٽي وي ڊرامن ۾ منھنجي ڪا دلچسپي ناھي. مان ته عام رواجيءَ زندگي ۾ ڪڏھن ٽي وي ڏسندي به ناھيان. ڊراما سيريل ھوندي جيڪا مون مڪمل ڏٺي ھوندي. ٻي صورت ۾ ٽي وي آڏو ڪلاڪ اڌ لاڳيتو ويھڻ منھنجي لاءِ ناممڪن آھي. منھنجي لاءِ انھن ۾ ڪا ڪشش ناھي، پنھنجا ڊراما به صرف ھڪ ڀيرو ڏسندي آھيان. ھاڻي جڏھن اھو چيو وڃي ٿو ته مون کان بھتر ٽيلي پلي پاڪستان ۾ ٽيڪنيڪلي ڪو لکي ئي نٿو سگھي ته اھو صرف منھنجي سخت تصوراتي سگھه سبب آھي. آئون لکڻ کان اڳ اھي سمورا ڪردار پنھنجي تصور ۾ آڻيندي آھيان. آئون سمورا ڪردار وزيولائيز ڪندي آھيان. پنھنجو پاڻ کي ان سڄي ماحول (ڪھاڻي) جو حصو بڻائي ڇڏيندي آھيان. اھو ھارون رند ئي ھو، جنھن جنگل ٺاھيو ۽ ان جي ڪاميابيءَ کان پوءِ مان ته ڊرامن جي گھيري ۾ اچي وئي آھيان. جيتوڻيڪ انھن (پروڊيوسرن) کي مونکان اسڪرپٽ وٺڻ ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچن ٿيون ۽ سلطانه صديقه چواڻي ته انھن کي مان بيمار ڪري ڇڏڻ واري ليکڪا آھيان. سمورن شوبز وارن ماڻھن کي خبر آھي ته مان اسڪرپٽ حوالي ڪرڻ جي معاملي ۾ ڪيتري ڏکي آھيان. پر پوءِ به سدائين ڊراما لکرائي وٺن ٿا ۽ اھي اھڙو دٻاءُ پيدا ڪن ٿا جو مان چاھيندي به پنھنجي جند آجي نٿي ڪرائي سگھان. آئون بلڪل ڦاسي پئي آھيان.
سوال؛ انھن افواھن ۾ ڪيتري صداقت آھي ته جنگل ڊرامو بند ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي ڪجھه بااثر جاگيردارن ٽي وي انتظاميا تي دٻاءُ وڌو ھو؟
جواب؛ذاتي طور مونکي اھڙي ڪنھن واقعي يا دٻاءُ جي خبر ناھي، ممڪن آھي پي ٽي وي وارن کي خبر ھجي. مون ڪجھه اخبارن ۾ اھڙا بيان پڙھيا ھئا. باقي وڌيڪ ڪا خبر ناھي. ذاتي طور مونکي تڏھن ڪجھه مخالفن جو منھن ڏسڻو پيو جڏھن منھنجي ڪھاڻي (حويلي شريف) ھلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپي. ان کان وڌيڪ ڪنھن مخالفت جي مونکي خبر ناھي.
سوال؛ ڪنھن ٻئي ڊرامي تي به نه؟
جواب؛ نه نه اھڙي ڪا ڳالھه ئي نه ھئي. ان جي ابتڙ جنگل ڊرامي ته مون کي پنھنجي ماڻھن جي ويجھو آڻي ڇڏيو. اھو ته ٽي وي جو اھو زمانو ھو جڏھن اھڙن ڊرامن تي گھٽيون ويران ٿي وينديون ھيون. ھاڻي ته ڪيترائي چينل اچي ويا آھن ۽ اھي ريموٽ کي ھڪ ڇھاءُ سان ملي وڃن ٿا. پر ان دور ۾ ھليل جنگل ڊرامي مونکي پنھنجي ماڻھن وٽان اھڙي ڀرڀور موٽ ڏياري، جنھن لاءِ ڪيترائي ليکڪ پنھنجي حياتين ۾ دعائون گھرندا رھندا آھن. ان ڊرامي کان پوءِ ماڻھن مون کي ڇڪي پاڻ ڏانھن ڪيو ۽ پنھنجي ڏکن ۽ دردن کان وافق ڪيو. ان دوران ئي سنڌي فيوڊل سماج جي ڪجھه منفي ڪردارن به اچي اھو چيو ته اسان رڳو خراب ناھيون. اسان جي به ڳالھه (موقف) ٻڌو رڳو ھڪ طرفو نه لک. ھاڻ جڏھن مان ڏسان ٿي ته (جنگل) ٽيڪنيڪلي مون کي ڪمزور ڊرامو لڳي ٿو پر پوءِ به منھنجو بنياد اھوئي آھي. ھاڻي جيڪي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ منھنجا ڊراما اچڻ وارا آھن، اھي توھانکي ھر لحاظ کان بلڪل ئي مختلف لڳندا، ڇو ته ليکڪ کي ھڪ ھنڌ بيھي نه رھڻ کپي. پر ان کي گليشيئرز جيان ھجڻ کپي. جيڪو مٿان کان ھلندو ھڪ وڏي سمنڊ طرف وڃي. ڇو ته ھڪ ھنڌ بيھي رھڻ سان بدبوءِ پيدا ٿيندي آھي. ھونئن اھا ھر ليکڪ جي پنھنجي تخليقي سگھه سان راند به ٿئي ٿي. اھو ان تي دارومدار آھي ته ھو ڪيتري رسڪ کڻي ٿو. پنھنجو نالو شھرت ۽ ڪيريئر ڪيئن داءُ تي ھڻي ٿو ۽ پنھنجي تخليقي سگھه جي آزمائش وٺي ٿو.
سوال؛ توھان جي لکڻ وارو ڪيريئر ته ڏاڍو سادو ۽ سڌو سنئون لڳي ٿو پوءِ اھي افواھ ڪيئن مشھور ٿيا ته توھان جاگيرداري کان بغاوت ڪئي، جنھن جا سخت نتيجا ڀوڳيا ۽ تڪليفون . . .
جواب؛ (کلندي) ته اھڙي ڪا ڳالھه ڪونه ھئي. جئن اھا ڦھلائي وئي آھي ته وڏي ڪا جنگ لڳي ۽ مون وڃي ھٿيار کنيا. وڏي مزاحمتي ويڙھ ڪئي ۽ انقلاب اچي ويو. (کلندي) اھڙي ڪا به ڳالھه حقيقي زندگي ۾ ته مونسان ڪونه پيش آئي، ڇاھي ته اھو دور ھو جواني جو ۽ مون عصمت چغتائي وغيره کي پڙھڻ کان پوءِ ڪجھه خوفناڪ ڪھاڻيون لکي ورتيون، جيئن ته منھنجو تعلق فيوڊل گھراڻي سان آھي. ان ڪري منھنجي لکڻين تي شروع ۾ ٿيل ان تنقيد جو بظاھر ڪو خاص اثر نه پيو، ڇو ته اھا مون تائين پھچي ئي نه پئي. باقي منھنجي لکڻ دوران جيڪو منھنجي ماءُ روئندي ھئي اھو مون لاءِ تڪليف ده ۽ وڏو مسئلو ھوندو ھو. امڙ مذھبي خيالن واري ھجڻ ڪري شروع ۾ اھو سمجھندي ھئي ته منھنجي لکڻ سان ڪجھه نه ڪجھه مونکي نقصان ٿيندو. ان خيال سبب ھوءَ منھنجي لکڻ کان ڊڄندي ھئي. جڏھن به مان لکڻ ويھندي ھيس ته ھو روئڻ شروع ڪندي ھئي. منھنجي حق ۾ عبادت ڪري تحفظ لاءِ دعائون گھرندي ھئي. منھنجو والد کيس سمجھائيندو ھو ته ھن کي ڪجھه نه ٿيندو پر ھن کي يقين نه ايندوھو. امڙ مديني ۾ به وڃي اھي دعائون گھريون ته اھڙو ڪو معجزو ٿي پوي جو منھنجو لکڻ چڏائجي وڃي ۽ مان لکڻ واري عادت وساري ويھان. مان اڄ ڏينھن تائين ردي ٿيل پنو ڦاڙي ناھيان سگھندي. اھو منھنجي ماءُ سبب آھي ڇو ته جڏھن مان امڙ کان لڪي لکندي ھيس ته رف ٿيل پنو ڦاڙيندي نه ھيس ڇو ته پنو ڦاڙڻ جو آواز امان ٻڌي وٺندي ۽ کيس خبر پوندي ته مان لکان ٿي. وري ھوءَ روئڻ ويھندي، ان ڪري پني کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ھٿ ۾ ئي نپوڙي اڇلي ڇڏيندي ھيم. منھنجي لکڻ آڏو حقيقت م اھا ئي ھڪ ڏکوئيندڙ مخالفت ھئي. انھن ڏينھن ۾ منھنجو لکڻ اسان جي فيملي ۾ ناپسند ڪيو ويندو ھو ۽ ويجھا مائٽ به ان کي سٺو نه سمجھندا ھئا، ان ڪري امڙ ڪنھن خراب نتيجن نڪرڻ بابت ڊڄندي ھئي. جيتوڻيڪ پنھنجي لکڻين ڪري پنھنجي ماءُ کي تڪليف ۾ ڏسي مونکي ڏک ته ٿيندو ھو پر مان به ڇا ڪريان ھا؟ اھو دکدائڪ عرصو تيستائين جاري رھيو جيستائين جنگل ڊرامو ٽيليڪاسٽ ٿيو. اھو ٽي وي جي وڏي جادوئي اثر وارو دور ھو ۽ خود اسان جي فيوڊل فيملي ۾ وڏو بريڪ ٿرو ھو. فيملي وارا حيران ھئا ته ھڪ 25،26 سالن جي ڇوڪريءَ ڪيئن اھڙو بھترين ۽ 20 قسطن وارو ڊرامو لکي ورتو. جنگل سبب ئي مون ڏانھن منھنجي پوري فيملي جا رويا تبديل ٿي ويا. اھي مونکي وڌيڪ حيثيث ۽ اھميت ڏيڻ لڳا ۽ منھنجي ماءُ به پوءِ فخريه انداز ۾ پنھنجو تعارف ائين ڪرائڻ شروع ڪيو ته مان نورالھدى شاھ جي ماءُ آھيان. ھو اڃان تائين چوندي آھي ته ”اھڙو ڊرامو وري لک نه“ ھاڻي ھوءَ منھنجي لکڻ تي خوش ٿيندي آھي. جنگل کان پوءِ منھنجي خاندان به منھنجي لکڻ جي ھمت افزائي ڪئي ۽ توھان کي اھو به ٻڌائيندي ھلان ته منھنجو نالو خاندان جي شجري ۾ شامل ڪيو ويو آھي. اھو ته توھانکي خبر ھوندي ته فيوڊل فيمليز ۾ شجرو ڪيتري اھميت وارو ٿيندو آھي ۽ اھڙن خاندانن لاءِ عورتن کي شجري ۾ شامل ڪرڻ ڏکيو ھوندو آھي پر اسان جي خاندان ۾ ڊاڪٽر آفتاب ۽ منھنجو (ٻن عورتن) نالو شجري ۾ شامل ڪيو ويو آھي.جڏھن خانداني فيصلا ڪيا ويندا آھن ته اھو سمورو مردن جو ڪاروھنوار ھوندو آھي پر انھن فيصلن ۾ ھاڻي مون کي به ويھاريو ويندو آھي. مون کان به راءِ ورتي ويندي آھي.
سوال؛ اھا عوامي مڃتا جي ڳالھه ٿي پر ڇا توھان کي ڪڏھن ڪي سرڪاري ايوارڊ مليا آھن؟
جواب؛ ھڪڙي ڳالھه آئون واضع ڪندي ھلان ته حڪومتي عملدارن کان ٿيندڙ آڇون ۽ دعوتون مون ھميشه ٺڪرايون آھن. مان ته انھن فنڪشنز ۾ وڃڻ به ناپسند ڪندي آھيان، جتي ڪنھن سرڪاري وزير مشير کي مھمان ڪري گھرايو ويندو آھي. ھاڻي اھا ڳالھه ڪرڻ نه کپي پر مان توھان کي اھو به ٻڌايان ٿي ته مون وزيراعظم ھائوس کان آيل دعوت ناما ۽ ٽڪيٽون به واپس ڪيون ھونديون. مون ڪڏھن به حياتيءَ ۾ سرڪاري ٽڪيٽ تي سفر ناھي ڪيو. مون آڇن جي باوجود سرڪاري ادبي ادارن جون ڪرسيون قبول نه ڪيون ھونديون، ڇو ته ماڻھو پوءِ انھن ڪرسين جي گليمر ۾ اچي ڦاسي پوي ٿو. وڏين ڪرسين جي جڏھن ھير پئجي وڃي ٿي ته پوءِ انھن کي ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. پوءِ ماڻھو ڪيتريون مصلحتون منافقتون به ڪرسي خاطر ڪري وٺندو آھي. مان انھن شين کي پنھنجي ڪمزوري بڻائڻ نٿي چاھيان. ڇو ته جڏھن اھي شيون قبول ڪريون ٿا ته پوءِ توھان کي پنھنجي ڪمٽمينٽس کان ھٽڻو پوي ٿو. مون پنھنجي شھرت کي ڪڏھن به ڪيش ناھي ڪرايو. محفلن ۾ به مان اڳتي وڌي پنھنجو تعارف ڪنھن (معززين) سان ناھي ڪرايو. جيڪڏھن ڪير مون کي سڃاڻي ٿو، تڏھن به ٺيڪ، نٿو سڃاڻي تڏھن به منھنجي لاءِ ٺيڪ آھي.
سوال؛ توھان جي نقادن جو خيال آھي ته توھان پنھنجي لکڻين ۾ عورتن جي حالتن کي وڌائي چڙھائي پيش ڪيو آھي. ڇا توھان فيمينسٽ آھيو؟
جواب؛ پھرين ڳالھه ته عورتون اسان جي سماج ۾ وڌيڪ ھيسيل طبقو آھي ان ڪري مون انھن جي احساسن کي زبان ڏني آھي. باقي رھي ڳالھه فيمينسٽ جي ته، نه مان فيمينسٽ ناھيان. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ ڪجھه عورتن فيمينزم کي کل جوڳو بڻائي ڇڏيو آھي. پر مان سمجھان ٿي ته اسان پنھنجي سماج ۾ ان قسم جي نعريبازي افورڊ نٿا ڪري سگھون. ھڪ طرف اسان جو سڄو سماج ڀڇ ڊاھ جو شڪار لڳو پيو آھي ۽ افراتفري متل آھي ته ٻئي طرف ھي خيالي انقلابي ڏورانھين ڏيھن جي خيالن ۽ نظرين جو پرچار ڪن ٿا. ھڪ ليکڪ جي حيثيث ۾ منھنجو خيال آھي ته اسان جھڙن سماجن ۾ مرد ۽ عورتون ٻئي بدترين حالتن مان گذرن ٿا. جيڪڏھن ھڪ مرد کي روزگار نه ملندو ، پوليس ۽ فوجي چيڪ پوسٽن تي مارون ۽ تعديون برداشت ڪندو، ڪٿان ڪو انصاف نه ملندس ۽ ڏٻري صحت سندس نصيب بڻيل ھوندي ته اھو پنھنجي اندر جي باھ ڪڍڻ خاطر پنھنجي زال کي نه ڪٽيندو ته ٻيو ڇا ڪندو؟ سندس سڄي ڪاوڙ پاڻ کان ھيڻي طبقي عورت مٿان پئي ھوندي. اھو سڀ ڪجھه ھن سسٽم جي ڪري آھي ۽ ان نظام کي ڏوھي قرار ڏيڻ بدران جيڪڏھن فقط ھڪ جنس کي ٽارگيٽ بڻايو ويو ته ڪوبه گھربل مقصد پورو ٿي نه سگھندو. اھڙي جدوجھد ڪي به نتيجا ته ڪونه ڏئي سگھندي پر اجايو نقصان پيدا ڪندي.
سوال؛ لکڻ سان گڏ توھان ڪڏھن ڪڏھن روڊن رستن تي به احتجاج ڪندي نظر اينديون آھيو، سياست ڪرڻ جو ارادو آھي ڇا؟
جواب؛ اھا ڪا سياست ناھي، جڏھن به مان ڪنھن ناانصافي خلاف احتجاج ڪريان ٿي ته اھا سياست ڪونه ٿي ڪريان. جڏھن به سنڌ جي ماڻھن تي ڏکيا ڏينھن اچن ٿا ته مونکي سخت تڪليف پھچي ٿي. مان پنھنجي ماڻھن جي تڪليف کان پاڻ کي ڌار نٿي ڪري سگھان، ڇو ته منھنجو پاڙون انھن منجھه ئي اونھيون آھن، اھي منھنجا آھن ۽ مان انھن منجھان آھيان. ته پوءِ انھن جي حالتن کان ڪيئن ٿي اکيون ٻوٽي سگھان؟ اھا ڪا نعريبازي واري ڪميٽمينٽ ناھي، انھن جو تڪليفون ئي منھنجي ترجيح آھن ۽ مان پنھنجي ماڻھن کي شوبز جي چمڪندر دنيا کان وڌيڪ عزيز ۽ ويجھو سمجھان ٿي. ان ڪري ئي جڏھن به حالتن جي گھرج ٿئي ٿي، مان بنا ڪنھن پارٽي فرق جي احتجاج لاءِ رستن تي اچان ٿي. جڏھن منھنجو ڪردار وڌيڪ گھربل نٿو رھي تڏھن مان پنھنجي لکڻين ڏانھن موٽي اچان ٿي. جيتوڻيڪ ليکڪن مان اھو انقلاب جو رومانس ھاڻ ختم ٿي ويو آھي ۽ مان پاڻ به ڪو نعريباز ادب لکڻ نٿي چاھيان، پر وري به اھا منھنجي ڪمٽمنٽ آھي. اھا ڪمٽمينٽ ڪنھن خاص سياسي پارٽي يا نظرئي واري ڪمٽيمينٽ ناھي پر اھا ھڪ فطري ڪمٽمينٽ آھي.
سوال؛ ڪمٽمينٽ ڪنھن سان . . . . سنڌ سان؟
جواب؛ منھنجي ڪمٽمينٽ رڳو سنڌ تائين محدود ناھي پر اھا سڄي انسانذات ۽ پنھنجي پاڻ سان به آھي پر وري به اوليت سنڌ کي آھي.
سوال؛ جڏھن توھان سنڌ سان ڪمٽمينٽ جا ڳالھه ڪريو ٿيون ته ھاڻوڪين حالتن بابت توھان جو ڇا خيال آھي، حڪمران سنڌ سان ڪھڙو ورتاءُ پيا ڪن. ڇا اھو ماضي جو ڪو تسلسل ته ناھي؟
جواب: ممڪن آھي ٻيو ڪو مونسان اختلاف رکي پر مان سمجھان ٿي ته سنڌ سان جيڪا روش روا رکي پئي وڃي. اھا ان ذھنيت جو تسلسل آھي، جنھن ۾ سنڌين کي گھوڙن ۽ گڏھن وارا ماڻھو ڪوٺيو ويو ھو. سنڌ سان ھاڻوڪو ورتاءُ ڪو نئون ناھي، صرف چھرا بدليا آھن. رويا ساڳيا آھن.
سوال؛ ڇا توھان کي ضياءَ ۽ مشرف دور جي سنڌ ڏانھن رويي ۾ ڪو فرق محسوس ٿئي ٿو؟
جواب؛ اھڙي ته ڪا ڳالھه نه ٿي آھي، جنھن اھو فرق واضع ڪيو ھجي ۽ اسان چئون ٿا ته مشرف اچي سنڌ کي ساھ پٽڻ ڏنو آھي. باقي ٻي ڪا تبديلي محسوس ناھي ٿي، سنڌ متعلق منصوبا ۽ پاليسيون سموريون ساڳيون آھن. اسان ڪڏھن به ڪنھن به دور ۾ سک جو ساھ ناھي کنيو. اھي ھڪ يا ٻن ماڻھن نه پر پوري ھڪ قوم کي ديوار سان لڳائي رھيا آھن. اھڙين حالتن ۾ مان جڏھن پنجاب ڏانھن ڏسان ٿي ته انھن جو رويو ڏاڍي تڪليف ڏئي ٿو. يعني پنجاب جا سمورا ماڻھو شاعرن، ليکڪن، صحافين ۽ دانشورن سميت سڀ خاموش آھن. انھن کي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ نظر ئي نٿي اچي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر اھي غاصبن سان گڏ ڇو بيٺا آھن؟ مان اھو چوڻ حق بجانب آھيان ته اھي باشعور ماڻھو پنجاب جي استحصال جي پٺڀرائي ڪن ٿا. جڏھن اھي ٻين قومن جي زندگي ۽ موت وارن مسئلن تي خاموش ھجن ٿا ته پوءِ اھي به اھڙي ئي بي واجبي ڪن ٿا جيڪا سگھارا ادارا يا ڪو ٻيو ادارو اسان سان ڪري ٿو. ھڪڙي طرف سڄي قوم ڏڪار کي منھن پئي ڏئي ته ٻئي پاسي ھن ميڊيا واري جديد دور ۾ پنجابي دانشور مڪمل بي خبر بڻيل آھن. ائين ناھي ته انھن کي خبر ناھي. انھن کي سڀ خبر پوي ٿي پر ھو ڄاڻي واڻي ڪو تحرڪ نٿا وٺن.
سوال؛ ھر ليکڪ ڪجھه مخصوص موضوعن تي بار بار لکڻ چاھيندو آھي. توھان لاءِ اھڙو ڪھڙو موضوع آھي جنھن تي گھڻو ۽ بار بار لکڻ چاھيو؟
جواب؛ اڄڪلھه مان ماڻھو جي اندروني ڪيفيتين کي سمجھڻ ۽ لکڻ چاھيان ٿي. ماڻھوءَ جي اندرونيءَ دنيا به ھڪ سمنڊ جيان آھي. مان ان سمنڊ ۾ گھڙڻ جي ڪوشش پئي ڪريان ته جيئن ماڻھوءَ جا اندروني احساس ۽ ڪيفيتون لکي سگھان.
سوال؛ ڇا توھان ڪو ناول لکڻ چاھيو ٿيون؟
جواب: اوھ . . . . . .ضرور . . . . . . . اصل ۾ ڪجھه سال اڳ مون ھڪ ناول تي ڪم ڪيو ھو پر ڊرامن جي ڪري ان کي مڪمل نه ڪري سگھي آھيان. (کلندي) اھي ڊراما ته ھاڻي منھنجي پچر ئي نٿا ڇڏين ۽ نه ئي ڪو سنجيدھ ڪم ڪرڻ ٿاڏين. مان ذاتي طور ان خيال جي آھيان ته ادب جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ ڊرامي جي حياتي تمام مختصر آھي. مان اھو ڪجھه لکڻ چاھيان ٿي، جيڪو مونکي لکڻ کپي. پر ھنن ڊرامن اھڙو منجھائي وڌو آھي جو انھن مان جند ئي نٿي ڇڏائي سگھان.