ڪارٽون اشو، صدر بش، ۽ جنرل مشرف جي مقبوليت!
اھو ڪيئن ممڪن آھي، جو اھي جيڪي پنھنجي ملڪ ۾ جمھوريت جي قيام لاءِ جدوجھد ڪرڻ بدران وري به آمريڪا وارن کي ئي منٿ ميڙ ڪن ٿيون، سي دنيا جي اڪيلي سپر پاور جي صدر خلاف پنھنجي ملڪ ۾ احتجاج جو علم بلند ڪري سگھن. جيئن صدر پرويز مشرف ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ صدر بش کي ڪو ڪردار نڀائڻ جو چوندو رھي ٿو. ايئن ئي اسان جون سياسي پارٽيون ملڪ ۾ جمھوريت جي بحاليءَ صدر بش کي ڪو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چونديون رھيون آھن. ھڪ لحاظ کان آمريڪي صدر بش جو پاڪستان جو دورو سياسي پارٽين لاءِ امتحان جي گھڙي به ھو ته نيٺ ھو ڪنھن جي نظرن ۾ پاڻ کي بچائين؟ عوام جي نظرن ۾ يا آمريڪا جي نظرن ۾. ساڳيو حال اسان جي سياسي پارٽين جو به آھي، جو ھن مھل کڻي انھن جو وڏي ۾ وڏو دشمن آمريڪا ھجي، پر جڏھن اڃان سوويت يونين جو زوال نه ٿيو ھو، تڏھن آمريڪا ئي انھن جو وڏي ۾ وڏو دوست رھيو آھي. جنھن دوست انھن مذھبي جماعتن جي مدد سان سوويت يونين کي افغانستان کان اڳتي وڌڻ نه ڏنو. مطلب ته اسانجي سياسي توڙي مذھبي پارٽين جا رموٽ ڪنٽرول نه رڳو اڳ ۾ آمريڪا جي ھٿ وس رھيا آھن، پر ھن مھل به ڪافي معاملن تي رموٽ ڪنٽرول وري آمريڪا جي ئي ھٿ ۾ آھي.
اھا خبر ته صدارتي ڪئمپ جي فني سياسي ماھرن کي ھوندي ته اھا ڪھڙي سروي پڌري ٿي آھي، جنھن موجب جنرل پرويز مشرف اڃان تائين ملڪ جو مقبول صدر بڻيل آھي ۽ فوج جو سربراھ ھجڻ ته ھن جي سرڪاري نوڪري آھي ۽ اھو ڪھڙو منطق ٿيو جو ھڪ سرڪاري ملازم گذريل 6 سالن کان به وڌيڪ عرصي کان ملڪ جو اھڙو صدر بڻيل آھي، جنھن جي ڇانو ۾ خود وزيراعظم به گھٽ اختيارن وارو وزيراعظم پيو لڳي. باوردي صدر جي عوامي مقبوليت جو اندازو به خود صدر کي پاڻ ئي آھي. جنھن برطانوي ٽي وي چئنل اسڪاءِ نيوز کي انٽرويو ڏيندي پھريون ڀيرو اھو واعدي جھڙو اعلان ڪيو آھي ته عوامي مقبوليت نه رھي ته اقتدار ڇڏي ڏيندس. اھو بيان ڪمانڊو ٽريننگ يافته صدر جي ارادن جي ڪمزوري ڪيتري ظاھر ڪري ٿو. ان جو ذڪر ته بعد ۾ ڪنداسين پر پھريان اچون ٿا اردو جي محاوري ”ٽوپي پارائڻ“ طرف اردوءَ ۾ ان محاوري جو مقصد آھي ڪنھن کي بيوقوف بڻائي پنھنجو مفاد حاصل ڪرڻ، جنھن کي ٽوپي پارائڻ چيو وڃي ٿو. ھونئن ته بازارن ۾ ڪيترائي ھوشيار روزانو لاتعداد ماڻھن کي ٽوپي پارائيندا رھن ٿا ڪجھه ماڻھن کي حيرانگي ان ڳالھه تي به آھي ته ملڪ جي حڪمران پرڏيھي ميڊيا کي ڪيئن نه مزي سان ويٺي ٽوپي پارائڻ مون بندوق جي زور تي پاڻ کي ٿوروئي چونڊرايو. مان اسيمبلي ميمبرن کي پسند ھئس انھن مونکي پاڻ چونڊيو. اھا پسند ۽ راضپو به اھڙو آھي، جھڙو ڳوٺاڻي ڇوڪري جي نڪاح دوران ھوندو آھي.
ٽوپي ته مغرب کي اھا به پارائي وئي ته پاڪستان جھادين جي نرسري ناھي. نالي خاطر اھڙين تنظيمن تي پاپندي مڙھي ويئي. جيڪي مبينا طور ڪراچي، لاھور، روالپنڊي، حيدرآباس سميت مختلف شھرن ۾ دفتر کولي سرعام ھٿياربند جدوجھد جي ٽريننگ جا پروگرام ڪنديون ھيون، ڄڻ 3 مھينن وارا آءِ ٽي ڪورس ڪرائيندا ھجن. انھن پاپندي پيل تنظيمن جي چندي وٺڻ تي بندش وڌي ويئي ۽ وڏن شھرن جي لڳ ڀڳ ھر دڪان جي ڪائونٽرن تان اھي چندا پيتيون ھٽايون ويون جيڪي جھادي تنظيمن جا ڪارڪن رکي ويندا ھئا. انھن سمورين ڪوششن کان پوءِ مغربي ملڪن کي اھا ”ٽوپي“ پارائي وئي ته پاڪستان م جھادي تنظيمن جو صفايو ڪيو ويو آھي. ھاڻي اھي تنظيمون ٻيھر ڪر کڻي نه سگھنديون، پر 8 آڪٽوبر جي زلزلي سندن اھڙين دعوائن کي ائين وائکو ڪيو، جو ڪشمير ۾ ھر جڳھه تي پاپندي پيل جيش محمد ۽ لشڪر طيبه جا ڪارڪن امدادي سرگرمين ۾ مصروف نظر آيا. اھڙين رپورٽن کان پوءِ خود مقبول صدر آمريڪي ٽي ويءَ کي ٻڌايو ته اھي تنظيمون نالا بدلي ڪري چڪيون آھن ۽ في الحال امدادي سرگرميون ڪن ٿيون. ڪا به ھٿيار بند سرگرمي ٿي ته سختيءَ سان منھن ڏبو. اھا سختي آمريڪين کي اڃان تائين نظر نه اچي سگھي آھي، جنھن ڪري اسان جي مقبول صدر جي سمورين خدمتن جي باوجود آمريڪي عملدار جو اھو ئي اسرار رھي ٿو ته ”اڃان ڪجھه وڌيڪ ۽ اھم ڪم ڪريو.“
ھاڻي جڏھن اڪيلي سپر پاور جو چڱو مڙس بش به اچي رھيو آھي ته توقع اھا ئي رکي پئي وڃي ته ھو به ان جھڙو يا ساڳيو اھوئي اسرار ڪندو ته ”جھادين خلاف جنگ ۾ اڃا ڪجھه وڌيڪ اڳڀرا ٿيو، نه ته باجوڙ جھڙيون ڪاروايون ته اسان پاڻ به ڪري سگھون ٿا.“ ان ڏينھن ڪنھن پڇيو پئي ته ڇا اسلام آباد جي دوري دوران آمريڪي صدر بش کان باجوڙ واقعي تي معافيءَ جو مطالبو ڪيو ويندو ته مون ئي پاڪستان جي پرڏيھي کاتي جي ترجمان جي اھا وضاحت ياد آئي، جنھن ۾ ھن واضع ڪيو ھو ته اسلام آباد پاران باجوڙ واقعي تي واشنگٽن کان معافي جو مطالبو نه ڪيو ويو آھي. اسان صرف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ پئي چاھيو.
اھا ته خبر ناھي ته پاڪستان ۾ بش جي دوري دوران اھڙا مظاھرا به ٿيندا الاءِ نه جھڙا انڊيا جي دوري داون ٿيا آھن، جتي لکين ماڻھن دھليءَ ۾ گڏجي کيس چيو آھي ته ”بش واپس ھليو وڃ.“ انڊيا ۾ اھي مظاھرا ته کاٻي ڌر جي سياسي پارٽين ۽ ڪجھه مسلمانن پارٽين ڪيا آھن. پر ڏسجي ته پاڪستان ۾ اھڙن نعرن وارا مظاھرا ڪير ٿو ڪري ڇو ته اڄڪلھه پاڪستان ۾ ڪارٽون سياست ان حد تائين سرگرم ٿي چڪي آھي جو خود مشرف کي انديشو آھي ته اھي احتجاج جيڪڏھن جاري رھيا ته سندس مظبوط حڪومت غير مستحڪم بڻجي ويندي، اھڙيون ڳالھيون آمريڪي ٽي وي اي پي سي نيوز کي انٽرويو ڏيندي به ڪيون آھن. پر اھم ڳالھه اھا به سمجھي پئي وڃي ته اھڙيون ڳالھيون ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ به ٿيون آھن، جنھن ۾ مشرف کي اھو به ٻڌندي ٻڌو ويو آھي ته توھين رسالت خلاف احتجاج جي آڙ ۾ منھنجي حڪومت ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سياسي ۽ ذاتي مفادن لاءِ عوام کي ڀڙڪائيندڙ اڳواڻن کي لغام ڏنو ويندو. سوال اھو آھي ته پرويز مشرف جو اھو اشارو ڪھڙي سياسي اڳواڻن ڏانھن آھي، ڇو ته پيپلز پارٽي نواز ليگ جا اڳواڻ ته ھن جي مٿي جو سور ڪونه بڻيا آھن، نه ئي متحده جي الطاف ڀائي سان سندس ڪا اڻبڻت ٿي آھي ته پوءِ ڪنھن کي لغام ڏيڻ جون ڳالھيون پيا ڪن؟ ڇا قاضي حسين احمد ۽ مولانا فضل الرحمان اچي ھنن جي مٿي جو سور بڻيا آھن، يا وقت جي چرپر کين ٻڌائي ڇڏيو آھي، ته گھڻو ٿيو. ھاڻي ماڻھو اعتدال پسند روشن خياليءَ جي طويل دعوائن منجھان بيزار آھن.
اھا حڪمرانن منجھان عوامي بيزارگي ۽ ڪاوڙ جي ئي نشاني ھئي، جڏھن لاھور ٻري اٿيو. اھو اڳواٽ علم ۾ ڪنھن کي به ڪونه ھو ته تحفظ نامون رسالت صه جي ميزباني ھيٺ نڪرندڙ اھا احتجاجي ريلي ان حد تائين پرتشدد بڻجي ويندي جو ان جو متن ڪور ڪمانڊوز ڪانفرنس ۾ به ڪنھن نئين ترجمي سان پڙھيو ويندو، پرڏيھي تجزيه نگار اڃان تائين حيرانگيءَ مان پڇندا رھن ٿا ته اھو ڪھڙو اڳواڻ ھو، جنھن جي سڏ تي لاھور ۾ ايترا شديد احتجاج ٿيا، جو تاريخ ۾ شايد پھريون ڀيرو پنجاب اسيمبليءَ جي عمارت کي به باھ ڏني وئي. پر ان اڳواڻ ۽ سندس جذباتي ڪارڪنن بابت اڃان تائين ڪا ڳالھه ايتري مقبول نه ٿي سگھي آھي، جيتري مقبوليت ان کانپوءَ وارن ٿيندڙ احتجاجن جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻن جي ٿي آھي حالانڪه اھو ساڳيو لاھور آھي، جتي ماضيءَ ۾ پنجاب جي شينھن طور مشھور شھباز شريف واپس اچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس انتظاميا اھڙو تڪڙو آپريشن ڪيو جو خود ميڊيا جي ھڪ فليش جيتري چرپر به نه ٿي سگھي. لاھور ته اھو ئي ساڳيو آھي، جتي پ پ سربراھ بينظير ڀٽو جي ان مڙس آصف علي زرداريءَ به لھڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي ڪجھه نادان دوستن اھو باور ڪرايو ھو ته چند سال جيل ڀوڳڻ کان پوءِ ھاڻي ھو پاڪستان جو نيلسن منڊيلا بڻجي ٻاھر آيو آھي. سندس استقبال لاءِ لاھور اٿلي پوندو، پر آصف جي استقبال لاءِ سنڌ مان ويل عورت توڙي مرد ڪارڪنن ڪيئن لاھور جي روڊن تي لٺيون کاڌيون اھو ذڪر به ميڊيا ۾ اچي چڪو آھي. ملڪ جي ٻن اھم ۽ وڏين پارٽين جي احتجاج کان پوءِ جيڪو مضبوط مرد نه ڊڄي سگھيو، ان کي ھاڻي ڪھڙي کٽڪي کنيو آھي ته سندس خلاف ڪارٽونن جي آڙ ۾ سازش پئي ٿئي؟
شايد ھو پاڪستان جي لاھن چاڙھين واري سياسي تاريخ کي دھرائجندي ڏسي ٿو يا کيس پرڏيھي طاقتن کي ڪا نئين ”ٽوپي“ پارائڻ جي ضرورت پيش آئي آھي. ملڪ ۾ کنڊ ته ھاڻي به مھانگي بڻيل آھي. پر چون ٿا ته ايوب خان جي زماني ۾ جڏھن کنڊ مھانگي ٿئي ته ماڻھو مڇرجي روڊن تي اچي ويا ۽ ايوب جي ھوتي وزير کي “جيئي چور“ چوڻ لڳا. حالانڪه ايوب خان ملڪ ۾ بنيادي جمھوريتن جو نظام ڏنو، امن امان اھڙو قائم ڪيو، جنھن جا مثال اڄ ڏينھن تائين پوڙھا ماڻھو ڏيندا رھن ٿا. پر ان جي ھڪڙي خرابي بلڪه بنيادي خرابي اھا ھئي ته ھو فوجي ڊڪٽيٽر ھو ۽ ڪوبه ڊڪٽيٽر آسانيءَ سان اقتدار جي جان نه ڇڏيندو آھي، ساڳيو ئي مسئلو اسان جي ”مقبول“ صدر سان آھي، جيڪو سول ڊريس ۾ روشن خيالي ۽ اعتدال پسنديءَ جو نعرو ھڻي ميدان ۾ لٿو، پر ھاڻي کيس راند ختم ٿيندي نظر پئي اچي. پر سوال اھو آھي ته ان راند جي پڄاڻي ڪير ڪندو، منصوره ۾ قيد قاضي حسين احمد پاڻ مرادو جلاوطني گذاريندڙ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف توھين رسالت وارن خاڪن خلاف جيڪو ممڻ متو آھي ، اھو صرف ڊينمارڪ يا مغربي ملڪن خلاف ناھي. اھو ته نظام حڪومت کان بيزارگي ۽ ڪاوڙ جو اظھار به آھي. عوام ته ممڻ مچايو آھي پر بدقسمتي سان انھن جي ترجماني ڪرڻ لاءِ ڪو مقبول عوامي ليڊر وچ ۾ پوڻ نٿو چاھي. صدر پرويز مشرف جي گھڻين خوشقسمتين منھجھان ھڪ خوشقسمتي اھا به آھي ته کيس اھڙي اپوزيشن نه ملي جھڙي جنرل ضياءُ يا ايوب کي ملي. ھن کي ته اھڙي نرم لھجي واري سھميل ۽ ھيسل اپوزيشن ملي، جيڪا اڃان تائين ڊيل ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ بابت ترديدون ڪندي رھي ٿي، اپوزيشن جي اھڙن عملن سبب ئي گھڻا انگريزي ڪالم نگار ھاڻي مخالف ڌر جي جماعتن جي اتحا اي آر ڊي کي ڪاغذي اتحاد لکندا رھن ٿا. آخر اھڙن اڳواڻن جي آسري تي خلق خدا ڪيئن پاڻ کي مشرف مخالف تحريڪ جي آڙاھ ۾ اڇلي، مخالف ڌر جو جماعتون جيڪڏھن ھاڻي به خاموشيءَ سان رسمي احتجاج ڪنديون رھيون ته پوءِ وقت سندن ھٿن مان شايد کسڪي وڃي. عوامي ڪاوڙ کي فوجي حڪمرانن خلاف تحريڪ ۾ تبديلي ڪرڻ جو ھنر شايد ھن جي ھٿن مان ڇڏائجي چڪو آھي، تڏھن ئي مشرف اڃان تائين مقبول صدر ھئڻ جو دعويدار آھي.