ڪرمنل قبيلا ۽ سرچ آپريشن
بقاپور کي آباد ٿئي اڃا ڪجھه ئي مھينا گذريا ھئا ته اھلڪارن اچي ان ڳوٺ کي ڪڙو چارھيو ۽ مقامي پوليس به طلب ڪئي. ”اسان کان وڌيڪ توھان کي ڄاڻ ھوندي ته بقاپور ڏوھارين جو ڳڙھ بڻجي چڪو ھو شھرن مان ڦڙجندڙ سائيڪلون، موٽرسائيڪلون گاڏيون ۽ ٻيون وارداتون ڏوھاري ھن ڳوٺ مان ويھي ڪندا ھئا. اسان سندن پاڙ پٽي ڇڏي آھي“ ونگ ڪمانڊر پنھنجي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏيءَ جو شيشو ھيٺ ڪري چوڻ لڳو ته لاڙڪاڻي جي دوزخ جھڙي گرميءَ کان بچڻ لاءِ ھن تڪڙ ۾ شيشو واپس مٿي چاڙھي ڇڏيو. سرچ آپريشن واري ڏينھن اھلڪارن جي سرگرمي لاڙڪاڻي ڀرسان ئي جنگي سلامتي جھڙي ھئي بقاپور ايندڙ رستا ته ھر طرف کان سيلڪيا ويا ھئا. گھر گھر جي به تلاشي ڪئي وئي ھئي. پر سڀ کان ڏکيو ڪم شايد 10 ايڪڙ پاڻي ۾ لڪل ھٿيار ڳولھڻ ھو. اھو ڪم شروع ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي جوانن سرانجام ڏنو. پر شام ڌاري صرف لاڙڪاڻو پوليس جا سپاھي پاڻيءَ ۾ لٿل نظر آيا. بقاپور ۾ صبح کان سرچ آپريشن وارو تماشو جاري ھو، جنھن کي بار بار ڏسڻ کان پوءِ شام ڌاري آخري چڪر ھڻڻ وياسين ته جيئن ڏسي سگھجي ته ”سنگت“ وڃڻ جا سانباھا پئي ڪري يا رات ترسندي؟ ايئرپورٽ روڊ کان بقاپور طرف ويندڙ روڊ تي واقع پيٽرول پمپ ان وقت اھلڪارن جو مرڪز بڻيل ھو، پمپ ڀرسان تعمير ٿيل ٽن خالي دڪانن جا شٽر مٿي ڪري سوين ماڻھن کي انھن ۾ اندر ۽ ٻاھر ويھاريو ويو ھو، جنھن وقت آئون انھن دڪانن وٽ پھتس ته اکيون ٻڌي زمين تي ويھاريل ڳوٺاڻن اڳيان چار پلاسٽڪ جون ڪرسيون پيل ھيون، جن تي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا عملدار ۽ لاڙڪاڻو پوليس جو ھڪ اي ايس پي ويٺل ھئا. انھن سوين ماڻھن جو پٺيون اگھاڙيون، اکيون ٻڌل ۽ ڪنڌ ھيٺ جھڪيل ھئا. ڪرسين تي ويٺل صاحبان اکيون ٻڌل ماڻھن کي پٺي ڏئي سامھون پاڻيءَ مان ٿيندڙ ھٿيارن جي تلاش ڏسي رھيا ھئا. ھنن ڪرسي گھرائي مون کي ويھڻ جي آڇ ڪئي پر آئون بيٺو ئي رھيس ۽ اتان ھليو وڃڻ جو سوچي رھيو ھئس. مون شايد ان منظر کان اکيون چورائڻ پئي چاھيون، پر منھنجي ٻي مجبوري ھئي. جنھن جي ڪري ڳوٺاڻن جي اھا ذلت مون کي پنھنجي ئي اکين سان ڏسڻي ھئي.
ان سرچ آپريشن دوران رينجرز شايد پنھنجي اندازي کان وڌيڪ ماڻھو گرفتار ڪري ورتا، جنھن ڪري انھن ڪنڌ جھڪيل اکيون ٻڌل ماڻھن کي ڪيمپ تائين پھچائڻ لاءِ گاڏين ۾ چڙھڻ لاءِ چيو ويو. ان گھڙيءَ ھڪ نوجوان کين گذارش ڪئي ته اھا سائيڪل اڃا روڊ تي پئي ھوندي، جنھن تي چڙھي ھو شھر کان ڳوٺ ايندي سوگھو ٿيو، کيس اھا سائيڪل کڻڻ ڏيو. پر مفتوح ماڻھن جون ڪھڙيون فرمائشون پوريون ٿين ٿيون.کيس به کنڀي کڻي وڃي گاڏي ۾ سٿيو ويو.
ان سموري دليرانه ڪاروائي جي بريفينگ نه، پر فوٽو سيشن لاءِ جڏھن اسان کي رينجرز لاڙڪاڻي جي ھيڊڪواٽر گھرايو ويو ته عام ماڻھن جا ھجوم به ٻاھران بيٺل ھئا. ڄڻ ڪنھن مقبول شخصيت جي ڪورٽ ۾ شنوائي ھجي. نام نھاد ڏوھارين وٽان پڪڙيل ھٿيارن سان گڏ ڊي پي او ۽ ٻين عملدارن بيھي فوٽو ڪڍرايا. اسان کانئن اجازت وٺي ٻاھر آياسين ته ھجوم ڳالھين جو سمنڊ بڻجي پيو. ھڪ چيو ته ”اسان جو ٻنھي ڌرين سان واسطو ناھي، تڏھن به اسان جا 6 ماڻھو وٺي ويا آھن، اسان ابڙا به ناھيون، مھر آھيون، تڏھن نه نٿا ڇڏين.“ ٻئي چيو ته ”اسان جا ھمراھ پن مان ٻوري چونڊي ان ۾ مٺاڻ ملائي وڪڻندا آھن. اھا ٻُوري چونڊڻ ويا ته گرفتار ٿي ويا“ ٽئين ٻڌايو ته ”اسان جا ھمراھ آھن بيگناھ، اھي سامھون زمين ٿي ويٺا اٿو توھان ئي ڪجھه ڪريو.“ اھي ڳالھيون ورجائيندا رھيا. لڳو ڄڻ ڳالھه ساڳي صرف آواز بدلجندا پئي ويا. ڏوھاري سرگرمين قبيلائي جھيڙن ۽ سرچ آپريشن سبب بقاپور ايترا دفعا ته ميڊيا ۾ دھرائجي چڪو آھي جو ھاڻي اھو ڳوٺ پنھنجي سڃاڻپ پاڻ بڻجي چڪو آھي ۽ اھو لکڻ ئي فضول ٿو لڳي ته لاڙڪاڻي ڀرسان ھڪ ڳوٺ بقاپور ۾ ھينئن ٿيو. ”بقاپور جي توھان کي خبر ناھي؟ ڪھڙو ڏوھ آھي جيڪو شھر مان ٿيو ھجي ۽ بقاپور مان ھٿ نه آيو ھجي. پوءِ به توھان انھن کي مظلوم ڪري ٿا پيش ڪريو.“ پوليس جي ھڪ سينئير عملدار چيو.
پر لاڙڪاڻي جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ بقاپور جو ھاڻي اھو دور ڪٿي جڏھن بقاپور جا ابڙا ممبئي جي ڀائي لوگن جيان نياپي تي چندو اوڳاڙيندا ھئا. لاڙڪاڻي شھر جي ڪجھه علائقن ۾ ته بقاپور جو ابڙو سڏرائڻ ئي دھشت ڦھلائڻ برابر ھو، پر ھاڻي ان ڳوٺ کي اھڙو ته ويراني وڪوڙي وئي آھي جو بقاپور ۾ ڪنھن کي به ڇانورو نصيب نٿو ٿئي. ڪجھه ماڻھن ان ڳوٺ کي ٻيھر وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سُڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويا. ”ابا اسان ٻنھي ڌرين جي خير گھرڻ وارا، نه ابڙا، نه انڙ، اسان پاڻ ماڇي (سولنگي) تڏھن به اسان جي مردن کي وٺي ويا آھن.“ بقاپور ۾ سولنگي برادري جي ھڪ عورت چيو. ھوءَ سرچ آپريشن کان ان ڪري به ھيسيل ھئي جو صبح جو اڃان سندن ٻارڙن به ننڊ مان اکيون نه کوليون ھيون ته قانون لاڳو ڪندڙ ۽ پوليس سندن گھرن اندر پھچي چڪي ھئي. پوليس ڇاپن دوران اھلڪارن پاران گھرن ۾ گھڙڻ دوران جيڪا دھشت پيدا ٿئي ٿي اھا معصوم ٻارڙن ۽ عورتن تي گھرا اثر ڇڏي ٿي. پر اھا دھشت پوڙھن کي به نٿي بخشي، حالانڪه بقاپور جو سرچ آپريشن ٻن نابين ڀائرن پنھنجي اکين سان ڪونه ڏٺو پر ان جي دھشت ايتري ھئي جو سرچ آپريشن جي ٻئي ڏينھن ٻئي نابين ڀائر سامان گڏھ گاڏين تي کڻي ڳوٺ مان لڏي ويا.
جنھن موسٽ وانٽيڊ ماڻھو خاطر بقاپور ۾ اھو آپريشن ڪيو ويو، سو پيرل ابڙو چيو وڃي ٿو. رينجرز ۽ پوليس جي اٽالن کان ھو ڪيئن بچي ڳوٺ مان نڪتو. اھو ته جڏھن مليو تڏھن پڇندومانس، پر آپريشن جي وٺ پڪڙ کان پوءِ ھن مون کي فون ڪيو پيرل جو چوڻ ھو ته اسان ڏوھاري ناھيون باقي ذاتي دشمني سبب خون ٿيل آھن، ذاتي جھيڙن سبب روپوش آھيون.“ جڏھن کيس پوليس آڏو پيش پوڻ جي صلاح ڏنم ته ھن پوليس مٿان بي اعتماديءَ جو اظھار ڪيو. ”اسان مرد سڀ روپوش آھيون، گھرن ۾ صرف عورتون ويٺل آھن. مون کي گرفتار ڪري پوءِ منھنجا ننڍا ٻار ماريندا ڇا؟“ پيرل چيو، پيرل ابڙي جي ڳالھين کان وڌيڪ مون کي سندس آس پاس موجودگيءَ تي حيرانگي ٿي. قانون لاڳو ڪندڙ ۽ لاڙڪاڻو پوليس جنھن ماڻھو لاءِ جنگي علائقي جھڙو سرچ آپريشن ڪيو، سو ھتي ئي ڪٿي آس پاس ويٺل ھو، پر کين سندس موجودگيءَ بابت ڪا ڄاڻ نه ھئي. سا ڳالھه عام ماڻھو مڃڻ لاءِ تيار ئي ناھن. عام ماڻھن کي ڇڏي جيڪڏھن واقعي اھلڪارن کي پيرل جي موجودگيءَ جي پڪ نه ھئي ته اھڙو دھشت ڦھلائيندڙ سرچ آپريشن ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ بقاپور جي ڪرمنل قبيلن سان گڏ عام ماڻھو جيترو خوار ٿيا. ڇا اھڙي خواري کان پوءِ ھو پنھنجي ملڪ جي سيڪورٽي فورسز سان محبت ڪرڻ سکندا؟ ڇا سندن ضمير ڪڏھن کين انھن فورسز تي اعتماد ڪرڻ جي اجازت ڏيندو؟ مون کي ته بقاپور جي نئين نسل بابت فڪر آھي. جن سدائين سرچ آپريشن ڏسي اکيون کوليون آھن. جن سدائين پنھنجي وڏن جي ھٿن ۾ ھٿيار ۽ دشمنيون ڏٺيون.
ان نسل ته بيگاھ وقت تي پنھنجي گھرن ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نوجوانن کي ڇاپا ھڻندي ڏٺو. بقاپور جي ان نسل ڪڏھن اسڪول جو منھن ناھي ڏٺو. ھنن جي اڪثريت کي اھا خبر ناھي ته ڌاڙيل يا پوليس کان سواءِ پڙھي ڪو ڊاڪٽر يا پروفيسر به ٿبو آھي، ڇو ته سندن ڳوٺ جي نئين اڀرندڙ نسل منجھان خطرو آھي. اھڙن سرچ آپريشنن جي مھربانين سان ڪٿي ھو وڌيڪ رھزن ڏوھاري ٿي نه نڪرن.