خيابانِ سحر جو خاموش مري
مون سوچيو ڇا ان ئي گھر ۾ بلوچستان جو اھو ”باغي“ سردار رھائش پذير آھي، جنھن جي ھڪ کان سواءِ باقي سمورن پٽن تي بلوچستان لبريشن آرمي نالي ھٿياربند جدوجھد جاري رکڻ جو الزام آھي.
مان پنھنجي پشاور کان آيل ساٿي عبدالحئي ڪاڪڙ سان گڏ مک دروازي منجھان اندر داخل ٿيس ته بنگليجي ملازمن منھنجي ھٿ ۾ کنيل بيگ ڏانھن اشارو ڪندي چيو ته ”اھو سامان ٻاھر رکيون وڃون، نواب صاحب ڳالھه ٻولھه ڪرڻ تي راضي ٿيو آھي توھان کي ڪمري اندر توھان جو سامان ملي ويندو.“ جديد انداز ۾ تعمير ٿيل بنگلي جي سرسبز باغيچي ۾ بلوچي انداز جو خيمو کوڙيل ھو. خيمي اندر ڏھاڪو کن ھمراھن جي ويھڻ جي بندوبست ڪيل ھو، ڪجھه ئي لمحن کان پوءِ اسان کي ان ڪمري اندر سڏايو ويو، جتي نواب خيربخش مري ڪيترن ئي ورھين جي خاموشيءَ کانپوءِ ھڪ نموني جي ڪچھري لڳائي ملڻ لاءِ ايندڙن سان ڪجھه درد ونڊي ٿو.
نواب مري جي ڪشادي ڪمري اندر به ھڪ طرح بلوچستان بڻايل ھو، ڪمري جي ٻن ڪنڊن ۾ رکيل پھاڙين جي مجسمن مٿان بوسو ڀريل پھاڙي ھرڻ بيٺل ھئا. ھڪ مري نوجوان جو چوڻ ھو ته ڪنھنجي دل ۾ وسندڙ بلوچستان ڀلا ڪير ٿو کسي سگھي.
ڪمري اندر ھڪ مخصوص صوفي تي نواب خيربخش مري ويٺل ھو، جڏھن ته ويھارو کن مري قبيلي جا ماڻھو ھيٺ فرش تي ويھي خاموشي سان کيس ٻڌي رھيا ھئا.
اھو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آھي ته اھي ماڻھو نواب سان سندس پٽ بالاچ مريءَ جو ڏک ونڊڻ آيل ھئا، ڇو ته اڃا تائين نواب صاحب، بالاچ لاءِ ڪنھن کان به تعزيت وصول نه ڪئي آھي.
سنڌي ٽوپي پائي ويٺل چاپئين ڏاڙھيءَ واري نواب خير بخش مريءَ جي چھري تي ڪنھن غم يا پريشاني جا ڪي به آثار نظر نه پئي آيا. اتي ئي لڳ ڀڳ ستر ورھين جي عمر ۾ بلوچستان جي حوالي سان سندس ڳالھين ۾ ڪائي لچڪ ڏسڻ ۾ نه پئي آئي. ھو تمام پنھنجائپ سان پنھنجي قبيلي جي ماڻھن ۽ ٻين صحافين سان ڳالھه ٻولھه ڪندو رھيو. نواب مري انھن ڳالھين دوران ماضي جا قصا ۽ لطيفا ٻڌائيندي پاڻ به کلي رھيو ھو پر پنھنجي پٽن بالاچ ۽ حريبار جي ذڪر کان ھن ڄاڻي واڻي پاسو ڪيو.
جيڪڏھن انھن جو ذڪر ڪنھن ڇيڙي وڌو ته ھن ڪيترين ئي ڳالھين کان لاعلمي جو اظھار ڪيو. ھو پاڻ به بالاچ جي مارجي وڃڻ وارين خبرن جي تصديق جي انتظار ۾ آھي ۽ حريبار جي گرفتاري جي ھن کي ايتري ڄاڻ آھي ته جيتريون ڳالھيون ميڊيا ۾ اچي چڪيون آھن. اندرون سنڌ مان نواب خير بخش مري سان ملڻ لاءِ آيل ھڪ نوجوان ٻڌايو ته ڪيترائي ماڻھو نواب صاحب ڏانھن اڃان به تعزيت لاءِ اچن ٿا پر نواب صاحب دعا لاءِ ھٿ ئي نٿو کڻي ته ٻيا ڇا ٿا ڪري سگھن.
چون ٿا ته جڏھن بينظير ڀٽو نواب مري سان تعزيت ڪرڻ آئي ته ھن جي به تعزيت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڪراچي جي ھڪ صحافي دوست چواڻي ته ڳالھين دوران بينظير جي ان جملي ته ”آمريت جي ڏينھن ۾ اھڙا واقعا ٿيندا آھن“، جي جواب ۾ کيس چيائين ته توھان جي والد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ به بلوچن سان ڪي گھٽ ظلم ڪونه ٿيا ھئا.
جڏھن نواب مري بلوچن جي مسلح جدوجھد ۽ پنجاب جي حاڪميت جھڙن سخت موضوعن تي تمام نرم لھجي ۾ ڳالھيون ڪري رھيو ھو ته مون سوچيو پئي ته بلوچستان جو جھونو باغي آخر پاڪستاني فوج لاءِ قابل قبول ڇو ٿيندو؟
نواب مري ھڪ مارڪسٽ بلوچ قومپرست ضرور آھي پر ھن جي ڪا به جماعت ناھي ۽ دلچسپ ڳالھه اھا به آھي ته ھو بلوچستان ۾ سياسي طرح اڪيلو به ناھي.
نوجوانيءَ ۾ اسڪوائش راند کيڏڻ ۽ نشانو چُٽڻ جي شوقين نواب خيربخش مري زندگي جو اڪثر حصو دربدر ۽ مھاجر ٿي گذاريو آھي. ھو ڪڏھن ڪابل ته ڪڏھن مري ڪيمپ ۽ ھاڻ خيابانِ سحر ۾ بي وطني واري زندگي گذاري رھيو آھي.
اڄڪلھه پاڪستان جا اڪثر قبائلي سردار ايندڙ چونڊن لاءِ پنھنجي پٽن، ڌيئرن، ڀائيٽن ۽ ڀاڻيجن جي ھلندڙ چونڊ مھم ۾ مصروف آھن تڏھن نواب خير بخش مري جھڙو بااثر بلوچ سردار جنگ جي حالت ۾ پنھنجي پٽن جي مارجي وڃڻ ۽ گرفتار ٿي وڃڻ واريون خبرون خاموشي سان ڏسي رھيو آھي.
ڇا بلوچ پاڪستان کي الوداع چئي چڪا آھن؟ ان سوال جو جواب خيابان سحر جي خاموش نواب مري وٽ ويندڙ اڪثر ماڻھن اھو ئي ڏٺو ته ”بلوچن لاءِ ھي فائينل رائونڊ آھي.“ ڪيترن ئي سالن کان نواب خير بخش مري ھڪ خاموشي واري زندگي گذاري رھيو ھيو. ان جي ملاقات محدود ماڻھن سان ٿيندي ھئي پر بالاچ جي قتل کان پوءِ ھو ماڻھن سان ملي جلي رھيو آھي. ان عرصي دوران لنڊن ۾ سندس ٻئي پٽ حربيار جي گرفتاري جي خبر به اچي پھتي آھي.
چوندا آھن ته ملڻ جلڻ سان ماڻھو جي دل جو ٻوجھه ڪجھه ھلڪو ٿيندو آھي پر ڇا اھا چوڻي نواب مريءَ جي زندگي تي ٺھڪي اچي ٿي. اھو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آھي آھي. ڇو ته سندس ڳالھين منجھان حالتن کان گھٻرائجي پريشان ٿي ويل پوڙھي سردار جھڙي ڪا نشاني اسان کي نظر نه پئي آھي.
(11 ڊسمبر 2007ع بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام)