ڪالم / مضمون

گونگي تاريخ جا فرد

ڪتاب ”گونگي تاريخ جا فرد“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ صحافي نثار کوکر جي صحافتي لکڻين، ڪالمن ۽ مقالن جو مجموعو آهي. نثار لکي ٿو ته :
”تاريخي جبر مان گذرندڙ نڌڻڪا ماڻھو پنھنجو آواز دٻائي، اکيون بند ڪري ۽ چپ سبي وقت گذاريندا آھن اھي پنھنجي پاران پيدا ڪيل اھڙيءَ خاموشيءَ کي اونداھي ۾ تبديل ٿيل سمجھي، اھڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳندا آھن، جيڪي پنھنجي ماڻھن جو ماس پٽڻ برابر ھونديون آھن.
ھي ڪتاب سنڌي سماج جي اھڙي خاموش دور جي ڪھاڻين تي مشتمل آھي جنھن ۾ تاريخ جي گونگن فردن جون چالاڪيون ۽ حسناڪيون شامل آھن.“
  • 4.5/5.0
  • 6392
  • 998
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نثار کوکر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book گونگي تاريخ جا فرد

پاڻي جو ڪاروبار ۽ آبپاشي جو راز

دادو ڪئنال منجھان نڪرندڙ سونھري برانچ جي آبادگارن ان ڏينھن ڌرڻو ھڻي، لاڙڪائو موئن جو دڙو روڊ ڪيترائي بلاڪ بندڪري ڇڏيو. ٻنھي پاسي ٽريفڪ جام ٿي وڃڻ سبب پوليس اھو ڌرڻو ختم ڪرائڻ جو آخري حل اھو ڪڍيو ته دادو ڪئنال ناردرن ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر فاروق چنڙ کي کنڀي کڻي اچي ڌرڻي واري ھنڌ پھچايو ۽ کيس آبادگارن سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرائڻ لاءِ چيو. آبپاشي کاتي جي انجنيئر صاحب پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگارن کي ڏاڍيون منٿون ڪيون ته ھو سندن آفيس ھلي ساڻس ڳالھيون ڪن. پر آبادگارن سندس ھڪ به نه ٻڌي ۽ روڊ تي ئي ھڪ پني تي کيس معاھدو ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته ھو سندن شاخ ۾ گھربل پاڻي فراھم ڪندو رھندو.
آبادگار اھڙي سرعام روڊ تي ٿيل ٺاھ تي خوش ٿي ھليا ويا ۽ روڊ به کلي ويو ته پوليس به ھٽي ويئي. ٻه ٽي ڏينھن ساڳي ماپ وارو پاڻي برانچ ۾ ھلندو رھيو. جڏھن ڳالھه ماڻھن جي ڪنن تان آئي وئي ٿي ته ساڳين آبادگارن جي اڳواڻ نثار چني ۽ ٻين رابطو ڪري چيو ته انجنيئر ٻيھر پاڻي گھٽائي ڇڏيو آھي. ھاڻي ڇا ڪريون؟ سوين ڳوٺن منجھان ھزارين ماڻھو روزانو احتجاج لاءِ ڪونه ٿا ڪڍي سگھون، نه .ئي ماڻھو ڪم ڪار ڇڏي روزانو روڊن تي بيٺا ھوندا؟ ھاڻي ڪو ڏس ڏيو ڇا ڪجي؟
ساڳي صلاح سنڌ جي آخري ڇيڙي شھدادڪوٽ ڪچي پل واري پاسي آبادي ڪندڙ آبادگارن جي نمائيندي محمد اسحاق مغيري ڪجھه ھفتا اڳ پڇي ھئي. اسحاق مغيري سالن کان پنھنجي ساٿي سميت پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندو پيو اچي، جنھن ڪري آبپاشي کاتي جا ڪيترائي حاضر سروس توڙي رٽائرڊ ڪامورا کيس چڱي ريت سڃاڻين ٿا. ھاڻي ھن احتجاج ڪندي اچي ڏاڙھي اڇي ٿي وئي آھي پر آپباشي کاتي جي ڪامورن منجھان اڃا اھو ٽيڙ سڌو نه ٿي سگھيو آھي.
”ھي احتجاج، مظاھرا، ڌرڻا ۽ پاڻ ساڙڻ جا واقعا پر اھو سڀ ڪجھه ڪرڻ کان پوءِ به ايئن ٿو لڳي ڄڻ آبپاشي کاتي ۾ ڪو اھل دل عملدار آھي ئي ڪونه، جيڪو ٽيڪس ڀريندڙ آبادگارن جي دانھن ڪوڪ ورنائي.“ اسحاق مغيري اھڙي بيوسيءَ منجھان اھا ڳالھه ڪري رھيو ھو جھڙي بيوسيءَ منجھان اڄ لکين آبادگار گذري رھيا آھن.
آبپاشي اھڙو ته چٽيل کاتو بڻجي پيو آھي جنھن جون دانھون سنڌ جو وڏو وزير ۽ خود ان کاتي جو صوبائي وزير به ڪري رھيا آھن. ”اصل ۾ وڏو وزير ارباب رحيم ته پڇڙي جي آبادگار ھجڻ واريون ڪسرون ڪڍي ٿو پر صوبائي وزير خير سان پاڻي سٺو کڻندو رھيو آھي ته به سندن دانھون سمجھه ۾ نٿيون اچن.“ آبپاشي کاتي جي ھڪ سينئير چيو. جيئن اسيءَ واري ڏھاڪي جي سياسي ھلچل دوران آمريڪا کي وڏو استحصاليءَ ۽ پنجاب کي ننڍو استحصالي ڪري سڏيو ويندو ھو تيئن اڄڪلھه پاڻيءَ جي کوٽ جا ستايل ماڻھو پنجاب کي وڏو استحصالي ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي کي ننڍو استحصالي سڏي رھيا آھن. سنڌ جي آبپاشي کاتي مٿان عوامي ڪاوڙ ان ڪري به وڌندي پئي وڃي جو پاڻي ھر ڪمي ڪاسبيءَ کان وٺي ننڍي وڏي زميندار جي جيئاپي جو سھارو بڻيل آهي. پر آبپاشي کاتي وارا اھو گر ڪنھن کي ٻڌائين ڪونه ٿا ته پاڻي جو ڪاروبار ڪيئن ڪبو آھي؟ ”ڪرپشن صرف آبپاشي ۾ ناھي ٻين کاتن ۾ به آھي نيب رڳو آبپاشي وارن لاءِ نه جڙي آھي. سکر بئراج جو سيد بادشاھ چيف انجنيئر لاڙڪاڻي ۾ منھنجي ان سوال جو جواب ڏئي رھيو ھو ته وڏو وزير ارباب رحيم ھر وقت آبپاشي کاتي جي ڪرپشن ۽ نااھلي جو ذڪر ڇو ٿو ڪري، ريٽائرمينٽ کي اچي ويجھو پھتل ان چيف انجنيئر کي وري به حياتيءَ جا آخري سال ڪنھن ڪينٽ ايريا جي لگزري بنگلي ۾ گذارڻ لاءِ ملي پوندا. پر ڪچي پل جي انھن آبادگارن جو ڇا ٿيندو جن سندس تازي دوري دوران کيس پاڪ ڪتاب آڻي آڏو رکيو ۽ ھو احترام وچان پنھنجي پيچارو مان لھي پاڪ ڪتاب چمي ھنن کي سکڻي آٿت ڏئي ھليو ويو.
توھان ھر وقت پنجاب جي ڳالھه ٿا ڪريو پر آپباشي کاتي سنڌ ۾ ڪھڙا پنجابي ويٺل آھن؟ توھان کي جيترو پاڻيءَ گڊو يا سکر تائين ملي ٿو اھو ته اھي ئي آپباشي وارا ٿا وڪرو ڪن. پاڻي بابت ھلندڙ سياسي بحث دوران ھڪ جذباتي ڪارڪن کي سندس سينئر ڇنڊ پٽي. ”آبپاشي کاتي سنڌ ۾ ته ڪنھن چوڌري گجر بدران اھي ئي پنھنجا سنڌي ملندا. توھان انھن کان ڪڏھن پڇيو آھي ته اھي ڇو ٿا پاڻيءَ جو ڪاروبار ڪن؟“ اھڙي ڳالھه کان پوءِ کن پل لاءِ ڪچھري تي سانت طاري ٿي وئي. اھڙي سانت جيڪا اڄڪلھه سنڌ جي سياسي وايو منڊل تي ڇانيل آھي. گھٽ ٻوسٽ ڏياريندڙ سانت آبپاشي کاتي کي ورھاڱي کان پوءِ ٽلومل جو ڪارخانو سمجھي ايئن مسلسل لٽيو ويو آھي، جيئن ورھاڱي جي دکدائڪ سالن دوران سوين عورتن لٽيون ويون ۽ منٽو جھڙي ڪھاڻيڪار کي ”کھول دو“ جھڙي ڪربناڪ ڪھاڻي لکڻي پئي. ھاڻي به وحشت اھا ئي ”کھول دو“ واري آھي. پر ان ۾ ٿوڙي ترميم اھا ئي آھي ته اھو لفظ آبپاشي کاتي جي ڪئنالن/ شاخن جي درن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جتان پئسا ججھا مليا، ان حد جي پاڻي جا در کھول دو، خراب ڪاروبار جھڙي بيرحمي اچي وئي آھي.
سنڌ جو ھڪ پڙھيل لکيل ماڻھو به ڏيڊ ڪروڙ ڏئي جڏھن آبپاشي جو سيڪريٽري ٿيو ته پاڻيءَ جو ڪاروبار رڪجي نه سگھيو ۽ عروج تي پھتو. سکر جو چيف انجنيئر پاڻي ورڇ جي حوالي سان اڌ سنڌ جو مالڪ سڏيو وڃي ٿو. پر ڪچي پل جي دوري دوران سيد بادشاھ پنھنجي ھڪ ماتحت انجنيئر کي ڪجھه به نه چئي سگھيو، جنھن جي مٿان علائقي جي معتبر زميندار 10 لک رشوت ڏئي، سپرينٽينڊيٽ انجنيئر جي اضافي چارج وٺڻ جو الزام لڳايو. ”ھڪ اھڙي ماڻھو کي اسان مٿان ٿاڦيو ويو آھي، جيڪو سوئمنگ پول واري ھوٽل جي ڪمري منجھان عورتن سميت فحاشيءَ جي الزام ھيٺ گرفتار ٿي جيل ۾ پھتو.“ ھڪ ڪاوڙيل آبادگار پنھنجي اندر جو اوبر عملدار اڳيان ڪڍيو، پر ان انجنيئر کي ڇا ٿيو؟ ڪجھه به نه، ڇو ته ھن جي پوسٽنگ پيسن عيوض ٿيل ھئي. ڀلي ته اھي انجنيئر ڪنھن بددماغ صوبيدار جيان راڄ تاراج ڪندا وتن، پر انھن کي ٿيڻو ڪجھه به نه آھي. ڇو ته ھو پنھنجي پوسٽنگ ميرٽ بدران سڻڀا نوٽ ڏئي وٺن ٿا. جڏھن ميرٽ کي نظرانداز ڪري جڏھن انجنيئرن جون پوسٽنگز ٿين ٿيون تڏھن ھو به پنھنجي آفيسن کي ٿاڻو ۽ پاڻي ماپ کي ايف آءِ آر سمجھي آبادگارن جو چند ڏوڪڙن خاطر مٿو رلائي ٿا ڇڏين،
”اھڙو انڌير آبپاشي کاتي ۾ اڳي ڪين ھوندو ھو، سائين، پنھنجي ڪئنالن ۽ بئراجن سان پيار ڪندڙ اھڙا انجنيئر به ھوندا ھئا. جيڪي پاڻي نه پھچڻ جي ٿوڙي شڪايت تي به انجنيئرن کي تنبيھه ڪري ان علائقي ۾ اسپيشل انجنيئر موڪليندا ھئا، جيئن آبادگارن جو اعتماد بحال ٿي سگھي.“ پاڻي خاطر جھيڙيندڙ آبادگار ٻڌايو. ھن سان ٻه ٽي ڪلاڪ ڪچھريءَ کان پوءِ آبپاشي کاتي جو پراڻو نظام ذھن ۾ اھڙو سھڻو چٽجي ويو، جتي آبپاشي وارن جا صاف سٿرا بنگلا، ٽپال بدران تار ذريعي اطلاع جو نظام، ريگوليٽرن تي وڏا گھاٽا وڻ ۽ انھن آڏو ٿيل ڇڻڪار ۽ ھاريل چونا. پر ھاڻي آبپاشي کاتي ۾ ڇا وھي واپري رھيو آھي. ھاڻي ته ڪئنالن جون اھي ٽاپون به محفوظ ناھن، جتي ٻنھي پاسن کان گھاٽا ٽالھيءَ جا وڻ ۽ انھن ھيٺان ڇڻڪار دادو ڪئنال يا رائيس ڪئنال جي ٽاپ کي شاھي سڙڪ بڻائي ڇڏيندا ھئا. ھاڻي ته بيلدارن ۽ داروغن جا ڌنارن کي اھي دڙڪا به ٻڌڻ ۾ نٿا اچن، جيڪي ھو مال کي ٽاپ تي چاڙھڻ تان ڏيندا ھئا. ڇا سنڌ جي آبپاشي پنھنجي ڪئنالن جون صرف ٽاپون ۽ داڪ بنگلا وڃايا آھن يا پورو سسٽم وڃايو آھي. جيڪو ڪنھن به زرعي معاشري ۾ پاڻيءَ جي ورھاست وارو ڪرنگھي جو ھڏو سمجھيو وڃي ٿو.
آبپاشي کاتي جي انجنيئرن پنھنجا بنگلا ته پوش علائقن ۾ ٺھرايا، پر کاتي جي بنگلن ۽ نظام کي ڀوت بنگلو بڻائي ڇڏيو. اھو ته بي ڪلاس جي ٺيڪيدار جي منشيءَ آڏو به ڪو راز نه رھيو آھي ته آبپاشي جا ٺيڪا انڌي ڪمائي ھجن ٿا. ھاڻي ڏورانھن علائقن ۽ گرمين جي موسم ۾ ڪھڙو انجنيئر وڃي ٿو ڪم جي چڪاس ڪري ته پٿر يا مٽي درست نموني پئي آھي يا نه؟ سياسي رشوتن ۽ پنھنجا نواز واري پاليسي طور ٺيڪا ڏيڻ واري ھن دور ۾ ھاڻي به ته آبپاشي کاتي جي ڪامورن کي ڪنھن نه روڪيو. اھو ڪو ڏور نه پر خود سکر بئراج ڀرسان ڏيڊ ڪروڙ جو پٿر لاھڻ جو ٺيڪو ھو، جيڪو مقامي بااثر سياستدان پنھنجي ان گھڻ گھرئي ڪارڪن کي ڏياريو، جنھن سان ھن ايم پي اي جي ٽڪيٽ جو واعدو ڪري تعلقي ناظمي به نه ڏني، پر ھي ٺيڪو ڏياري ھن کي راضي رکيو. اھو سلسلو آبپاشي کاتي کي ھاڻي ڪنڌيءَ تي لوڙھي آيو جو سکر بئراج جي دروازن جي ٺلھن (پلرن) ۾ به کڏا پئجي ويا آھن. تمام آڳاٽي دور جي آبپاشي نظام کي ڪو سينئر انجنيئر ھلائڻ بدران جڏھن ھڪ ٽيڪنيڪشن سنڀاليندو ته پوءِ اھڙا کڏا ته پوندا. چيو وڃي ٿو ته دروازن آڏو جمع ٿيندڙ سلٽ نه ڪڍڻ سبب ھڪ دروازي اڳيان دڙو ٺاھي بيٺي، جنھن کي ان ٽيڪنيڪشن پنھنجو عقل استعمال ڪندي ڀرڀور وھڪري دوران دروازا مٿي ڪري گدڙ جي ڪرپٽي جيان لوڙھڻ چاھيو، پر پاڻي جھڙي بي پير بادشاھ وڃي ان دروازي جي تري ۾ کڏو ٺاھيو. ھاڻي ڀلي ته ڪاميٽين مٿان پيون ڪاميٽيون جاچ ڪن، پر اصل مامرو وڏ گھراڻي جي ڇوڪريءَ جي افيئر جي باھ جيان ڪارپيٽ ھيٺان دٻايو ويو آھي. ھاڻي ڀلي ته رينجرز کي آبپاشي جي چوڪيدار مقرر ڪن، پر اھو سوٽ سلجھڻو ناھي. آبپاشي کاتي جي ڪلچر جو حصو بڻجي ويل ڏوڪڙن جي ھوس ھاڻي ڪٿي ان پراڻي بئراج کي به نه کائي چٽ ڪري، جنھن سان اڃان به سکر روھڙي جي ڪجھه جھونن جون اھي يادگيرن به ڳنڍيل آھن ته ڪيئن نه ھو پنھنجي انھن پيئرن چاچن ڏانھن مٿي تي مانيون کڻي ويندا ھئا، جيڪي سکر بئراج تي ھلندڙ پٿر وارو ڪم ڪندا ھئا. ”سنڌ جي آبپاشي کاتي کي جڏھن کان ڏوڪڙ ٺاھڻ واري مشين سمجھڻ شروع ڪيو ويو، تڏھن کان ڪو سٺو انجنيئر اڀري ناھي سگھيو“ ھڪ ريٽائرڊ آبپاشي انجنيئر پنھنجي پوش بنگلي جي لش گرين لان تي پيل ڪين ووڊ جي ڪرسين تي ويھندي چيو. ”اسان وٽ ھاڻ بئراج جي کڏي وارو ڪم ته ڇڏيو، ڪو گھارو فني مھارت سان ٻڌڻ وارو قابل انجنيئر به ناھي بچيو. اسان ڏاڍو وڃايو آھي.“ سندس اھڙي جملي کان پوءِ مون کي ترت اھو خيال آيو ته توھان جھڙن انجنيئرن ئي ته ڪمايو، خوب ڪمايو. سمورين بنيادي سھولتن کان ڏور وسندڙ ڳوٺن منجھان جڏھن اھي ٻارڙا سائيڪل تي ۽ پيادا اسڪول تي ويندا ھئا ته کين ته ڇڏ، پر سندن والدين کي به خبر نه ھئي ته اھي ھڪ ڏينھن اھڙا انجنيئر ٿيندا، جيڪي پنھنجي ديس کي نيون فني مھارتون ڏيڻ بدران پاڻيءَ جو ڪاروبار اھڙي ته بيرحمي سان ڪندا، جو وڏو سامراج به دنگ رھجي ويندو. غربت جن جي خاندان جو مقدر بڻيل ھئي، انھن جي نئين نسل ته پوش علائقن ۾ اک کولي. پر سنڌ جي اڪثريت پاڻي لاءِ ٻاڪاريندي رھي. جاھل وڏيرن جي سياست جيان آبپاشي انجنيئرن معاملا ايترا ته منجھائي وڌا جو ھاڻي ان کاتي ۾ به سيڪورٽي فورس يعني رينجرز کي اچڻو پيو.
پنھنجي ھٿ جي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب، ھاڻي آبپاشي کاتي جا پڙھيل لکيل انجنيئر به جوابدارن جيان ڪڏھن وڏي وزير ته ڪڏھن رينجرز جي ڪٽھرن ۾ بيٺل ھوندا. خود سرڪا ر کي اھو سوچڻ کپندو ھو ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي ھر درد جو دارون ڇو ٿا بڻائين؟ سول ادارن اندر پيرا ملٽري فورسز کي مقرر ڪري ڪي سڌارا آڻڻ وارو تجربو ناڪام ٿي چڪو آھي. واپڊا ۾ فورسز مقرر ڪرڻ جا جيڪي نتيجا سامھون آيا آھن، انھن کان ڪير به بي خبر ڪونھي. اڳي ته رڳو عام صارف انھن جي ڪرپشن جون ڳالھيون ڪندو ھو،پر ھاڻ سرڪاري طور تي واپڊا جي اھڙي ڪرپشن جا اعتراف ٿي رھيا آھن، ڪجھه ڏينھن پھرين ته پاڻي ۽ بجلي بابت جوڙيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي واپڊا ۽ حيسڪو عملدارن جي اھڙي ملي ڀڳت جو ذڪر ڪيو آھي. ڪالھه واپڊا ۾ فورسز مقرر ٿيا، ڪي اي ايس سي به انھن جي نگرانيءَ ھيٺ ڏني وئي، پر انھن ادارن ۾ سڌاري بدران انھن ادارن ۾ ورھين کان ڪمائي ڪندڙ ڪامورن، فورسز جو ئي نالو استعمال ڪري پنھنجو ڪم اڳ کان به وڌيڪ منظم نموني سان جاري رکيو. بلڪل ايئن جيئن ڪجھه ڏينھن پھرين سانگھڙ ضلعي ناظم اسيمبليءَ جي چونڊيل ميمبر اھو چيو ته ”رينجرز جا دڙڪا ڏئي آبپاشي عملدار کانئن پئسا وصول ڪن ٿا.“ ھيءَ ڳالھه سمجھڻ لاءِ انتھائي سادي سمجھه جي ضرورت آھي ته فورسز جو ڪم اھو ناھي ته سول ادارن ۾ ڪي سڌارا آڻين. ان حقيقت کان انڪار ناھي ته آبپاشي کاتي کان وٺي واپڊا تائين ۽ تعليم کاتي کان وٺي صحت کاتي تائين ڪيتريون ئي اھڙيون خرابيون آھن، جن کي ٺيڪ ڪرڻ گھرجي، پر اھي خرابيون تڏھن ٺيڪ ٿي سگھنديون، جڏھن انھن ادارن جون ورھين کان ھلندڙ ڪلچر تبديل ڪيو ويندو، جڏھن ادارن ۾ اندروني سيٽ اپ جي حوالي سان مثبت حڪمت عملي جوڙي ويندي. ڇا ھر مرض جو علاج داٻوئي وڃي رھيو آھي؟ ڇا واپڊا ۽ ريلوي ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي مقرريءَ کان پوءِ سمورو نظام شفاف ٿي ويو آھي. سرڪاري بريفينگز ۾ ايئن ضرور ھوندو، پر عام ماڻھن وٽ اھا ئي شڪايت آھي ته ھڪ ٿاڻو ٻيو به وڌيو. جيئن پوليس آرڊر 2002ع کان پوءِ آپريشن ۽ انويسٽيگيشن پوليس کي الڳ الڳ ڪيو ويو آھي. حالانڪه سرڪار اھو فيصلو ماڻھن جي ڀلائي لاءِ ڪيو، پر ماڻھن کي ھاڻي ٻنھي پوليس ٿاڻن جيڪي رت جون مانيون کارايون آھن، سي اڃا به اڳتي ھلي ظاھر ٿينديون.
جڏھن کا آبپاشي نظام قانون نافذ ڪندڙ ادارن حوالي ٿيو آھي، تڏھن کان اھو ماندول وارو لطيفو ٻيھر مشھور ٿيو آھي ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن ڏانھن اسي واري ڏھاڪي دوران ڪنھن مانڊول بابت شڪايت پھتي ته ھنن ٻي ڳالھه ٻڌڻ بدران فريادي مٿان اھو زور رکيو ته ”پھلي مانڊول ڪو ادھر لي آئو.“