مهاڳ: آ ڏات رڳو ڏُک!
سڀ وَس سرجڻهار جي، ٺاهي يا ڊاهي:
ماڻهوءَ وس ڇاهي؟ ماڻهو، جيڪو آ مِٽي!
ها! هيءُ ڇا!؟ بيت جو ڀـُڻڪو نه هو، ڄڻ روح کي رُهنڊون هيون! ذهن تي ضربون هيون ــ پر گڏوگڏ اهو منهنجي پنهنجي اندر جو آواز به ته هو! واقع! سچ به ته سمورا سرجڻهار هڪ ئي انداز ۾ سوچين ۽ ڀوڳين ٿا! اها منجهن فطري هم آهنگي آهي. اڃا ان حقيقت تي ويچاريم پئي، ته پريان ڀڳت ڪبير جو آواز آيو:
جو ڪُڇ ڪِيا سو تم ڪيا، مين ڪُڇ ڪيا ناهِين:
ڪَهو ڪَهِي جو مين ڪيا، تُم هِي ٿي مُجهه ماهِين!
ــ مٿان وري لطيف سرڪار شاهدي ڏني:
واڳ ڌڻي! تنهنجي وَس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻين!؟
هلايو تا هلي وڃان، بيهاريو تا بس ــ آءٌ ڪا پاڻ وهيڻين!؟
اصل ۾ سمورا تخليقڪار مزاجاً ساڳي فطرت جا ڌڻي هجن ٿا، ان ڪري انهن جي رچنائن توڙي ڀوڳنائن ۾ هڪجھڙائي عين فطري عمل آهي. اُن ۾ زمان ۽ مڪان جي دخل اندازي فقط ماحول جي حد تائين هوندي آهي. ماحول! جيڪو فطرتاً سدا ساڳي حال ۾ نٿو رهي. ان ڪري ماحول مطابق ئي مختلف سرجڻهار، پنهنجي مشاهداتي صلاحيت تحت ڪنهن حد تائين ڪالهه ۽ اڄ جي عڪاسي قدرِ مختلف طور ڪندا آهن. باقي جيستائين تخليقي پِيڙا جو سوال آهي، ته اُها هر حال ۾ زمان و مڪان کان ماوريٰ هوندي آهي، تڏهن ته ادو شاهد حميد برحق چوي ٿو ته:
متان سمجهو ماڻهوو! ڪَوِتا گلن هار!
ڪائي تيز ڪٽار، آهي ڪَوِيءَ ڪنڌ تي!!
ڪَوِتا واقع به ٻيجل جي صدا آهي، ۽ ڪوي ڏياچ جو وچن! سِر ڏيڻ سان ئي سٽ جُڙي ٿي! ڪيڏو اؤکو سودو آهي، ڪويءَ ڪَوِتا وچ ۾! پوءِ به سرجڻهار پنهنجي فطرت پٽاندر ڪڏهن به ڪيٻائين نٿا! هڪ بي لوث ۽ حساس تخليقڪار پنهنجي ڪُڌي ڪرتوتن واري سماج اندر، سماج سُڌارڻ جي ڏِس ۾ پنهنجون تخليقي صلاحيتون ڪتب آڻيندي، جيڪي ٻهڳڻ ٻول ٻولي، ۽ راول سندو رول ادا ڪندي، موٽ ۾ جو ڪجهه ماڻي ٿو، ان تي حيرت ٿي وٺي! چيو ته وڃي ٿو ته ”جو پوکبو، سوئي لُڻبو ــ“ پر اسان وٽ قصو ئي اُبتو آهي! بقول شاهد حميد:
پتو پوندو ڪيئن؟ توکي تن جي ڊوهه جو!
ماڻهو مانگر جيئن، ڳُڻ ڳِڙڪائي ٿا وڃن!!
مٿين بيت اندر بيان ڪيل حقيقت جو ٿورو گهڻو تجربو اسان مان هر ڪنهن کي اَوس هوندو. اها ڳُڻ ڳڙڪائڻ واري حرڪت ــ اسان جي سماج اندر ته ڄڻ ماڻهوءَ جي جبلت بڻجي چُڪي آهي! پر پوءِ به بقول لطيف، ”جو وَڙ جُڙي جن سين، سو وَڙ سي ئي ڪن!“
هاڻ اڳتي وڌي شاهد حميد جي غزل سان مُکاميل ٿيون ٿا:
هزار سجدا عقيدتن جا، ڪري ڏٺاسين، جُهڪي ڏِٺوسين:
مگر نه هُن جو مزاج بدليو، اکين ۾ ساڳي ڄِڀي ڏمر جي!
اها ئي آهي اڄ جي انسان جي عمومي روَيي جي شاندار اُپٽار! ۽ اصل ۾ اها هڪ حساس ۽ نظر شناس شاعر جي حقيقي خوبي پڻ آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهڙي خوبي پنهنجي اندر هڪ وڏو درد پڻ رکي ٿي، جنهن کي هر تخليقڪار، پنهنجي تخليقي ڪيفيت مان گذرندي ڪيئن ٿو برداشت ڪري؟ ان جي عام ماڻهوءَ کي ڪابه سُڌ ناهي. ڏات ڪيئن ٿي ڏنگي؟ ان جي سُڌ فقط ڏات ڌڻيءَ کي ئي آهي:
ڄاڻان ٿو آ ڏات رڳو ڏُک!
پوءِ به ويٺو گيت ورهايان!!
مٿيون سٽون هڪ ڏات ڌڻيءَ جي فطرت جو حقيقي اظهار آهن. فطرت کان مجبور شاعر، ڏات جا ڏُک برداشت ڪندي به عام کي املهه رچنائون ارپن ڪندو رهي ٿو، ۽ ان دوران ڪڏهن به دکن کان دل برداشته ٿي، ورچي نٿو ويهي. ويتر ان مان اتساهه ماڻي، اڳي کان اڳرو، ۽ وکون وتريون وڌائيندو منزل ڏانهن روان دوان رهي ٿو. اها ئي هڪ ڏات ڌڻيءَ جي سڃاڻپ آهي.
هڪ شاعر، خارجي لقائن سان گڏ داخلي وارتائن تي به هر وقت ويچاريندو ۽ کين اظهاريندو رهي ٿو؛ جيئن هيٺين سٽن کي ڏِسو ته منجهن داخلي پيڙا سان گڏ ڪيڏو نه اُتم آفاقي پيغام سمايل آهي!
مون مان وقت وڃي ٿو ڇڻندو:
لمحا پوڙها ٿي ويا آهن!
تيزيءَ سان گذرندڙ عمر جي ڪيڏي نه شاندار عڪاسي آهي، ۽ جنهن کي وقت جي تيز رفتاريءَ سان گذرڻ جو احساس هوندو، اهو هروڀرو اجايو وقت نه وڃائيندو. اهڙو شخص عمر جي هر پل جو حساب رکي ڄاڻندو، ۽ ڪوشش ڪندو ته هر گذرندڙ لمحي کي ايندڙ وقت لاءِ يادگار بڻايان. ايئين شاهد حميد پڻ ههڙين شاندار تخليقن وسيلي پنهنجي جيون کي بجا طور سڦل بڻايو آهي. ايندڙ وقت کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندو، هو پنهنجين امر تخليقن ۾ سدا حيات رهندو.
شاهد حميد پنهنجين تخليقن ۾ جديديت، توڙي ڪلاسيڪيت سان گڏ گڏ هلندي نظر اچي ٿو. هُن فني توڙي فڪري حوالي سان ان طرزِ فڪر کي نه رڳو پنهنجو ڪيو آهي، پر ان سان نڀايو به خوب آهي:
مون لاءِ گهاٽا وڻ،
ڀٽائي، باهوءَ هجي ــ
يا هو فريدڻ!
مٿئين هائيڪو جھڙي جديد صنف سان جِتي هو فني طور خوب نڀاءُ ڪندي نظر اچي ٿو، اُتي پنهنجي ڪلاسيڪل ورثي ڀٽائي، باهو ۽ بابا فريد جي فني توڙي فڪري سرمايي کي به ساڻ کڻي هلندو رهي ٿو، ۽ جنهن شخص کي مذڪوره ٽنهي گهاٽن وڻن جو ڇانورو ملي وڃي ٿو، اهو ڀاڳوند پاڻ کي هر وقت ترو تازه ڀائيندو، ۽ بنا ڪنهن ٿڪاوٽ جي منزل طرف تيز کان تيز تر وکن کڻڻ جي قابل هوندو. شاهد حميد جون وِکون پڻ بلاشڪ سنڌي شاعريءَ جي هر صنف ڏانهن نهايت تيزيءَ ڀريون نظر اچن ٿيون. اُن ڏِس ۾ مٿي ڪجهه جديد صنفن جا نمونا پيش ڪيا ويا، هاڻي اچو ته هڪ نظر سندس وائيءَ تي وجهون. وائي، جيڪا نِج سنڌي ڪلاسيڪل صنف آهي، جنهن کي ڪافيءَ مان وائيءَ جو روپ ته ڀٽ ڌڻيءَ ڏنو، پر مرشد اياز فڪري توڙي فنيءَ طور ان کي جديد رنگ ۽ ڍنگ ڏيندي، جتي خيالن ۾ نواڻ آندي، اُتي رائج فني انداز ڇند وديا سان گڏ عروض تي به ڪامياب وايون لکيون. ساڳيءَ طرح شاهد حميد وٽ به اياز وارو انداز ملي ٿو، يعني ڇند وديا کان علاوه علم عروض تي پڻ هن بهتر انداز ۾ وايون تخليق ڪيون آهن، جن ۾ خيال جي ندرت کان وٺي فني طور عروضي تجربا به ملن ٿا ــ مثال طور:
عمر ڀر ساڳيو ملال، روح روڙيندو رهيو آ!
(فاعلاتن فاعلات، فاعلاتن فاعلاتن!)
مٿين سِٽ هتي رڳو نموني طور پڙهندڙن اڳيان رکي وئي آهي. زيرِ نظر مجموعي اندر ان طرح جا کوڙ سارا عروضي بحر آهن، جن تي پاڻ ڀرپور نموني خيالن جي اڏام ڪندي نظر اچي ٿو.
شاهد حميد پنهنجي هن شعري مجموعي، ”مِرگهه اڃارا نيڻ!“ ۾ غزل، نظم ۽ وائيءَ کان سواءِ مرشد اياز جي متعارف ڪرايل صنف ”ڏيڍ سٽو“ کي به عروض جي مختلف بحري ارڪان اندر پيش ڪيو آهي، سو به نهايت ڪامياب نموني! مثال طور هيٺ مختلف عروضي ارڪان تحت لکيل، سندس ڏيڍ سٽا پيش ڪجن ٿا، جن جي فني نڀاءُ توڙي فڪري بلنديءَ کي ڏسندي، يقيني طور پڙهندڙ هن لاءِ سٺي راءِ قائم ڪندا:
جي نٿا پيئن ماڻهو،
مڌ پيار جو ڪنهن کان ــ جک ٿا جيئن ماڻهو!
-
حال ۾ نه هستي آ،
ڇا ڪجي پرين پيارا! بي وڙن جي بستي آ!
-
تاريخ عجب ڌارا!
اورنگ ته اجهامي ويو، ٿو اڄ به ٻَري دارا!
-
تو وقت ڇڏيو ٽاري!
وئي ايئن وَهي گذري ــ ڄڻ مڌ ڇڏيئي هاري!
مٿيان پهريان ٻه ڏيڍ سٽا الڳ وزن تي آهن، ۽ آخري ٻه الڳ وزن تي؛ پر نڀاءُ ڪمال جو آهي! اصل طيءِ ٿيل وزن، جنهن تي اڄڪلهه ڏيڍ سٽا لکيا وڃن ٿا، اهي آخري ٻه آهن، يعني ”مفعول مفاعيلن!“
فني توڙي فڪري حوالي سان انتهائي خوبصورت! جن تي ڳالهائڻ لاءِ وقت جي کوٽ اڳيان اچي ٿي ــ هر پڙهندڙ پاڻ پڙهي لطف اندوز ٿئي ته بهتر!
اهڙيءَ طرح ادي شاهد حميد جي هر تخليق داد لهڻي، ۽ اختصار کان ڪم وٺندي آخر ۾ ايترو چوڻ مناسب ٿو لڳي، ته موجوده نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ زيرِ نظر شعري مجموعو ”مرگهه اڃارا نيڻ!“ يقينن نه رڳو پنهنجي الڳ جاءِ والاريندو، پر هميشه لاءِ پنهنجي ڇاپ پڻ ڇڏيندو.
[b] ــ آسي زميني
[/b] ٽنڊو قيصر،
4-اپريل، 2017ع