شال نه ٿڪن پنڌ ۾، منهنجون ڪوتائون
انهن بن آئون، ڪوئي مانَ نه ٿو لهان.
لاهيارن جون نينگريون، ڀريون مٿن تي،
ميندي هٿن تي، ڇيرون ڇم ڇم واءُ ۾.
مون ۾ ڄڻ اسرار جون، ڳنڍيون کولين ٿي،
جڏهن ٻولين ٿي، مون ۾ منهنجي شاعري.
متان سمجهو ماڻهوؤ، ڪوتا گلن هار!
ڪائي تيز ڪٽار، آهي ڪويءَ جي ڪنڌ تي.
ڳاڙهو پڙو باهه جيئن، ڪولهڻ سونا انگ،
*هڻندي ڪنهن کي ڏنگ، ويهي چؤنري چانٺ تي.
ڊاٻو ڪرهت اُٺ سان، موڙي کٻڙ ڏار،
اداڙي اوٺار! ڪيڏي لُوءَ لڳي پئي!
* اصل لفظ چانئٺ آهي پر ٻهراڙيءَ ۾ عام طور چانٺ ئي استعمال ٿيندو آهي ۽ هتي مون وزن جي ڪري چانٺ استعمال ڪيو آهي.