شاعري

واڪا منهنجي وس

واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
Title Cover of book واڪا منهنجي وس

عرض حال

بسم الله الرحمٰن الرحيم

محترم ناظرين ۽ ادب دوست ساٿيو!
السلام عليڪم:-
مون پهريون دفعو پنهنجي ادبي پورهئي کي پڌرو ڪيو آهي، ۽ پيڙا جو پيغام پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان. ماضي قريب ۾ سنڌ جي حالتن تي گهري نظر وجهبي ته بد امني، دهشتگردي ۽ لاقانونيت جو راڄ رهيو. جيڪي به دل ڏاريندڙ واقعا پيش آيا اڄ تائين به ان جو ڪو ڏوهاري گرفتار نه ٿي سگهيو، ان ڪري مون هي ننڍڙو شعري مجموعو ”واڪا منهنجي وس“ لکڻ جو فيصلو ڪيو،جنهن جو سبب اُهي جُٺيون ۽ بيگناهه عوام تي گولين جا وسڪارا ۽ لاشن جا تحفا آهن. شاعر جيئن ته حساس طبع عوام جو نمائندو سڏيو ويندو آهي، انڪري منهنجا جذبا به اوهان جا جذبا آهن، اوهان پاڻ محسوس ڪندا.
جيڪا دل ڏاريندڙ واقعن جي مون عڪاسي ڪئي آهي سا شعرن جي صورت ۾ اوهان جي هٿن ۾ آهي.
منهنجو ناتو شاعريءَ سان گهڻي عرصي کان ڳنڍيل آهي جنهن ڪري ڪيترن مهان شاعرن ۽ اديبن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا موقعا نصيب ٿيا آهن، ان هوندي به آئون پنهنجي استاد محترم مرحوم مولانا امان الله ”مفلح“ جن کي نه وساريندس جنهن مونکي ادبي زندگيءَ ۾ رهنمائي فرمائي ۽ مشاعرن ۾ روشناس ڪرايو.
منهنجو مقصد هن ڪتاب لکڻ جو اِهو ئي آهي ته اسان کي سنڌ جا گذريل واقعات نه وسارڻ گهرجن، جنهن ۾ جاني ۽ مالي نقصان بي انداز پهتو. مگر افسوس جو ڪنهن به تدارڪ نه ڪيو، ڪو به داد رسيءَ ۽ حال پُرسانيءَ لاءِ نه پهتو.
انڪري هاڻي پاڻ پتوڙڻ واري جذبي کي جاڳائڻ لاءِ جيڪي آهي سو پيش ڪريان ٿو يعني ”واڪا منهنجي وس“
پڙهندڙ ساٿين کي گذارش آهي ته هن ڪتاب متعلق پنهنجا رايا ۽ تنقيد، پنهنجا تاثرات به دل کولي لکندا.


مصنف
قريشي نعيم الله ”صابر“