شاعري

واڪا منهنجي وس

واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
Title Cover of book واڪا منهنجي وس

هن گاري مان ٿا ڪوٽ ٺهن


هن گاري مان ٿا ڪوٽ ٺهن،
جي ڪوٽ ڪرن ٿا ڍير ٿين،
انسان به پتلو خاڪي آ،
هن مٽيءَ جو ڇا شان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

ڪو چوي ته خاڪ شفا آهي،
شايد ڪو ان کي بقاء آهي،
ڪو ان ۾ راز لقاء آهي،
هيءَ مٽي مهربان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

هڻي گليلا ڪن شڪار،
وجهي ڪمان ۾ هڪلن جهار،
هيءُ ته عجب آهي هٿيار،
هن جو ڇا ميزان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

هن مٽيءَ جي خوشبوءِ وڻي،
جا مُشڪ وعنبر کان به گهڻي،
ڪنهن مٺ ڀري چو (چيو) قسم کڻي،
منهن جو سرهن تان قربان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

پيرن جي پئي ڪو بڻجي پَڻي،
ڪٿ خاڪ نشيمن جي چوڻي،
ڪي سرمو سمجهي ٿا پائن،
هي سونهن ڀريو سامان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،


هيءَ مارئيءَ جي مينڍن ۾ ڀري،
ڪنهن سَرِتيءَ سينڌ ۾ وڌي وري،
ڪي سانڍي رکن سوغات ذري،
هي الفت جو عنوان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

هي بڻجي ڪڏهين ڇپ ڪري،
ٿي ڇاپڙ ڇاپڙ ڀرندي ڳري،
هي پوک پچائي ان ڪري،
ٿو رب ڪري احسان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

هي منهنجي ديس جي آ ڌرتي،
هيءَ سجدي خاطر آ ورتي،
هيءَ ڌارين کي ڇو آ پرتي،
هي مونکي آ ارمان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

چيڪي مٽيءَ مان ٿو ڪنڀر
ٺاهي ٿانوَ ڪم آڻيون گهر گهر
ڇنڊيون گُسَ غُبار چوان

گارو ۽ گچ ڀي ٿا لنبيون
ڄائونٺ ٺاهيون سهڻيون پختيون
جي آهن پهريدار چوان

27 ڊسمبر 1971