راءِ بهادر اوڌا داس دل ۾ رکي هئي جيڪا آس
راءِ بهادر اوڌا داس دل ۾ رکي هئي جيڪا آس،
سول اسپتال جي صورت ۾ آخر سا ٿي ويئي راس،
اوڌا داس حوالي خاطر، تارا چند جي نالي خاطر،
اعلى اسپتال جو نقشو انجنيرن کان ٿي ويو پاس،
صحت لاءِ ويجهو هئي نه سهوليت، سفر به مشڪل هئي مصيبت،
شهر شڪارپور ۾ هي عمارت،ليکي ويندي آهي خاص،
چندي ڏيڻ ۾ شريڪ ٿيا جي،نيڪ مخير سيٺ گهڻا،
عبدالله هارون ۽ ليڊي نصرت هيمن، لڇمڻداس،
تار ذريعي مليو خزانو، لائلپور مان ٿيل روانو،
دنپت مل جانۡ جوان جوانو ماڻهو هُيڙا درد شناس،
سال اڻويهه سؤ پنجٽيهه تي عملو پهچي ويو هتي،
فبروريءَ ٻي تاريخ تي شروع مريضن جي ٿي تپاس،
اوڻويهه سؤ ٽئيتاليهه سال اٺارهينءَ جنوريءَ وصال،
ويس ممبئيءَ ۾ مٽيو بهادر اڄ سو آهي سرڳواس،
کليل شفا جا در هميشه وڃن ٿا خوش ٿي گهر هميشه،
جيڪي آپريشن ۽ علاج ويا ڪرائي عوام الناس،
عملي جو اندازو سؤ سٺ، آهي نه هاڻي هن کان گهٽ،
ڪالوني آ هاسٽل نرسن لاءِ جڙيل هڪ فرسٽ ڪلاس،
سؤ بستر جي آهي گنجائش، ميسر مهمانن جي رهائش،
کاڄ مريض مطابق خواهش بيمارن لاءِ خاص لباس،
ليبارٽري، آپريشن ٿئيٽر، ايڪسري ۽ پمپ جو واٽر،
بجليءَ جو به نمونو بهتر، گندي پاڻيءَ جو آ نڪاس،
ويم گهر ڏينهن ۽ رات کليل آ، هر ڪا ايندي اڙيل منجهيل آ،
ڌيئر ڄڻن ڪي پٽ ڄڻن ڪي جاڙن ٻارن جو اجناس،
آفيس هن جو هيڊ ڪلارڪ، ڪيش رڪارڊ جو ڪري تدارڪ،
ڊينٽل سرجن حاضر آهي ڪري ڏندن جي سدا چڪاس،
سول سرجن شيخ رياض احمد جنهن تي آهي ناز،
موجوده آفيسر اعلى اٿس عليلن جو احساس،
ضلعي جي آ هيڊ ڪواٽر، هن جي ٿي آ حالت بهتر،
ڪن ٿا ڪوشش ترقيءَ خاطر ”صابر“ تون نه ٿيءُ اداس،