ملڪ جا آهيو محافظ قوم جا قاتل نه ٿيو
ملڪ جا آهيو محافظ قوم جا قاتل نه ٿيو،
جيترا آهيو بهادر اوترا بزدل نه ٿيو،
ڇو ڪريو ٿا روڪ رستن تي اوهان نا جائزي،
گهوٽ ٿا گولين سان گهايو ايترا سنگدل نه ٿيو،
ملڪ جا معمار آهن قوم جو سرمائيو،
تن کي مارڻ ۾ اوهين اي شير دل شامل نه ٿيو،
حڪم جي فرمانبرداري به ڪنهن حد تي هجي،
وک وڌائي ويڪري اهڙا اوهين قابل نه ٿيو،
شهر جي رونق ڏسي لاهي لڏو ويٺؤ اوهين،
سرحدن جي سار لهندو ڪير هيئن ڪاهل نه ٿيو،
روز شهرن جا شهر ۽ ڳوٺ ٿا ويران ڪيو،
اوچتا حملا ڪري ۽ موت جان نازل نه ٿيو،
عزم ڪريو ياد آ جيڪو وفاداريءَ سندو،
پنهنجي واعدي کان به ”صابر“ ڪا گهڙي غافل نه ٿيو،
17 سيپٽمبر 1984ع