شاعري

واڪا منهنجي وس

واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
Title Cover of book واڪا منهنجي وس

امڙ مٺڙي

نه ڪو ڌيءَ پٽ جو ڪرين امتياز
عجب تنهنجي آهي عدالت امڙ
رکي تنهنجي قدمن جي هيٺان جنت
ڏني رب توکي امانت امڙ

لهين سار ٻارن جي تون بار بار
دعائون ٻچن کي ڏئين سو هزار
تون پالين انهن کي ڏئي خوب پيار
ٿي سمجهين انهيءَ کي عبادت امڙ

سدا ڏين تون اولاد تي پنهنجو ساهه
هنيو تو نه دنيا جي دولت تي داءُ
نه گورو ڪرين گهٽ نه ڪو ڪم سياهه
هي ممتا جي آهي علامت امڙ

ٻچن جو نه تون پيٽ بکيو سهين
گرهه وات پنهنجي جو تن کي ڏئين
نه ڪوسو لڳي واءُ تن کي چئين
اها تنهنجي آهي شرافت امڙ

ٻچن جي پڙهائيءَ تي تنهنجو ڌيان،
نه تن جي ڪرين وقت جو تون زيان
نصيحت ڀريو آهي ”صابر“ بيان
مٺا ٻول تنهنجا مهارت امڙ