شاعري

واڪا منهنجي وس

واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
Title Cover of book واڪا منهنجي وس

نعيم الله صابر ــ غزلن جي رنگينين ۾ 

[b]نعيم الله صابر ــ غزلن جي رنگينين ۾ 
[/b]
[b]وفا منطور علي چوهاڻ
[/b]
شاعرن جي سر زمين سنڌ جي هڪ ننڍڙي شهر شڪارپور کي اهو شرف حاصل آهي تي هن شهر اسان کي هر دؤر ۾ وڏا وڏا شاعر پيدا ڪري ڏنا آهن، جن هن شهر جي ادبي قدم ۾ واڌارو ئي پئي ڪيو آهي، سامي، لطف الله بدوي، حبيب الله ڀُٽي کان ويندي شيخ اياز، نياز همايوني، ارباب علي عادل، ضياء شاهه وغيره تائين سڀني سنڌي ادب جي پنهنجي وس آهر خدمت پئي ڪئي آهي. اهڙن ئي مهان شاعرن ۾ هڪڙو نالو نعيم الله ”صابر“ جو به اچي ٿو.
نعيم الله ”صابر“ ولد مولوي اصغر علي قريشي 25 آگسٽ 1952ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي پاڙي جي اسڪول مهر شاهه قبو ۾ ورتي. صابر ننڍي هوندي کان ئي ذهين هو ۽ حافظو به سندس ڏاڍو تکو هو، جا ڳالهه ڪٿان ٻڌندا هئا ته اها جلدي ذن ۾ جهٽي وٺندا هئا. تنهن ڪري پڙهائي ۾ ڏاڍو هوشيار هو. پاڻ پنجين ڪلاس کان وٺي اٺين ڪلاس تائين اسڪالرشپ به کڻندو رهيو جيئن ته سندس وڏن جو مذهبي گهراڻي سان تعلق هو. ان ڪري مٿن به گهِرو اثر پيو. پاڻ دنوي تعليم سان گڏ ديني تعليم به حاصل ڪندو رهيو. مئٽرڪ جو هن امتحان 1969ع ۾ ڪنڌڪوٽ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيو. ان کان پوءِ 2 مئي 1972ع تي هڪ ڊسپينسري جي عهدي تي، هيلٿ ڊپارٽمينٽ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ هن وقت به ڊسپينسر جي عهدي تي آر.بي.يو.ٽي سول اسپتال شڪارپور ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
شاعريءَ جو شوق کين ننڍي هوندي کان هئن. ڇو ته سندن والد به پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جي حد تائين ادبي ذوق رکندا هئا ۽ ان جا شاعر مولوي امان الله مفلح سان دوستيءَ جا گَهِرا ناتا هئا. صابر به ننڍي هوندي کان پنهنجي پيءُ سان مشاعرن ۾ وڃڻ لڳو هو، مشاعرا ٻڌي ٻڌي آخر پاڻ به سورهن سالن جي عمر ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. مولوي امان الله مفلح شاعري سيکارڻ ۾ سندن وڏي مدد ڪئي ۽ کين قابل بڻائي ڇڏيو جو هو پاڻ کي ”صابر“ چوائڻ لڳو. اڳتي هلي آغا عبدالنبي ”عليگ“ ۽ رحمت الله ”شوق“ جي طرحي مشاعرن کين عروضي شاعريءَ ۾ پختو شاعر بڻائي ڇڏيو. ان کان پوءِ گلشن لطيف شڪارپور جو بنياد 23 فيبروري 1982ع تي رکيائون. جنهن جا پاڻ هن وقت تائين سيڪريٽري ۽ نائب صدر ٿيندا رهيا آهن. بزم گلشن لطيف کي تحرڪ وٺائڻ ۾ سندن وڏو ڪردار رهيو آهي. سندن بزم گلشن لطيف شڪارپور طرفان ”شوق“ سان گڏجي ”آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جماڻي هال“ شڪارپور 1973ع ۾ ڪرائڻ هڪ يادگار ڪارنامو آهي.
پاڻ هن وق تائين سون جي تعداد ۾ شاعري ڪري چڪا آهن ۽ سندن شاعري سنڌ جي ڪيترن اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. پر اهو سڀ سست رفتار سان شايع ٿي آهي. کين پاڻ کي شاعري شايع ڪرائڻ جو شوق گهٽ نظر اچي ٿو. جڏهن مون سندن ڪيل شاعريءَ جا ٽي وڏا دفتر 1985ع تائين ڏٺا ته منهنجو ڇرڪ نڪري ويو ته صابر ايڏي شاعري ڪئي اهي. جڏهن ڏٺو وڃي ته ان جي ڀيٽ ۾ شايع گهٽ ٿيو آهي. جڏهن ڪو کين ڪنهن رسالي يا اخبار ۾ شاعري شايع ڪرائڻ لاءِ اچي ٿو ته پاڻ انهن کي شاعري ڏين ٿا. صابر صاحب جي اها سندس سستائپ کين گمنام شاعرن جي لسٽ ۾ وٺندي پئي وڃي. هاڻي صابر صاحب کي پنهنجي اها حالت بدلائڻ گهرجي ۽ باقاعدگيءَ سان اخبارن ۽ رسالن ڏانهن پنهنجي شاعري موڪلي شايع ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، اها سندس سنڌي ادب لاءِ وڏي خدمت هوندي.
صابر جي شروعاتي دفترن ۾ شاعري ڪجهه ڪچي ڦڪي نظر اچي ٿي، پر خيال سندن وزنائتا آهن، عام طور تي هن هر موضوع تي لکيو آهي پر غزل سندس پسنديده صنف آهي. غزلن ۾ معاشري جي اوڻاين جي ڳالهه به آهي ته عشق ۽ محبت جو فسانو به آهي. پر ڪجهه غزل ته صابر جا جدت ۽ نواڻ جي رنگين انڊلٺي پٽي ۾ سمايل نظر اچن ٿا.
جيئن هن غزل ۾ دردن ۽ پيڙاهن جي ڳالهه ڪهڙي نه جيت جي رنگ ۾ ڪئي آهي:
جيئرو جوڀن ساهه نه آهي
چئه ته انهيءَ سان ٺاهه نه آهي
هڏڙن جو آ پڃرو ماڻهو
جنهن تي کل ۽ ماهه نه آهي
ٿين ٿا گجگوڙ به ٿر ۾
وسڻ تي ويساهه نه آهي

هي غزل ته بس صابر جي جدت جو لازوال مثال آهي، جنهن ۾ پاڻ غزل جو پورو حق ادا ڪيو اٿن:
تو بن جڏهن بهارون آيون
نيڻن مان ڇو لارون آيون
ايڏا ويڇا وجهبا ناهن
تنهنجون ياد پچارون آيون
عيد کڻي خوشيون ايندي آ
منهنجي ڀاڳ ميارون آيون

هو زندگيءَ مان نا اميد نه آهي. زندگي کي پنهنجو مقصد بڻائي جيئڻ ٿو چاهي، ان لاءِ چئي ٿو:
زندگي جي صدا آهيان، ڇو ٿيو بي بقا آهيان
موت منزل نه آ منهنجي، موت جو رهنما آهيان
هو هن غزل ۾ همٿ ۽ مردانگي جو سبق ڏيندي چئي ٿو ته ٻين جي آسرن تي ڪجهه نو ورندو، جي توکي ڪم ڪرڻو آهي ته هت پنهنجو
ٻوٽو پوک:
ڇو نه گاڏي خاص پنهنجي ڪاهجي
پنهنجي ساٿين کي به ات پهچائجي
هل هلي تهذيب جا آثار ڏس
تو کي موهن جو دڙو ڏيکارجي
ڪونڌرن جا ڪنڌ اوچا ڀل ڪرن
جوت ٿي جوڌن جيان ڌارجي

هو پيار ۾ خيانت ڪرڻ پسند نه ٿو ڪري، هو پيار کي مقدس امانت سمجهي سنڀالڻ چاهي ٿو.
ساٿ پنهنجو سدائين سلامت رهي
ڀل دنيا سان اسان جي عداوت رهي
پيار صابر ڪيو پيار تو ڀي ڪيو
سانڍي سڪ سان رکو سا امانت رهي

هو محبوب کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهي ٿو ۽ پنهنجا خواب به ان ڏانهن ارپي ٿو. ان لاءِ چئي ٿو:
تنهنجو آهيان تنهنجو آهيان
توسان ڪهڙو سينو ساهيان
مون تي تنهنجي مهر نظر آ
تنهنجا ٿورا ڪيئن مان لاهيان

اڳتي هلي لکي ٿو ته:
پيار تي هوندا آهن پهرا
دوکي جون ديوارون ڊاهيان
خواب به پنهنجا توکي سونپيان
ٻيو ڪجهه ”صابر“ ڇا لاءِ چاهيان

بهر حال ”صابر“ صاحب جا غزل جدت جي رنگينيءَ ۾ رچيا پيا آهن.
سندس غزلن ۾ روانيءَ جي چاشني به آهي ته موسيقي جي ستن سرن جي راڻِ به موجود آهي. سندس غزل اعلى پائي جي غزلن کان گهٽ نه آهن. سندس غزلن م موضوع جي ڪمي نه آهي. عشق کي وٺجي ته ڪيئي صفحا لکي سگهجن ٿا. معاشري جي براين تي ويهي لکجي ته چڱو خاصو هڪ مقالو تيار ٿي سگهي ٿو. بهر حال هن مختصر مضمون ۾ ڪجه ڳالهيون سمائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. آخر ۾ سندس هنن سٽن سان مضمون کي پورو ڪجي ٿو ته:
مان سڪ جو آهيان سوداگر
ڪو ماڻهو مون کي مُرڪ ڏئي
پر حال ڏسي هي خيال ڪيم
هت بي ملهه ڪو لڙڪ ڏئي

نوٽ: هي مضمون لطيف سماجي ادبي سنگت شڪارپور طرفان قريشي نعيم الله ”صابر“ سان ملهايل ادبي رهاڻ ۾ پڙهيو ويو.
روزانه سمبارا، ڪراچي، 17 مئي 1996ع