حڪومت جي دعوى ٿا ڊاهيون اڏا
نشي جا ۽ اسلح جا، جاتي کڏا،
لڳو ڪرفيو ۽ شروع جاچ ٿي،
اٿيو هڪڙو ٽولو ڪيا جنهن ڦڏا،
هلائي وڏي زور سان بلڊوزر،
پٽايئون حريفن جا آخر ٿڏا،
وهيو خون ناحق آ بيروت جانۡ،
ٿيا خاندانن ۾ ڪيئي جڏا،
جڏهن جنگ جون مون هي خبرون ٻڌيون،
شهيدن جا لبنان کان انگ وڏا،
نه ڪنهن قياس معصوم ٻارن تي ڪيو،
سڙيو ماس ڪنهن جو بچا ڪي هڏا،
هي ماحول ڪهڙو آ بڻجي ويو،
جتي هر گهٽيءَ ۾ ويا پئجي تڏا،
هتي هر ڪنهين قوم وارو اچي،
نوان ٿا لهن روز هتڙي لڏا،
نه بندش آ ڪنهن تي اچڻ ۽ رهڻ جي،
اچي ٿا ويهن پنهنجا ٽيڙي چڏا،
بڻائن ٿا اقليت ۾ سوچو اوهين،
ائين ئي ته ”صابر“ ٿي ويهندا وڏا،
5 نومبر 1987