شاعري

واڪا منهنجي وس

واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
Title Cover of book واڪا منهنجي وس

چاهه جي چهنڊڙي

جيون ۾ جوڀن جي جوت جرڪندي آهي ته جوانيءَ جو جوش جاڳندو آهي، اهڙيءَ عمر ۾ انسان کي ارتقائي طور عمل جو آسرو ئي امداد مهيا ڪري ٿو.
زندگيءَ جي انهيءَ زينه تي پير پهچڻ شرط تنهائيءَ جي طوق کي ٽوڙڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي ڪوشش ڪندي ڪنهن به ساٿيءَ جي سوچ سيني ۾ سمائجي ٿي، مگر ساٿي ڪهڙو ۽ ڪٿي هوندو آهي، ان جي لاءِ اکين جون عادتون وڃي هڻي هنڌ ڪن ٿيون. پنهنجي پسند جي پياري ماڻهوءَ کي پنهنجو پاڻ ئي پريت جو پيچ پائي، سڄڻ سمجهي ساهه ۾ سانڍي سڪ ۽ سور جو سمو اچي ٿو، ۽ آهسته آهسته اهڙو اظهار ڪنهن نه ڪنهن نموني نروار ڪري نينهن جو نياپو پنهنجي پياري تائين پهچائڻ جي پوري پوري ڪوشش ۾ قدم کڄي ٿو.
جڏهن اشارن جي عبارت سان اندر جو احوال اڳين کي معلوم ٿئي ٿوته محبت جي منزل ڏانهن همسفر بڻجي هلڻ شروع ڪجي ٿو.
بچپن جي بي سمجهه ۽ بي مراد بيانن ۽ ننڍڙن نظارن جو نمونو جڏهن جيءَ ۾ جهاتي پاتي ته پنهنجي عمر اٺاويهه سال ۽ ساٿي به ستاويهن سالن کان ننڍو نه هو، نينهن جي ننڍي هوندي واري ناتي کي نباهڻ جو عمل ته ڄڻ امر آهي، انڪري پنهنجي جدا جدا پيچرن تان هلندي هلندي هڪڙي اهڙي هنڌ اچي هڪ ٿياسين، اسين وري موٽ کائي درد جو ڌوڌ دُکائي ويٺاسين ۽ وري وري ملاقاتين سان اسان جي چاهه کي چهنڊڙي پئي ۽ جذبا جاڳي پيا.


9 مئي 1987ع