شاعري

واڪا منهنجي وس

واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
Title Cover of book واڪا منهنجي وس

دوست ڀي رکڻو اٿم پر دوست ئي ڪن ٿا دغا

دوست ڀي رکڻو اٿم پر دوست ئي ڪن ٿا دغا
اهڙا واقعا ڪيترا آهن ڏٺا آهن ٻڌا

هڪ چڱو ۽ مَٺو ناهي لکيل ڪنهن نرڙ تي
ڪيئن ڪجي تن جي سڃاڻپ ڪير ڪوڙا ۽ سچا

ڪي چون نظرون ئي انهيءَ نازنين جون هن عجب
مان چوان ٿو ڪجل ڪاري جي اها آهي عطا

وار ڏس ڪهڙا وٽيل سينگاريل سهڻا اٿس
يار هي ڌاريا اٿس جو چيلهه تي پهچي چڪا

چپ سنها ڏس لعل لب جنهن کي چون
هي به آهي لپ اسٽڪ جو يا ته لاليءَ جو لقاءُ

ڇو وري رخسار کي چريا چون ٿا گل گلاب
پر مليل ٿس پاؤنڊر ميڪ اپ جو ڪر تون ڀل پڇا

ڪي وري ايئن ٿا سمجهن ويس ٺاهوڪا ڏسي
اندر ڪارا هو سدا آهن ۽ ٻاهر جا اڇا

هٿ رنڱيل ڳاڙها ڏسي هرڪو ائين چوندو رهيو
آهي ڪو خوني مگر آهن هي هٿ مينديءَ رتا

ڪي ته خوش هن پيار سان جي پيار ويو بيمار ٿيا
ڪي محل ساڙي هليا محبوب جن کان ٿيا جدا

جي مليو مانجهي سڄڻ پو هو ڪندو آ جان فدا
ڪي رسيا رڻ ۾ اڃا ڪي ٿا پڇائن پيچرا

ڪوپسي معصوميت چهري تي جا ڇانيل اٿس
خار چئي خونمار چئي پر بي رخيءَ جي آ ادا

مان ته هن حالات ۾ ممڪن به سمجهان ڪين ٿو
اهڙي سان ياري رکڻ مان ڪڏهن ڪا ٿيندي وفا

آهي هي مشڪل نڀائڻ پر نڀاهي ڀي متان
آزمائڻ ۾ به ڇا هي آزمائي ڏس ڀلا

يار اهڙي ساڻ ”صابر“ دل اڙائڻ جي نه ڪر
پوءِ متان دَلبا دلاسا ۽ رهئي ڏيندو ڏٽا

16 فيبروري 1973ع