شاعري

واڪا منهنجي وس

واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
Title Cover of book واڪا منهنجي وس

تڪيان تنهنجون راهون ورن ڪڏهن وارا


تڪيان تنهنجون راهون ورن ڪڏهن وارا
مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا

نه سيڪنڊ ۽ منٽ جا هون اٻهارا، ڪلاڪن کان ڪندو رهيس مان ڪنارا
گهڙي پلڪ جي نه خبر آ خدارا، ڏکن ۾ ڳرن ٿا اڃا ڏينهن سارا
مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

خوشي جهٽ ۾ کامي غمن جا غبارا، پهر کان پري ڪيا آهن چاهه چارا
اٺئي پهر بيتابي دل تي مونجهارا، روئي رات گهاريان ڳڻيندي ستارا
مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

نه آئين صبح جو منجهند جو ٿيو سعيو، اجهو شام شايد آهي سر نوايو
شفق جو به ڏس آ وري وقت آيو، ڪاري رات هاڻي ورائيندي وارا
مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

اسر ڏي ٿو تنهنجي اچڻ جي گواهي، اجهو وقت پرڀات ڀي لنو لڳائي
وري سحر سرندي جو آذان آئي، صبح ٿيو لڪا آسمانن ۾ تارا
مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

جي آچر تي ايندين ته انجام موڪل، جي سومر تي پهچين ته پيغام موڪل
اڱاري جي ڏينهن جو ئي انعام موڪل، ايئن ڀي ته ٿيندا نه آهن گذارا
مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

اربع جي ڏينهن لاءِ ئي آرام موڪل، خميس تي خلاصو پروگرام موڪل
جمعي تي ڀري ڪو نئون جام موڪل، ته ڇنڇر تي هي نيڻ ڪن ڪي نظارا
مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

فڪر ئي نه ويو هفتو پهرون ويو، نه ٻي هفتي وعده جو پاڙڻ ٿيو
ويو هفتو ٽيون ڀي نه ڪنهن کي چيو، اچي چوٿون هفتو به پهتو ڀلارا
مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

اچي سال آخر ته مهمان ٿيو، مهينو شروع جنوري ڄاڻ ٿيو
اجهو فبروريءَ جو به فرمان ٿيو، ڏسو مارچ ڀي ڪيئن هڻين ٿو لامارا
مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

اپريل اجڙيل گلستان ٿيو، مئي ۾ ملڻ لاءِ مهربان ٿيو
وري جون ۾ ڪهڙو مانڌاڻ ٿيو، اوهين انهيءَ مدت ۾ ڪندؤ پسارا
مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

جولاءِ لاءِ آهيان قدردان ٿيو، نه آگسٽ ۾ ئي ڪو احسان ٿيو
نه ڪي سيپٽمبر ۾ سامان ٿيو، اجهو آڪٽوبر ڪري ٿو اشارا
مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

نومبر ويو ڪونه امڪان ٿيو، هي گذريو ڊسمبر نه درمان ٿيو
ويو ڙي ويو سال اعلان ٿيو، نه ديدار حاصل ٿيو دهمان وارا
مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

سرءُ ڀي وڃي ٿي ته آخر هلي، بهارون اچن شل ڪنديون سي ڀلي
اچن ٿا اونهارا وسايون ڳلي، سمهي سوڙ هيٺان گذاريا سيارا
مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

ڀلا ايئن ٿيندا گذر سال ”صابر“، ته ڪهڙا اسان جا ٿيندا حال ”صابر“
خدائي ڪندو شل ڀلا ڀال ”صابر“، وري نيڻ پسندا اهي ئي نظارا
مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

25 فيبروري 1981ع