بزم گلشن لطيف شڪارپور
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرينءَ جو،
شاهه
اها ته سڀني کي سڌ آهي ته سنڌي ادب قديم ادب آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هر حصي ۾ ڪيتريون ئي ادبي جماعتون، سوسائٽيون ۽ بزمون، انجمنون قائم ڪيون ويون آهن. جتي ادب جا متوالا ادب جي پرچار ڪري اهو ٻڌائيندا آهن ته اسان جو ادب جيئن قديم آهي تيئن اسان جي ثقافت به!
اسان جي ادب ۾ لوڪ ڪهاڻيون، گيت، غزل، ڏهيڙا، آکاڻيون، مضمون، تقريرون، بيت ۽ پهاڪا چڱيءَ طرح چٽا آهن. اگرغور سان ڏسبو ته ان ادب کي اوسر ڏيڻ ۾ شاعريءَ جي حصي گهڻي کان گهڻي مدد ڏئي اسان تائين پهچايو آهي. اوهين قرآن شريف کي پڙهو ۽ هوڏانهن شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪيو ته ڇا تِر جيترو به فرق ڪڍي سگهندؤ، نه! ان لاءِ ته شاهه صاحب خود فرمايو آهي؛
جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آهين،
نيو من لائين پريان سندي پار ڏي،
شاهه
ڪٿي تقرير هلندي ته ايترو ڌيان ڏئي ڪونه ٻڌبو جيستائين ان ۾ شعر يا بيت موجب مثال نه چيا وڃن مطلب ته هر منجهيل مسئلي کي شاعريءَ ۾ آسانيءَ سان سمائي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته نظم ڳائڻ ۾ سولو، سمجهڻ ۾ آسان آهي ٻڌڻ وارو غور سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ڪڏهن به تقرير ٻڌڻ واري وانگر بيزاريءَ جو اظهار نه ڪندو، ان لاءِ آءٌ چوندس ته نظم جو نثر کان اتم درجو آهي.
انهيءَ ئي مقصد خاطر شڪارپور شهر ۾ هڪ نئين بزم ”بزم گلشن لطيف“ جو اڄ بنياد رکيو وڃي ٿو. 23 جنوري 1973ع افتتاحي مشاعره به ”سيرت النبيﷺ“ جي موضوع تي منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن جو سمورو انتظام محترم رحمت الله شوق جن ڪيو اهڙن جوانن کي جس هجي، هن مشاعري ۾ ڪيترن شاعرن، پنهنجي نڪور نظمن ۽ غزلن کي پيش ڪيو.
رهبرن جا پتا پيچرا منزل تي پهچائڻ لاءِ هوندا آهن مگر سچ کان هرڪو سرندو ٿو وڃي ۽ ڪوڙ ڏانهن ڪڏندو ٿو وڃي جيئن ته هن بزم جو نالو ”بزم گلشن لطيف“ رکيو ويو آهي، اِن مناسبت سان مان هڪ راءِ پيش ڪندس ته سهڻي لطيف جي رسالي مان هر سڏايل مشاعري ۾ منڍ کان وٺي هر بيت جو نمبروار ترجمو سمجهاڻيءَ سميت پيش ڪرڻ جو پروگرام بنايو وڃي ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو عزم ڪريون. متان اسان جو مهربان رب جل جلالہ اسان کي هن ڪوڙي دنيا جي ڪلورن کان بچائي پنهنجي پناهه ڏي.
اميد آهي اسان جا دوست ادبي خدمت ۾ ساٿ ونڊائي بزم گلشن لطيف سان ساٿ ڏئي همدرديءَ جو ثبوت ڏيندا.
قريشي نعيم الله ”صابر“