شاعري

واڪا منهنجي وس

واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
Title Cover of book واڪا منهنجي وس

عاشقن لاءِ يار جو ديدار ئي بس عيد آ

بلبلن لاءِ بوستان جو خار ئي بس عيد آ،
عاشقن لاءِ يار جو ديدار ئي بس عيد آ،

جنهن جي خاطر روز شب آهون ڀريان دانهون ڪريان،
هڪ دفعو ان جو کلڻ کيڪار ئي بس عيد آ،

گل ۽ بلبل جي طرح معشوق ۽ عاشق رهن،
ٿا چون هو ٻئي اهو هٻڪار ئي بس عيد آ،

جي گهري سر ڀي سڄڻ انڪار عاشق کي نه آ،
عشق اڳيان حسن جو اقرار ئي بس عيد آ،

عشق وارن کي نه لالچ نا طمع تر جيتري،
هن جي لاءِ دلدار جو جنسار ئي بس عيد آ،

لک شڪر لائق سدا آ قرب ڪافي يار جو،
اي دل نه تڪ ٻي ڪنهن طرف ڀوتار ئي بس عيد آ،

جي وري ”صابر“ حقيقت ۾ ڪرين هڪڙي نظر،
جڳ سڄو آهي خوشي سنسار ئي بس عيد آ،

1981ع