پنهنجي گهر ۾ سکي ٿي گذارين
متان پنهنجا اباڻا وسارين
سس پنهنجي سمجهجاءِ ماءُ
پنهنجي سوهري جو رکجاءِ سماءُ
پنهنجي ڏيرن کي ڀانئجاءِ ڀاءُ
تن سڀن سان گڏجي ٿي گهارين
نه ڪي ڏيراڻين کي ڏکائج
نه نڻاڻن ڏي ئي تون نهارج
پنهجون ڀينر انهن کي ئي ڀانئج
پنهنجي مڃتا ڪري تون ڏيکارين
گهوٽ پنهنجي سان گڏجي رهج تون
جيئن چوَئي اهو سو مڃج تون
ڏينهن ڏکيا سکيا ڀي سهج تون
جيئن گذارن ٿيون زالون هزارين
30 اپريل 1982
نعيمه جي شادي تي چيل ڪلام