شاعري

واڪا منهنجي وس

واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
Title Cover of book واڪا منهنجي وس

قطعا ۽ بيت

ٻڌي ٻول تنهنجا اي مٺا ٿيو مونکي اندازو
خوشين جي توکي ناهي خبر آهين جنازو
رڳو تن اٿي تازو نه ته اندر ۾آزار ٿي

27 سيپٽمبر 1984ع

***

شرم وحياء جو پتلو آ سڀڪو سڃاڻي
عورت ذات عجيب آ، جا ڄاڻي ۽ واڻي
ٿي راڻن کي راڻي ريهي رکي ريب ۾

10 آڪٽوبر 1984ع

***

تو سوا محبوب مان ڪاڏي وڃان ڪنهن سان ملان
ڪير ايندو مونڏي دلبر ڪنهن کي کيڪاري کلان
ڪي نظارا منهنجي نيڻن ڀي ڪيا محفوظ هن
تنهن ڪري اويار ڪڏهين ڪين ٿو روئي سگهان

12 آڪٽوبر 1984ع

***

[b]قطعو[/b]

محبت مٺڙين ڳالهين سان آ نفرت بد ڪلاميءَ کان
جو ڪنڌ جهڪي سو ڪنڌ ڪپيو ڪنهن جابر جي ته سلاميءَ کان
هي ديس جي ڌرتي هاڻي دليرن شهزورن کي پرتي آ
غيرتمند انهيءَ کي سانڍي رکندا غير غلاميءَ کان

***

[b]قطعو[/b]

اي ڌڻي تو در جهڪن شاهه وگدا
با ادب مان ڀي ڪريان ٿو التجا

يا خدا يا عاقبت بالخير ڪر
هن جهان وارن ڏنا آهن ڏجها

تنهنجي قدرت ڪنهن نه سمجهي آ سگهي
معاف ڪر منهنجون خطائون يا خدا

***

[b]قطعو
[/b]
ڪي سوڍا سيج سجائي ويا
ڪي جوڌا جڳ جياري ويا
ڪي ماڻڪ موتي ميڙن ٿا
ڪي هيرا هيرا ڏاري ويا

25 جنوري 1987ع

***

واسينگ جيان زلف جنين مونکي ڏنگيو آ
واهه واهه مروٽي تو تنين کي به ڏنگيو آ

ابروءَ جي ڪمانيءَ مان پنبڻن جا ڪڍين ڪان
اکڙين جي اشارن کي به تو ڪين کنگهيو آ

***
سڄڻ سور ايڏا ڏئي ڪر نه ساڻو
اوهان کي هي منهن عرض آ نماڻو

مان انسان آهيان ڪيو پيار آهي
هوس حرص تي مان به ناهيان وڪاڻو

***

[b]قطعو[/b]

اهو تو نه ڄاتو مون ڪيئن ڏينهن گذاريو
الائي به ڇا کئون تو واعدو وساريو
ڪيهءِ پاڻ انجام ايندس سڀاڻي
مٺا ڏينهن سارو مون ويٺي گذاريو

17 سيپٽمبر 1984

***

[b]بيت[/b]

ظالم ٿو ڪرين ظلم تون ڇاڪاڻ سدائين
پر واحدِ قهار به آ تنهنجي مٿاهين

19 سيپٽمبر 1984ع

***

[b]قطعو[/b]

اڄ اڳڻ تي محب منهنجو مرڪندو ايندو وري
چاهه پنهنجي ۾ ڪئي جنهن دل کڻي منهنجي چري
دم اگر هڪڙو پري ٿي بيقراري ٿي وڌي
ننڊ ۽ آرام ڪونهي جان ڀي پئي آ ڳري

5 سيپٽمبر 1985ع

***

[b]قطعو[/b]

اڄ ڪيو آ تو سڄڻ واعدو وفاداريءَ جو
تو کنيو اهڙو قدم آهي قربداريءَ جو
هي نه آ واپار جنهن ۾ ڪو نفعو نقصان ٿئي
ڪنهن جي دل راضي ڪرڻ آ ڪم رضاڪاريءَ جو

16 سيپٽمبر 1984ع

***

[b]قطعو[/b]

مُنهن اگهاڙيون مينڌريون ڏسي ڪير چوي
رئو ته رکيل آ ڳچيءَ ۾ سو مٿي ڪين پوي
چارو ناهي چوڻ جو پر روح به نه ٿو رهي
شل تن کي شرم پوي جو پردي ۾ ٻيهر پسان

5 آڪٽوبر 1989ع

***

[b]قطعو
[/b]
جهڙا گل گلاب جا تهڙا پهرن ويس
اڇن وارن واريون هڻن ڪارا ڪيس
لُڏن لمن ڪيئن ٿيون مارن نٿيون ميس
لڏي ويا درويش ڪيئن ڏسن ها منهن اگهاڙيون

16 آڪٽوبر1984ع

***

[b]قطعو[/b]

ڌڻِي تنهنجي دنيا گهڻي آ نرالي
شهنشاهه گداگر به تو وٽ سوالي
غريبن جو تون ئي نگهبان آهين
تون بخشيندين بندا مُلان ۽ مَوالي

25 سيپٽمبر 1984ع

***

اچين جي اڱڻ منهنجي لال وڳو پائي
چميون ڏيئي چاهه سان توکي ڳل لائي
سيني ۾ سمائي درد سمورا دور ڪيان

3 نومبر 1984ع

***

عشق وارن جي اکين ۾ اشڪ نت جاري ڏٺم
انڪري تصوير تنهنجي مون بنائي ڪانه آ
مسڪرائڻ تنهنجو ٽڙندڙ گل جيان
ٻين کي کلندي ملي خواري ڏٺم

****

ڇو نه ڇاتين کي ڪيو ڇاڻيون ڇلي
ته به اسان جورت ست سنڌ جي بلي
منهنجو مارن کي اهو پيغام آ
ڀل اسان جو لاش مٽيءَ ۾ مِلي

9 ڊسمبر 1984ع

***

نگاهون تيز خنجر جان هڻين ٿو گھوري گڙ پائي
اهو انسان ڪهڙو خوش ٿئي جو ٻئي کي تڙپائي

8 ڊسمبر 1984ع

***

واهه جي رونق واهه جي محفل
واهه جو ماضي واهه مستقبل
لوڏا لهرون لڙهي لڌو آ
اسين به پنهنجو ساحل


اهڙي منزل تي اچي چڪو آهيان،
پوئتي هٽڻ لاءِ ضمير اجازت نٿو ڏئي،
اڳتي وڌڻ کان دل مجبور آهي،

****

ورائي ويرن کي ڏيڻ ويڻ آئي،
سڀئي چئو اسان جي اها ڀيڻ آئي،
نه ڪي بند جو ڀئو سزا جو ڪو خوف،
نياپي نئين سان ڀري نيڻ آئي.

***

[b]قطعات[/b]

ڇا پڇو ٿا مان ڪهاڻي ڇا ڪريان
عيد تي آيو نه جاني ڇا ڪريان
ڪو شريڪِ غم نه دنيا ۾ رهيو
ڪا نه آئي آ نشاني ڇا ڪريان

ڪجهه غور ڪر غريب جي تنهنجي هٿ آ حياتي
سيني ٿڌي سان سوچ نه ٿي جانب جذباتي
ڇو پيار ڏئي ايڏو ٿي پر ڀرو بيٺين
ههڙي ڪا منهنجي ٿيندي حالت نه سڃاتي

11 نومبر 1984

***

اکين کي اڄ مون چيو ڏسي چپ ڪيو
هي دنيا جو ڌنڌو آهي ايئن هلندو پيو
هر ڪو بي وفا ٿيو آهي هت هن دؤر ۾

7 جولاءِ 1985

***

وستيءَ وستيءَ ويراني شهرن ۾ دهشت گردي آ
اوٽ امن جي وٺي ڪري ٿو حملو تنهن کي وردي آ
ڏينهن ڏٺي جو چوريون ڌاڙا اغوا ڦرلٽ جاري آ
هن موسم ۾ منهنجا سائين آئي ڪٿان بي دردي آ

***

باغ جو باني هيو سو باغبان ڪاڏي ويو،
مالڪِ محفل هيو سو پاسبان ڪاڏي ويو،
ان شِوالي ۾ اها محفل اها رونق نه آ،
سنت چترو رام هو سو مهربان ڪاڏي ويو،

20 جون 1973

***

وري ڀي حسرتون رهنديون ڇڏيو ڇاهي دنيا وارن،
انهن کان ڪنهن پڇيو ڀي آ سڏيو ڇاهي دنيا وارن،
اسان زر جي ته زنجيرن کان مَس آزاد ٿيا آهيون،
اسان راهي رڻن جا هون گڏيو ڇا هي دنيا وارن،

1981ع

***

ليڊرن جا ٻار ٿا ٻاهر پڙهن، حاڪمن جا ٻار ٿا ٻاهر پڙهن،
هت به آ تعليم جو چرچو وڏو داخلا لاءِ مسئلا ٿا منهن چڙهن،
ٻار هاريءَ جو اگهاڙي انگ آ جاءِ تنهن کي ڀي تڏي تي تنگ آ،
ٻار واپاريءَ جي پٽ جا ٿا وڻن، ليڊرن جا ٻار ٿا ٻاهر پڙهن،

20 جنوري 1986ع