شاعري

واڪا منهنجي وس

واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
Title Cover of book واڪا منهنجي وس

پهرين ورسي - بابا عبدالرحمٰن مست

مست بابا جي عقيدت جو آ سامهون سوال ٿيو
جنهن کان وڇڙي اڄ اسان کي آهي پورو سال ٿيو

مرتبو منزل انهيءَ جي سمجهه منهنجيءَ کان مٿي
هن جي همسر ڪو نه ڪو اوتاد يا ابدال ٿيو

مام مستن جي نه ڄاڻي عام جو ناقص عقل
منڪشف ڪنهن تي نه تن جو اڄ تائين احوال ٿيو

جن سندس خدمت ڪئي ڏس سي ويا مخدوم ٿي
ڪو سدا خوشحال ٿيو ڪو صاحب اقبال ٿيو

جو به دامنگير ٿيو تنهنجي کلي ويا دل جا در
فيض جي رنگ ۾ وڃي رنگجي ڪوئي آ لال ٿيو

جن جي دل آ چوٽ کاڌي تن کان پڇ ”صابر“ خبر
هوش کان بيهوش ڪو، ڪو حال کان بيحال ٿيو

بسلسله پهرين ورسي 1972ع