شاعري

واڪا منهنجي وس

واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
Title Cover of book واڪا منهنجي وس

  غريب جو گذارو

غريب جو گذارو ڏاڍو ڏکيو ٿيو آهي
ڪاڏي وڃي ويچارو ٽنگجي پيو آ ڦاهي

پيٽ نه پالي ٻارن جو انگ اگهاڙو آ اڪثر
پيادو سفر ڪري ٿو هن کي کاڌو نه آهي ميسر

ڪٿي هو وڃي ٻار پنهنجا پڙهائي
سدائين آ خوش هو پيو ڍور چاري

وڃي ڪاڏي آخر هو بيمار ٿيندو
ڦڪيون پيو ڦڪيندو تڏهن تيار ٿيندو

بار وڏو ڪم ڪار جو هن تي چستي هردم چاهي
غريب جو گذارو ڏاڍو ڏکيو ٿيو آهي

ملي ڪڪڙ کان مڇي مهانگي، گوشت نه ڪوئي کائي
ميوي جي لاءِ ماندو هر ڪو ويٺو ساهه سِڪائي

پچي دال ماني ڀلو ڀاڳ آهي
ڪُني ۾ پَلِي ۽ سِرنهَن ساڳ آهي

چڙهي چوٽ اَگهه هر شيءِ جو ويو آ
خبر ناهي ڪهڙو اهو در کليو آ

ڪٿان اچي هن ڏيهه ۾ هاڻي ڏڪر پيو آ ڪاهي
غريب جو گذارو ڏاڍو ڏکيو ٿيو آهي

ملهه نه آ محنت جو پورو پورهئي تي آهي پهرو
ظالم جي صورت ۾ آهي ڏاڍو سهڻو چهرو

عدل ڀي نه هن کي پلهءِ پئي سگهي ٿو
مري هو تڏهن ئي بکن جي وگهي ٿو

نظر ۾ نه آيو ڪو هن کي سهارو
الائي ڇو پنهنجا ڪري ويا ڪنارو

ڏکيءَ سکيءَ ۾ هو ته وڃي ٿو ”صابر ساٿ نباهي
غريب جو گذارو ڏاڍو ڏکيو ٿيو آهي

18 جولاءِ 1990ع