جاڳ ڀٽائي
ڀلو ٿئي ڪو ڀاڳ ڀٽائي
سورن ۾ آ سنڌڙي ساري
محبت جو هو ماڳ ڀٽائي
تون ته دعائون دل سان ڏنيون
ڳايان ٿو سو راڳ ڀٽائي
بيڏوهي ٿا ڪونڌر ڪُسجن
سورهيه ٿيا نه سجاڳ ڀٽائي
خون جي هولي آهي هر هنڌ
گهر گهر ۾ آ آڳ ڀٽائي
مارون تنهنجا مُرڪن ڇَا تَي؟
فرقت جو آ داڳ ڀٽائي
تنهنجا پير پون گهَٽَ گهَٽَ تي
جود وري سي جهاڳ ڀٽائي
تو ته چيو سنسار سنورجي
مٽجي ويو آ ماڳ ڀٽائي
امن، عدل خوشحالي ايندي
ڪنهن کي ملندي واڳ ڀٽائي
مون کي ايڏا سک نه گهرجن
دال ملي يا ساڳ ڀٽائي
موت نه آهي مِهڻو ”صابر“
لُٽجي روز سُهاڳ ڀٽائي