شاعري

واڪا منهنجي وس

واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
Title Cover of book واڪا منهنجي وس

  ياد آ

زندگيءَ جو ڪو زمانو ياد آ،
وقت جو هر هڪ فسانو ياد آ،

ڪهڙا ڪهڙا ڪِيس ٿيا ڪنهن کي چوان،
درد جو هر داستانو ياد آ،

ظلم زوري ۽ زبردستيءَ ٿيو،
خون جو ناحق نشانو ياد آ،

بي سرو سامان ڪي بي گهر ٿيا،
ڪنهن جو لٽجي ويو خزانو ياد آ،

دل ٽٽي ڪنهن جي جگر ڪنهن کان ڇڳا،
۽ جليو ڪٿ آشيانو ياد آ،

لاش هر هڪ شهر واهڻ ۾ ويا،
سو حشر تازو توانو ياد آ،

نور چشمن جو نظر اڳيان ڪسڻ،
تن جو هر دم تازيانو ياد آ،

هيئن ته بيدردي اڳي اهڙي نه ٿي،
بي حسي اي حڪمرانو ياد آ،

ڪيئي ڪونڌر ويا ڪپائي ڪنڌَ پر،
خواب ڏيئي ويا سهانو ياد آ،

ديس جي ڌرتيءَ سان رکجي ٿو پيار،
اهڙو ئي هر دم ترانو ياد آ،

سڀ اداسي ديس واسي ڇا ٿيو؟
دورُ ٿيو اهڙو ديوانو ياد آ،

هاڻي غور وفڪر جي آهي گهڙي،
هي ڏنو آهي بيعانو ياد آ،

قيد ۾ ڪو ۽ ڪڙيون ڪنهن کي لڳيون،
قافلو ڪيئن ٿيو روانو ياد آ،

جنهن کي اسلح سو بڻيو قانون دان،
هي تحفظ جو بهانو ياد آ،

ظلم هو انڌير هو ”صابر“ سڄو،
ڪيئن کسيو ويو آستانو ياد آ،

15 اپريل 1991ع