شاعري

واڪا منهنجي وس

واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
Title Cover of book واڪا منهنجي وس

ڏينهون ڏينهن في نه وڌاءِ


ڏينهون ڏينهن في نه وڌاءِ
او ڊاڪٽر ايئن نه ڏکاءِ

اڳي هئي نبض ڏساڻي ويهه
وڌائي تنهن کان پوءِ ڪيئي ٽيهه
وٺين ٿو هاڻي پنجاهه- او ڊاڪٽر ايئن نه ڏکاءِ

ڪڏهن ڪو قياس به دل ۾ ڌار
مريضن جو آهين آڌار
غريبن کي نه کڻي رنجاءِ - او ڊاڪٽر ايئن نه ڏکاءِ

چئون ٿا توکي اعلى انسان
لياقت خاص مٿاهون مان
ڪري همدردي ڏي دلجاءِ - او ڊاڪٽر ايئن نه ڏکاءِ

دوائون دوستن جي لاءِ جام
مٽن ۽ مائٽن جي لاءِ عام
ليبل اَين اَي(N.A) جو عوام جي لاءِ - او ڊاڪٽر ايئن نه ڏکاءِ

رهي ٿو خالي سدا دفتر
وسائي ويهين ٿو چيمبر
چوي ٿو نائڪ سڀاڻي آءُ- او ڊاڪٽر ايئن نه ڏکاءِ

مٿي ۾ لٺ لڳهءِ جي هڪ
ڪئي تو مارشل لا تائين ڇڪ
تڏهن به ٿيئي نه بچاءُ - او ڊاڪٽر ايئن نه ڏکاءِ

خاص ڊاڪٽر عبدالقيوم ”طراز“ شيخ لاءِ

1 ڊسمبر 1983ع