نعت 2
لک مبارڪ مؤمنو اڄ مصطفى پيدا ٿيو،
حمد صلوٰتون پڙهئون ٿا عيد آ ميلاد جي،
جو اسان جي ديس رب جو دلربا پيدا ٿيو،
”لک مبارڪ مومنو، اڄ مصطفيٰﷺ پيدا ٿيو“
لک سوا پيغمبرن جو، پيشوا پيدا ٿيو،
ظلم زوري جي زماني ۾ جنم جنهن جو ٿيو
سو اسان جو ئي نبي نور الهديٰ پيدا ٿيو
جنهن نئون دستور دنيا کي ڏنو اي مومنو،
دينَ ڪاملَ جو آ رهبر، رهنما پيدا ٿيو،
قول ان جي تان اسان، قربان پنهنجو سر ڪيون،
جيئين چيو آ تيئن ڪيو ، نائب خدا پيدا ٿيو،
زندگي نياڻين نماڻين جي به جنهن رحمت چئي،
سو نبي خير البشر خير الوريٰ پيدا ٿيو،
رحمت اللعالمين آ رحمدل، صادق، امين،
آسرو عاصين اٻوجهن، جو ادا پيدا ٿيو،
ڪيتريون سختيون سَٺيون جنگ و جدل ”صابر“ ڪيا،
حق جو حامي حبيبِ ڪبرياﷺ پيدا ٿيو،
20 جنوري 1981